Home / سنڌ افيئر / امير حيدر شاهه جو قتل – پيرا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟
above article banner

امير حيدر شاهه جو قتل – پيرا ڪيڏانهن وڃن ٿا؟

Sana Abbas Dashtiاسرندڙ ملڪن اندر ڪيترائي ڇرڪائيندڙ انسايت سوز واقعا جنم وٺندا رهن ٿا. جيڪي عام طور تي مختلف طريقن سان ڄڻ ته هڪ فيشن طور پذيرائي وٺي رهيا آهن. اهڙا عمل يڪدم معاشرن کي ترقي واري عمل کان ڌار ڪندي کين تباهي جي اونهي پاتال ۾ ڪيرائي ڇڏين ٿا. ترقي جو عمل هينئر به سڄي دنيا اندر بحث جو موضوع بڻيل آهي. رڳو تيزي سان هڪڙي طرف ڏانهن ڊوڙندي ڊڪندي مسئلن جا انبار لڳائيندي اسين ترقي واري عمل کي بيان نه ٿا ڪري سگهون. خاص طور تي جڏهن پاڪستان جهڙن معاشرن اندر عوام مڙهيل ذهني گهُٽ ۽ ٻوسٽ کي زبردستي برداشت ڪري ٿو، اهڙي ماحول اندر سڄاڻ ڌريون ئي سخت روين جو نشانو بڻجن ٿيون. اها ڪا نئين ڳالهه ته نه آهي پر اهو بربريت جو سفر جيڪڏهن تيزي سان جاري رهيو ته پوءِ پاڪستان اندر وري ڪنهن به سبين محمود جو جنم وٺڻ ناممڪن لڳي ٿو.

جيڪڏهن خراب حڪمراني، بدديانتي، قانون جي لتاڙ ۽ انساني حقن جي توهين ٿيڻ سبب ڪو صحافي پنهنجون ذميواريون انصاف ۽ سچائي سان رپورٽ ڪرڻ گهري ٿو ته کيس پهريان تنبيهه ڪئي ٿي وڃي، ان کان پوءِ کيس ڊيڄاريو ٿو وڃي ۽ آخرڪار کيس قتل ڪيو ٿو وڃي. ساڳي ريت جيڪڏهن عدالتن ۾ سالن کان رُليل ڪيسن جي سچائي سان پيروي ڪندڙ وڪيل صرف پنهنجي خدمتن جي پاداش ۾ عبرت جو نشان بڻايا وڃن ٿا. تازو ئي ڪراچي جهڙي شهر اندر هڪ ذهين نوجوان وڪيل سيد امير حيدر شاهه جو واقعو مثال طور کڻي سگهجي ٿو. بار جي اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺڻ سبب کيس موتمار ڌمڪين وارا ايس ايم ايس موصول ٿيا ۽ بار جي اليڪشن جي چونڊن ٿيڻ کان اڳ ئي سندس ڪاميابي جي چٽن امڪانن سبب خفيه سختگير سوچ امير حيدر شاهه کي قتل ڪري ڇڏيو. اها بربريت جيڪڏهن معاشري جي مسئلن کي اجاگر ڪندڙ سڄاڻ ڌرين سان جاري رهي ته پوءِ اسان جو عام ماڻهو سڄي زندگي انڌو، ٻوڙو ۽ گونگو ٿي رهڻ کي ترجيح ڏيندو.

Sep-30-2015    39

ملڪ اندر اها ئي لاقانونيت ۽ خراب حڪمراني آهي جنهن ڪيترائي ويڙها ويران ڪري ڇڏيا آهن. انتهاپسند سوچ کان متاثر ڪيترائي ٽولا قانون توڙي انصاف کي پنهنجي نجات جو ذريعو نه ٿا سمجهن. تنهن ڪري پنهنجي سوچ زوري مڙهڻ واري ڊوڙ سبب يا ته مخالف کي مختلف طريقن سان منجهايو ۽ ڦاسايو وڃي ٿو ۽ آخرڪار کيس قتل ڪرڻ کي به ڪو وڏو گناهه ڪو نه ٿو سمجهيو وڃي.

هن وقت پاڪستان جي آزاد ميڊيا وڪيل ۽ صحافي پنهنجن ذميوارين جي ادائگي ڪندي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. قانون ۽ آئين اندر مڪمل تحفظ جي خاطري هجڻ باوجود به سندن سرگرميون سختگير ٽولن کي سخت ناپسند آهن، جنهن تيزي سان ترقي بجاءِ اسين تنزلي طرف وڌي رهيا آهيون. اهڙين منجهائيندڙ حالتن ۾ آزاد صحافت، آزاد عدليه، انصاف تي ٻڌل وڪالت ۽ حقن جي نمائندگي ڪندڙ دانشور طبقو اهڙين حالتن مان ڪڍڻ لاءِ واحد ذريعو آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪنهن رجعت پرست سوچ جو ڳڙهه بڻائڻ بجاءِ مُلڪ کي آئين ۽ قانون مطابق انصاف ۽ شهري حقن جو گهوارو بڻائڻ گهرجي ته جيئن وڏي عرصي کان جاري ڦرلٽ، قتل عام ۽ تباهي آڏو بند ٻڌي ملڪ کي ترقي ۽ انساني حقن جي سوچ جو مرڪز بڻائي سگهجي.

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو