Home / اسپيشل افيئر / ڇا نواز شريف حڪومت خلاف سازش ٿي رهي آهي؟
above article banner

ڇا نواز شريف حڪومت خلاف سازش ٿي رهي آهي؟

Zahid Hussainڇا حڪومت کي هٽائڻ لاءِ حقيقت ۾ آءِ ايس آءِ ڪا سازش ڪري رهي هئي يا اها ڪا سازشي ۽ غير حقيقي تصوراتي ڪهاڻي آهي؟ مشاهد الله خان طرفان ڏنل بيان خواجه آصف جي بيان کان مختلف ڪيئن هو؟ جڏهن ته ٻنهي وزيرن هڪ جهڙي انداز ۾ اڳوڻي چيف تي الزام هنيو ته پوءِ ڪهڙو سبب هو جو هڪ کي وزارت مان ڪڍيو ويو جڏهن ته ٻئي کي ڪجهه به نه چيو ويو؟ ڇا ان ڳالهه جي ڪا تُڪ سمجهه ۾ اچي ٿي؟

اهو الزام ڪيترو سنجيده آهي جو ان کي بنا ڇنڊڇاڻ جي ڇڏي نه ٿو سگهجي. ڪابينا جي ٻن سينيئر وزيرن طرفان ڏنل بيان کي سندن ذاتي خيال چئي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. ماحولياتي تبديلي جي وزير مشاهدالله خان کي هٽائڻ سان سول ملٽري لاڳاپن ۾ موجود ڇڪتاڻ جو معاملو ختم نه ٿيندو. ٻن شريفن-وزيراعظم-آرمي چيف، جي وچ ۾ معاملا ٺيڪ ٿيا پئي ته هڪ ٻئي بيان سبب انهن ۾ وري دوري ٿي وئي آهي. اڳتي ڇا ٿيندو؟

هي پهريون ڀيرو ناهي جو اسان اهڙا افواهه ٻڌا هجن ته جنرل، عمران خان جي ڌرڻن پويان هئا، جيڪا ڳالهه مسلم ليگ ن جا ليڊر سرٻاٽ ۾ ڪندا هئا هاڻي اهي کليل نموني ڪري رهيا آهن. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ڪيترن ئي ماڻهن ان ڳالهه ڏانهن اشارو ڪيو ته اهي گرفتار ٿي سگهن ٿا. گذريل سال ان بابت ڪجهه رپورٽون به اڳيان آيون هيون ته جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي ها ته وزيراعظم جنرل ظهيرالسلام کي هٽائڻ تي غور ڪري رهيو هو ليڪن گذريل سال آگسٽ جي آخر تائين طاقت جو توازن اڳ ۾ ئي جي ايڇ ڪيو طرف جهڪي چڪو هو ۽ هاڻي ڪو به فيصلو ڪرڻ جو اختيار اتي ئي هو. اهڙي ڪنهن فيصلي ۾ خطرو وڌيڪ هو- ڪهاڻي اڳتي وڌي ٿي. آڪٽوبر 2014ع ۾ جنرل ظهير رٽائرڊ ٿي ويو ۽ بهتر جنرل راحيل شريف نظام بچائي ورتو! ڇا اهو سڀ ڪجهه ايترو ئي سادو هو؟ ڇا ڪجهه جنرل گڏجي سول ۽ ملٽري ليڊر شپ کي ايتري سولائي سان هٽائي سگهن ٿا؟ ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته هن وقت پينڊورا باڪس کولڻ جي ضرورت ڇا هئي؟

پڪ سان ان معاملي جو ڳانڍاپو 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي تحقيق ڪندڙ ڪميشن جي فيصلي سان آهي جنهن مسلم ليگ ن کي ڪنهن به منظم ڌانڌلي جي الزام کان بري ڪري ڇڏيو آهي. جائز حڪومت جي ٻيهر ملڻ واري سرٽيفڪيٽ ن ليگي حڪومت کي پراعتماد بڻائي ڇڏيو آهي پر ان معاملي کي کڻي. پهرين گولي شهباز شريف هلائي، پنجاب جي طاقتور وزيراعليٰ “ڌرڻا سازش” جي تحقيقات جو مطالبو ڪيو ان کان پوءِ وارو هو گهڻ ڳالهائو وزيرِ دفاع جو، جنهن نه رڳو سازش جو ڀانڊو ڦاڙيو بلڪه سازشين جا نالا به ورتا ۽ اهو پڻ چيو ته آءِ ايس آءِ وارا هئا. پهرين رٽائرڊ جنرل شجاع پاشا، عمران خان کي پارٽي ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي، ان کان پوءِ جنرل ظهير لانگ مارچ ۽ ڌرڻي جو ماسٽر مائينڊ بڻجي سامهون آيو.

بهرحال آخري سگهارو بم مشاهدالله طرفان آيو، جنهن ان وقت جي آءِ ايس آءِ چيف جي پي ٽي آءِ جي ڌرڻي جي حوالي سان ڪنهن فون ٽيپ ڪرڻ بابت ڪٿا ٻڌائي، کيس اندازو نه هو ته هو روبي ڪون پار ڪري جنگ جو اعلان ڪري چڪو آهي. سول ۽ ملٽري قيادتن طرفان اهڙي ڪنهن به ٽيپ جي موجودگي جي سختي سان ترديد ڪئي وئي، ان هوندي به آءِ ايس آءِ جي حڪومت خلاف سازش بابت نهايت ئي وڏي سازشي خاموشي اختيار ڪئي وئي آهي. وزيراعظم هائوس ۽ آءِ ايس پي آر طرفان وزيرِ دفاع جي بيان جي ترديد ڇو اڳيان نه آئي؟ ڇا ان جي ڳالهه ۾ ڪا سچائي موجود هئي؟ جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ جيڪي ماڻهو جائز آئيني حڪومت جي خلاف سازشن جا مرتڪب ٿيا تن خلاف ڪا ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟

ان مان هڪ ٻيو سوال پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن ان الزام ۾ ڪا صداقت موجود آهي ته ڇا سڀ ڪجهه آءِ ايس آءِ چيف پنهنجي مرضي سان ڪري رهيو هو؟ قانوني طور تي آءِ ايس آءِ چيف سڌي ريت وزيراعظم کي جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي ليڪن وزيراعظم جو ڪنٽرول نالي ماتر آهي. پر اها ڳالهه به درست نه آهي ته آءِ ايس آءِ جو چيف جيڪو وڻي سو ڪندو وتي ۽ کانئس ڪو پڇڻ وارو به نه آهي. عملي طور تي آءِ ايس آءِ چيف آرمي چيف جي ماتحت هوندو آهي ۽ کانئس هدايتون به وٺندو آهي. ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ نه آهي ته ملڪ ۾ دفاعي اداري جي سياسي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ لاءِ آءِ ايس آءِ ئي فوج جي مددگار بڻبي آهي ليڪن ان ڳالهه جو ڪو مثال نٿو ملي ته ڪڏهن آءِ ايس آءِ چيف پنهنجي ذاتي سياسي ايجنڊا لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هجي.

ان ڪري اهو دليل سمجهه کان مٿاهون آهي ته رٽائرڊ جنرل پاشا ۽ جنرل ظهير پنهنجي ئي مرضي سان سڀ ڪجهه ڪري رهيا هئا، ان ڳالهه تي يقين ڪرڻ به ڏکيو آهي ته آرمي چيف اهڙي ڪنهن سازش کان بي خبر هو، جنهن جو مقصد کيس هٽائڻ هو. ڇا ان جو مطلب اهو نٿو نڪري ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻن دوران نئين آرمي چيف جو پنهنجي جنرلن تي ڪو به ڪنٽرول نه هو؟ هتي سازش جي ڪهاڻي وڌيڪ پيچيده ٿي وڃي ٿي.

هي ڳالهه يقيني آهي ته آرمي چيف عمران قادري جي ڌرڻن جي سياست ۾ انتهائي خراب طريقي سان ڦاسي پيو هو جڏهن مظاهرو ڪندڙ شاهراههِ دستور تي آپي کان ٻاهر ٿي رهيا هئا، پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته فوج طرفان اها تنبيهه جاري ڪرڻ ته مظاهرو ڪندڙن خلاف طاقت استعمال نه ڪئي وڃي ان ڳالهه ڏانهن اشارو هو ته مشڪل وقت اچڻ تي فوج حڪومت سان نه بيهندي.

شايد ان ڳالهه سبب ئي عمران خان اعلان ڪري ڇڏيو ته “ايمپائر جي آڱر کڄڻ واري آهي.” هڪ مرحلي تي فوج جي مداخلت بلڪل اڻٽر پئي لڳي. اها ڳالهه به ذهن ۾ رهڻ گهرجي ته هن وقت جنرل مشرف خلاف بغاوت جي ڪيس جي ڪري سول ملٽري لاڳاپا بلڪل هيٺين سطح تي آهن. ظاهري طرح پارليامينٽ جي ڊگهي اجلاس صورتحال کي ٽاري ڇڏيو، ان دوران عمران خان ملڪ کي جام ڪرڻ جي پنهنجي ڏنل ڌمڪي کي عملي جامو پهرائڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو هو.

تنهن هوندي به نواز شريف ڪو واضح فاتح بڻجي نه اڀريو آهي. بحران سبب هو وڌيڪ ڪمزور پوزيشن ۾ سامهون آيو آهي ۽ فوج پنهنجو اثر رسوخ مڃائي ورتو آهي. هاڻي ڊرائيونگ سيٽ تي وزيراعظم شريف نه بلڪه هڪ ٻيو شريف به براجمان آهي. هر وڏي مسئلي ۾ هو نمايان نظر اچي ٿو، ان ڳالهه تي ڪا حيرانگي ناهي ته جنرل راحيل آرمي جي ريٽنگ کي تاريخ جي انتهائي بلند سطح تي وٺي وڃي چڪو آهي.

ڌرڻي کان پوءِ وارو دور طاقت کي ورهائڻ وارو زمانو لڳي ٿو، هاڻي داخلي سيڪيورٽي لاءِ سويلين شريف جو ٻئي شريف، جنرل تي ڀاڙڻ وڌي رهيو آهي. ايئن ٿو لڳي ته جيستائين حڪومت محفوظ آهي وزيراعظم کي فوج کي وڌيڪ گنجائش ڏيڻ تي ڪو به اعتراض نه آهي. پوءِ ڪيڙن واري دٻي جو ڍڪڻ لاهڻ جو ڪهڙو فائدو؟ وزيراعظم ٻيهر ٽڪراءَ جو خطرو کڻڻ جي پوزيشن ۾ ناهي ڇو ته طاقت جو توازن اڳواٽ ئي جي ايڇ ڪيو جي حق ۾ جهڪيل آهي.

ڪرٽسي ڊان

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو