Home / دنيا / افغانستان گهرو ويڙهه جي پنڌ تي!
above article banner

افغانستان گهرو ويڙهه جي پنڌ تي!

Ahmed Rashidافغانستان هڪ وڏي بحران جي ور چڙهيل نظر اچي ٿو، ڇو ته افغان حڪومت ۽ ويڙهاڪ گروهن وچ ۾ ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار آهن. جڏهن ته طالبان هڪ ڪمزور حڪومت خلاف حملن ۾ تيزي آڻي رهيا آهن. هيلتائين طالبان هلمند جي هڪ وڏي حصي، جنهن ۾ وڏي اهميت رکندڙ ضلعي هيڊ ڪوارٽر موسيٰ قلعه به شامل آهي، تي قبضو ڪري چڪا آهن. اهي اتر ۽ اوڀر ۾ طاقت حاصل ڪندي وڌيڪ علائقن تي پنهنجي گرفت حاصل ڪري رهيا آهن. گذريل ڪجهه هفتن دوران ڪابل تي ڪيل حملن ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ ۽ ڪيترائي زخمي ٿي چڪا آهن، انهن حملن ۾ ايندڙ تيزي افغانستان جي مستقبل کي غير يقيني بڻائي رهي آهي.

طالبان اڳواڻ ملا محمد عمر جي موت جي انڪشاف افغانستان، طالبان ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ ڊيڊ لاڪ پئدا ڪري ڇڏيو. هاڻي طالبان طرفان ٻڌايو ويو آهي ته ملا عمر 2013ع ۾ لاڏاڻو ڪري چڪو هو ليڪن طالبان “جهاد” متاثر ٿيڻ ۽ پنهنجي صفن ۾ پئدا ٿيندڙ انتشار کي نظر ۾ رکندي سندس موت کي ڳجهو رکيو. ڳالهه ٻولهه اڳتي نه وڌڻ ۽ حملن ۾ تيزي اچڻ سبب افغان عملدارن پاڪستان تي الزام مڙهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ته اهو طالبان کي ڪنٽرول نه پيو ڪري.

Tolo نيوز (افغانستان جو پهريون نيوز چينل) موجب صدر اشرف غني جي مقبوليت پنجاهه سيڪڙو کان گهٽجي 38 سيڪڙو اچي بيٺي آهي. جڏهن ته سندس حڪومت ۾ شامل اتحادي عبدالله عبدالله جي مقبوليت جو گراف ان کان به هيٺ آهي. هن وقت افغان حڪومت بلڪل مفلوج نظر اچي پئي، حالت اها آهي ته افغان حڪومت اڃا تائين ڪابينا ۾ خالي عهدن تي ماڻهو مقرر ڪرڻ تي پڻ اتفاق نه ڪري سگهي آهي. اهڙي ريت اهم منصوبا، جيئن سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ ۽ چونڊ سڌارا پڻ تڪرار جو شڪار ٿي ختم ٿيندي نظر پيا اچن. حڪومت معيشت کي ترقي ڏيڻ لاءِ بدعنواني روڪڻ ۾ ناڪام آهي ته ٻئي پاسي سرمايو نار جي ملڪن ڏانهن تيزي سان وڃي رهيو آهي. اڪثر افغان سرمائيدار نار جي ملڪن ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن ۽ گهڻو تڻو ملڪيتون خريد ڪري رهيا آهن. شامي ۽ عراقي شهرين کان پوءِ دنيا ۾ پناهگيرن جو سڀ کان وڏو انگ افغانين جو آهي، جيڪي سمنڊ يا خشڪي رستي يورپ ڏانهن، قانوني يا غير قانوني طرح وڃي رهيا آهن.

اهڙي صورتحال کي ڏسندي عالمي برادري مالي امداد جو سلسلو بند نه تڏهن به سست ضرور ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري افغان حڪومت فنڊن جي کوٽ جو شڪار آهي، ڪيترن ئي سرڪاري کاتن ۾ ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نٿي سگهيون آهن. افغان فوج بهرحال طالبان خلاف بهادري سان وڙهندي انهن کي راڄڌاني ڪابل کان پري رکڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي. ليڪن اها به طالبان طرفان ٿيندڙ اوچتن حملن کي روڪڻ ۽ قبضو ٿي ويل علائقا واپس وٺڻ جي صلاحيت نٿي رکي. ان کان سواءِ فوج ۽ پوليس جي جوانن طرفان فورس ڇڏي ڀڄي وڃڻ به عملدارن لاءِ مٿي جو سور آهي، اهي ان سلسلي کي روڪڻ لاءِ پنهنجي هيٺئين عملي کي موڪل تي گهر وڃڻ جي موڪل به نه پيا ڏين. طالبان جي حملن ۾ فورسز جو ٿيندڙ نقصان تمام گهڻو آهي. آمريڪي آفيسرن موجب اهو جاني نقصان ڪنهن به فورس لاءِ برداشت جوڳو نه آهي. ان جو مطلب اهو ٿو ٿئي ته جيڪڏهن جاني نقصان جو سلسلو بند نه ٿيو ته افغان سيڪيورٽي فورسز گهڻو وقت ميدان ۾ بيهي نه سگهنديون. افغانستان ۾ باقي رهجي ويل نيٽو جا فوجي جٿا هلندڙ سال جي آخر تائين هليا ويندا.

نيويارڪ ٽائمز موجب هلندڙ سال جي پهرين ڇهن مهينن دوران افغان پوليس ۽ فوج جا 4100 اهلڪار موت جو کاڄ بڻيا، جڏهن ته 7800 زخمي ٿيا، اهو انگ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ان عرصي دوران ٿيندڙ نقصان کان 50 سيڪڙو وڌيڪ آهي. هن وقت جڏهن افغان حڪومت پنهنجي بچاءَ جون ڪوششون ڪري رهي آهي تڏهن 1980ع جي ڏهاڪي جا ويڙهاڪ سردار، جيئن افغانستان جو نائب صدر رشيد دوستم، بلخ صوبي جو گورنر عطا محمد ۽ ٻيا وار لارڊ پنهنجي موجودگي جو احساس ڏياري رهيا آهن. افغان شهرين کي ايندڙ ڏينهن ۾ گهرو ويڙهه، لساني ۽ علائقائي شڪل اختيار ڪندي نظر اچي رهي آهي.

September 15 , 2015 (24)

ورهين جي خوني ويڙهه کان پوءِ افغانستان ۾ طالبان ۽ حڪومت وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه اميد جو ڪرڻو هئي ليڪن ملا عمر جي وفات جي خبر سامهون اچڻ کان پوءِ ڳالهين جو اهو سلسلو ختم ٿي ويو، ان کان پوءِ طالبان وچ ۾ جانشيني جي معاملي تي اختلاف سامهون آيا. هن وقت افغانين جو هڪ وڏو انگ اهو ٿو سمجهي ته ملا اختر محمد منصور کي طالبان جو سربراهه بڻائڻ پٺيان پاڪستان جي حمايت شامل آهي. ان کان پوءِ اهو پڻ انڪشاف ٿيو ته هڪ اهم جهادي ليڊر جلال الدين حقاني پڻ هڪ سال اڳ فوت ٿي چڪو آهي. اهڙي ريت اهي خبرون راز ۾ رکڻ سان افغانستان ۽ پاڪستان وچ ۾ پئدا ٿيندڙ اعتماد وارو ماحول خراب ٿيو، ملا منصور پنهنجي پهرئين خطاب ۾ جارحاڻو انداز اختيار ڪندي امن ڳالهين کي “دشمن جي پروپيگنڊا” سڏيندي افغان حڪومت سان هر قسم جي ڳالهه ٻولهه جو رستو بند ڪري ڇڏيو. هن کان اڳ ملا منصور کي اعتدال پسند طالبان سمجهيو ويندو هو پر هاڻي هو هارڊ لائن واري پوزيشن تي بيٺو آهي، ان دوران ڪابل ۾ غني حڪومت خلاف ٺهندڙ گروهه طاقت حاصل ڪري رهيا آهن، ان ۾ افغان سماج اندر سرائيت ڪري ويندڙ نسل پرستي تي ٻڌل دشمني به شامل آهي. گذريل ڪيترن مهينن کان ڪيترن ئي افغانين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ کان پوءِ اندازو ٿئي ٿو ته اهي افغانستان جي داخلي سيڪيورٽي کي وڏي خطري ۾ ڏسن ٿا، انهن کي ان ڳالهه جو به احساس آهي ته قومي اتفاق سان ٺهندڙ حڪومت گهربل فعاليت جو مظاهرو ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ڪيترائي ماڻهو سمجهن ٿا ته هن وقت ملڪ ۾ آئيني تبديلين جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ کي ورهائجڻ کان بچائي سگهجي.

افغان دانشورن ۽ سياستدانن طرفان هاڻوڪن مسئلن مان نڪرڻ جو هڪ حل اهو تجويز ڪيو ويو آهي ته صدر غني هنگامي طور تي لويا جرڳو گهرائي، هڪ يا ٻن مهينن لاءِ وچ مدي واري حڪومت قائم ڪري. اها گرينڊ اسيمبلي آئيني ترميمون ۽ چونڊ سڌارا لاڳو ڪري سگهي ٿي. اهي سڌارا ۽ آئيني ترميمون ملڪ کي پارلياماني جمهوريت جي راهه تي آڻي سگهن ٿا. ڪيترائي غير پشتون گروهه ۽ شهري علائقن ۾ رهندڙ افغان 2001ع کان اهو مطالبو ڪري رهيا آهن ته ملڪ کي پارلياماني جمهوريت جي ضرورت آهي. انهن سڌارن جي عمل ۾ طالبان کي به جرڳي جي پليٽ فارم تي آڻڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي.

طالبان به اها ڳالهه ڪيترائي ڀيرا ڪئي آهي ته اهي آئين ۾ تبديليون چاهين ٿا. افغان چونڊن ۾ ڌانڌلي جون شڪايتون عام آهن، چونڊ سڌارا آڻي ڌانڌلين جون شڪايتون ختم ڪري سگهجن ٿيون. ان سلسلي ۾ نئون سڃاڻپ ڪارڊ جاري ٿيڻ گهرجي. ان کان پوءِ ئي وچ مدي واري حڪومت تازين عام چونڊن ڏانهن وڌي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ اهو مرحلو ڏکيو ٿو لڳي ليڪن افغانستان ۾ اها سوچ پختي ٿي رهي آهي ته هاڻي افغان صدر غني وٽ موجود آپشن گهٽجي رهيا آهن. هن کي جلد ئي ڪو نه ڪو فيصلو ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن هو اهڙو رسڪ کڻي ٿو ته پوءِ ممڪن آهي ته هو نجات ڏياريندڙ طور اڀري اڳيان اچي ۽ ڪاميابي حاصل ڪري وٺي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو