Home / ويندي ويندي / ڪِيتو لوڙڻ ان کي چئبو آ
above article banner

ڪِيتو لوڙڻ ان کي چئبو آ

لاهور لاهور آ. سنڌ ۾ سياست ڪندڙ هڪ جماعت جي هڪ قائد مٿان فل سينسر جو فرمان اتان جي هاءِ ڪورٽ مان جاري ٿيو. مشڪري اداڪار عمر شريف چواڻيان فيصلي کان پوءِ هاڻ ته رڳو اهو پوئتي بچيل آهي ته قائد جي نالي وٺڻ سان نڪاح ٽُٽيو وڃي يا نه.

آئيڊيلزم جي تقاضا ته اها آهي ته اظهار جي آزادي جي نفي ڪندڙ ان فيصلي تي تنقيد ڪجي ۽ حقيقت پسند ٿجي ته ان کي ڪنهنجو ڪيتو لوڙڻ چئبو آهي. ان جماعت ۽ سندس قائد پنهنجي جاگير، ڪراچي ۾ اهڙا فرمان جاري ڪيا ۽ سالن جا سال ماڻهن توڙي ميڊيا جي چپن تي تالواهڙا ئي تالا لڳل رهيا جهڙا هاڻ سندن تي لڳا آهن. هاڻ پاڻ پنهنجي دوا ويهي چکين.

مذڪوره جماعت جو نالو متحده قومي مومينٽ آهي ۽ الطاف حسين سندن قائد آهي. ڪراچي ۾ کين نامعلوم به سڏيو ويندو هو. ڪو زمانو هيو ته ڪراچي ۾ بگهڙ ۽ ٻڪري گڏ پاڻي پيئندا هيا. رات اويلي ٽائيم رستن تي رلندڙ ماڻهو ماڻهو رڳو رولو ڪُتن، جنن ڀوتن کان ڊڄندا هيا. ستن ٺڪائن واري چاقو جو ڏهڪاءُ اڄوڪي راڪيٽ لانچر جيترو هيو. پر پوءِ ايم ڪيو ايم پيدا ٿي.بشمول جنرل ضيا جي سندن دائي هجڻ جي دعوي گهڻن جي آهي بهرحال اها حقيقت آهي ته اسي جي ڏهاڪي ۾ ڀارت مان لڏي ايندڙ آبادي ۾ سندس گهرج، ضرورت محسوس ڪئي وئي تڏهن ته ان کي اردو آبادي مان ايتري موٽ ملي جو اڃا تائين پنهنجي علائقن مان “ڀاري اڪثريت” سان کٽندا اچن.ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه هجڻ گهرجي ته اردو ٻولي ڳالهائيندڙ ان جماعت سان گڏ هيا ۽ آهن. اهو توهان اسان آڏو “ڀائي” کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ سندن ڊرامو هوندو آهي.

Picture1

سو، ان جماعت ڪراچي جو سماجي نقشو ئي مٽائي ڇڏيو. چاقو بردار لالو کيتي يا هنٽر بردار مڪراني سندن هٿيارن ۽ ڏهڪاءُ آڏو بانبڙا پائيندڙ ٻار لڳڻ لڳا ان ڪري سندن رواج متروڪ ٿي ويو. هاڻ نامعلوم جو زمانو هيو. ڪراچي ۾ زنده رهڻ لاءِ سيلف سينسر شپ ضروري ٿي پيو. اخبارن ۾ سندن بابت ڪابه اهڙي خبر جيڪا سندن لاءِ قابل قبول نه هجي سا نه لڳي. صحافي سندن باري ۾ اشارن جي زبان ڳالهائن. پوءِ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو زمانو آيو. صحافين جي ڪليئرنس نائين زيرو تان اچڻ لڳي. ولي بابر پارا صحافي رڳو نه وڻڻ سبب عرش ڏي موڪليا وڃن. جيڪو ميڊيا هائوس سندن اشاري تي اٿ ويهه نه ڪري تنهن سان نامعلوم ماڻهو اهڙي تعدي ڪن جو آئنده هر خبر روڪي به لنڊن مان جاري ٿيل پريس رليز هلائن. جنرل مشرف جي دور اقتدار سندن ڏهڪاءُ ۾ چار چنڊ لڳائي ڇڏيا.

هاڻ ٿاڻا سندن دفتر طور ڪم ڪرڻ لڳا. اڄ جيڪو گند ڪراچي آپريشن جي نالي ۾ صاف ڪيو پيو وڃي سو جنرل پرويز مشرف جي مهربانين سان ڪراچي ۾ ظاهر ٿيو. بشمول چائنا ڪٽنگ جي.

پر پوءِ مٿين ماڻهن، بالا آفيسرن، پنڊي وارن پنهنجي پاليسي تبديل ڪئي. رياست اندر رياست رکڻ جو حق پاڻ کان سواءِ ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ ترڪ ڪيو ويو. هاڻ ايم ڪيو ايم مظلوميت جو راڳ ڳائيندي وتي. نامعلوم ،معلوم ٿي ويا.

نائين زيرو هماليه جبل جي چوٽي نه رهي. لنڊن مان سڌي ريت خطاب سڌي ريت نه رهيا. ڪراچي ۾ شهري کڙڪن تي پانچا آلا ڪرڻ جي عادت ترڪ ڪرڻ لڳا.

لاهور جي هائيڪورٽ کي اظهار جي آزادي ڏيڻ کپي. اهو فيصلو هاڻ سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿي چڪو آهي. ڌڻي ڪندو ته خلق لنڊن مان سڌي ريت خطابن مان محظوظ ٿيندي رهندي. پر ايندڙ وقت ۾ اهو ضرور لکيو ويندو ته ايم ڪيو ايم پاڻ جنهن زهر جون وٽيون ڀري مخالفن کي پياريندي رهي سو ئي زهر نيٺ هڪ ڏينهن سندس آڏو اچي ويو. هاڻ ويٺا ٿو ٿو ڪن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو