Home / دنيا / ايران _آمريڪا معاهدو: عالمي امن جو گس!
above article banner

ايران _آمريڪا معاهدو: عالمي امن جو گس!

Sanaullahجڏهن هڪ پاسي دنيا جي عظيم سلطنتن، فرانس،جرمني، روس، ترڪي جا تاج ۽ تخت پرزا پرزا ٿي رهيا هئا. ٻي پاسي نظرياتي ۽ معاشي بنيادن تي برتريءَ واري جنون ۾ ويڙهيل جديد رياستي مهم جوئين سبب جڏهن دنيا مخالف ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي هئي. اهڙين دردناڪ حالتن نسلي برتري جي بنيادن تي دنيا کي ٽامي جي ٽوپلن ۽ لوهن بوٽن سان چٿڻ چاهيو ته جنگ جو عام تصور عالمي اثرن سبب پهرين مهاڀاري جنگ کان جلد ئي ٻي مهاڀاري جنگ وارن ايٽمي شعلن جو روپ اختيار ڪري ورتو هيو. انساني اختلافن منجهان پيدا ٿيندڙ عالمي جنگي جنون اهڙي ئي پس منظر سبب نيوڪليئر طاقتن جي اُوسرتا جو اهم ڪارڻ بڻجندي ويڙهاند جي بنيادي ٿيوريز ۾ ٽاڪوڙو مچائي ڇڏيو. بحري، بري ۽ هوائي جنگين جي ڪاياپلٽ ڪندڙ نيوڪليئر وار فيئر يا ايٽمي جنگ پنهنجن ارتقائي مرحلن دوران ئي ايترو ته ڀوائتو جنگي تصور بڻجي اڀريو هيو جو ايٽمي دنيا جي باني سائنسدان آئن اسٽائن پڻ خدشو ڏيکاريندي چيو هيو ته، “آءُ نه ٿو ڄاڻان ته ٽين مهاڀاري جنگ ڪيئن وڙهي ويندي؟ پر، آءُ اوهان کي اهو ٻڌائي سگهان ٿو ته چوٿين مهاڀاري جنگ پٿرن سان وڙهي ويندي.”

پنهنجي ماهيت جي خوفناڪ اثرن باوجود حيرت جي انتها چئجي ته ايٽمي هٿيارن جي حاصلات موجوده دور جي مستحڪم ٿيندڙ رياستن جي پڻ پهرين ترجيح بڻيل رهي آهي. اهڙي صورتحال سبب ايٽمي توانائي جو پرامن استعمال وارو جائزمقام پڻ دنيا جي اکين کان اوجهل بڻجي وڃي ٿو. تنهنڪري، هلندڙ دور جي سلامتي وارن معاملن کي درپيش سنگين خطرن جي پيش نظر پرامن سفارتڪاري وارو سلسلو پڻ عالمي سردمهريءَ جو شڪار بڻيل رهيو آهي. جڏهن پاڙيسري رياستن جا تضاد، علائقائي جنگي جنون ۽ عالمي طاقتن واري ڊوڙ پنهنجي عروج تي پهتل آهي. اهڙي پس منظر ۾ عالمي طاقتن سان ايران جي نيو ڪليئر ڊيل بقول ايراني صدر“تاريخ جو هڪ نئون صفحو” رقم ڪيو آهي. جديد سفارتڪاريءَ جي ڪمزور عالمي لقائن توڙي محدود علائقائي اثرن سبب نيوڪليئر ايج جي وضاحت ڪندڙ اهيو معاهدو ايٽمي سفارتڪاريءَ جي بنيادي پيڙهه واري پٿر جو درجو رکي ٿو. تنهنڪري، هن معاهدي جي عملي شروعات کان پوءِ اهو واضح نظر اچي رهيو آهي ته عالمي سفارتڪاريءَ جو منجهيل سُٽ علائقائي توڙي عالمي سفارتڪاريءَ جي نئين دور سان متعارف ٿي سگهندو.

Sep-30-2015    26

ايران جي ايٽمي پروگرام بابت معاهدو هڪ ڏهاڪي جي ڪوششن کان پوءِ ڪامياب ٿيو آهي. اهو ڪو عام يا معمولي واقعو ناهي. اهڙا واقعا سياسي تاريخ جو رخ بلائيندڙ ڌارا جي اهميت رکندي خاص اهميت والاريندا آهن. هن معاهدي جي ڪامياب امڪانن کان پوءِ نيوڪليئر ڊپلوميسي ۾ يقين رکندڙ ماهرن کي ويساهه پيدا ٿي چڪو آهي ته ڌرتيءَ جي گولي تي ڳالهين جي ذريعي عالمي امن ۽ معاشي استحڪام جا بنياد رکي سگهجن ٿا. اهڙين حالتن ۾ جڏهن وچ اوڀر مذهبي انتهاپسندي سبب ڪنهن جهنم جو ڏيک ڏئي رهيو آهي.هڪ لحاظ کان ايران جو نيوڪليئر معاهدو عالمي حيثيت ماڻي چڪو آهي. سيڪريٽري آف اسٽيٽ جان ڪيري ۽ آمريڪي صدر بارڪ اوباما جي اميدپرست ڪاوشن سان جڏهن آمريڪا هڪ ڌڪ ۾ لڳ ڀڳ 35 سالن جي سخت گير موقف کان جند آجي ڪندی ايران سان هڪ ميز تي هٿ ملايا آهن. اهيو معاهدو دنيا جي باقي ايٽمي ملڪن لاءِ پڻ هڪ اتساهه جو سبب بڻجي چڪو آهي. جڏهن يورپين يونين ايران سان ايٽمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪئي هئي ته موجوده ايراني صدر ان وقت ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري هيو. 2003 کان شروع ٿيل ڳالهيون 2005ع ۾ احمدي نجاد جي چونڊجي اچڻ کان پوءِ جهڙوڪر ختم ٿي چڪيون هيون. پر، 2013ع ۾ حسن روحاني جي ڪاميابي کان پوءِ اهو تسلسل وري ٻيهر برقرار رهيو. جنهن سبب هڪ نازڪ معاملي کي ڪنهن نتيجي تي پهچائڻ ۾ ممڪن مدد ملي سگهي آهي. ايران جي موجوده پرڏيهي وزير محمد ظريف پڻ موجوده ڳالهين جي ڪاميابي لاءِ سفارتڪاري جو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. ڏهاڪن کان ايران مٿان پهريان الزام ۽ پوءِ پابنديون لڳنديون رهيون ته سندس پروگرام ايٽمي هٿيارن جي لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي. پر هينئر نيوڪليئر سفارتڪاريءَ جي ميز تي ايران آمريڪا ڊيل واري ڪامياب ڳالهين کان پوءِ اهو ممڪن نظر اچي رهيو آهي ته شايد ايران پنهنجن تحفظات جي عيوض هڪ ممڪن بهتر دور جو آغاز ڪري سگهندو. ايران جي اٺ سئو واپاري ڪمپنين کي هن معاهدي سان عالمي مارڪيٽ تائين رسائي حاصل ٿيندي. هن معاهدي تحت دنيا ۾ سعودي کان پوءِ ٻيو نمبر تيل پيدا ڪندڙ ملڪ ايران ٻارهن سالن کان پوءِ پنهنجو تيل عالمي منڊي ۾ آڻي سگهندو. ايران تي هٽيل پابندين کان پوءِ آمريڪا جي شيل انرجي_گئس تي وڌندڙ انحصار سبب عالمي طور تي تيل جي قيمتن ۾ حيرت انگيز طور تي گهٽتائي ٿيندي. ايران جي منجمند ٿيل سوين ارب ڊالرز جي واپسي ۽ تيل واري آزاد کپت سبب ايران جي معيشيت ۾ وڏي اڇل ايندي.عراقي وزيراعظم چئي چڪو آهي ته اهڙي معاهدي بعد ايران اختلافن کي ختم ڪندي علائقائي استحڪام آڻڻ ۽ خودساختٰه اسلامڪ اسٽيٽ جي خاتمي لاءِ متحرڪ ڪردار ادا ڪري سگهندو. باراڪ اوباما پڻ هن ڊيل کي وچ اوڀر اندر جنگاڻ جي خاتمي سان ڀيٽي چڪو آهي.

ياد رکڻ گهرجي ته هڪ پاسي اسرائيلي سفاڪيت سبب فلسطينين جا نسل تباهه ٿي چڪا آهن ته ٻي پاسي مڊل ايسٽ ۾ دکيل باهه سبب عربن جي وڏي پئماني تي نسل ڪشي ٿي رهي آهي. اهڙين ڇرڪائيندڙ حالتن ۾ پنهنجي سياسي جوهر ۾ جيڪڏهن ايران جو ڪردار ڪنهن مخصوص علائقائي ايجنڊا تائين محدود نه ٿو رهي ته سندس مثبت سفارتڪاري وارو ڪردار خطي اندر ماڊرن مڊل ايسٽ جا بنياد پڻ وجهي سگهندو. اسرائيل پنهنجن ٿئنڪ ٽئنڪس جي ڇرڪائيندڙ تجزين کان پوءِ ايران نيوڪليئر ڊيل کي آمريڪا جي تاريخي غلطي قرار ڏئي چڪو آهي. ايتري حد تائين جو آمريڪي ڪانگريس پاران معاهدي واري بل جي حمايت ڪرڻ واري صورت ۾ اسرائيلي وزيراعظم پنهنجي خودڪشي جي ڌمڪي پڻ ڏني هئي. سعودي بادشاهت پنهنجو دٻيل اظهار ڪندي چيو هيو ته هن ڊيل کان پوءِ علائقي ۾ ايران جي رويي ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي. ڪجهه ماهرن جي اها به راءِ آهي ته پنجن سالن بعد هٿيارن جي پابندين هٽجڻ کان پوءِ ايران هٿيارن جي علائقائي ڊوڙ ۾ واڌاري جو مکيه سبب پڻ بڻجي سگهي ٿو. وچ اوڀر جي رياستن شام، عراق کان غزه تي ڪنٽرول رکندڙ ايراني نواز فلسطيني تنظيم حماس، يمن جي حوثي باغين کان وٺي لبنان جي حزب الله ۽ پنهنجي مخصوص علائقائي اڀرندڙ طاقت طور ايران جي روايتي مُلائيت هن وقت ته ڀرپور جشن ملهائي رهي آهي. پر اصل ۾ هن معاهدي جي ڪاميابي کان پوءِ ايران اندر سيڪيولر قوتون پڻ سک جو ساه کڻي سگهنديون. سيڪيولر قوتن مٿان ڏهاڪن کان لٽڪندڙ نفرت واري تلوار جڏهن مياڻ ۾ پئجي رهي آهي ته اهيي امڪان چٽا نظر اچي رهيا آهن ته اڳتي هلي ايران جي اندروني سياست تي پڻ هن معاهدي جا هاڪاري اثر پوڻا آهن. جنهن سبب ايندڙ وقت اندر ايران جو مذهبي ۽ مسلڪي ڪردار گهٽجي هڪ غيرجانبدار رياست طور اڀري سگهي ٿو.

Sep-30-2015    27

جڏهن ڀارت 2005ع ۾ آمريڪا سان سول نيوڪليئر معاهدو ڪري چڪو آهي ۽ دنيا تيزي سان نيوڪليئر ڊپلوميسي جهڙي ڪٺن رمزن طرف گامزن آهي. اهڙي صورتحال ۾ روسي رڇ هڪ دفعو ٻيهر متحرڪ ۽ چيني نانگ پنهنجا علائقائي وڪڙ وڌائي رهيو آهي. اهڙين سياسي حالتن اندر پاڪستان کي پڻ ترڪي جيان پنهنجي دوستاڻي سفارتڪاري کي گهٽ ۾ گھٽ وچ اوڀر اندر تيزتر ڪرڻ گهرجي. هن وقت ڪنهن قابل پرڏيهي سفير کان سواءِ پاڪستان لاءِ ڪامياب سفارتڪاري وارو عمل ڪو به جٽادار لاڀ نه ڏئي سگهندو. تنهنڪري،پنهنجي پرڏيهي پاليسي لاءِ وقتائتو قدم کڻندي موجوده علائقائي ۽ عالمي حالتن پٽاندڙ ايران ايٽمي معاهدي جي تناظر ۾ پاڪستان کي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ايران سان معاشي لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ کان ويندي صديءَ جي اهم نيوڪليئر ڊپلوميسي جي عالمي رمزن کي سمجهڻ لاءِ نواز سرڪار کي پرڏيهي پاليسي واري وزارت تي ترت ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن بدلجندڙ عالمي حالتن اندر اسين به پنهنجي سلامتي واري موقف بابت دنيا کي پنهنجن خدشن بابت آگاهه ڪري سگهون. خاص طور، پنهنجي پاڙيسري ملڪ ايران جي سفارڪاريءَ وارين رمزن کي ڳڻپ ۾ آڻيندي پاڪستان کي هي تاريخي موقعو هٿان نه وڃائڻ گهرجي. هينئر ترجيحي طور تي پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ سرگرمي پيدا ڪرڻي پوندي. ڇالاءِ جو هي معاهدو پڻ هڪ ملڪ، هڪ علائقي، هڪ کنڊ کان ويندي پوري عالمي ڌارا اندر سلامتي وارن معاملن بابت سفارتڪاريءَ جي جديد رمزن کي متعارف ڪرڻ جي ابتدائي ڪوشش آهي. ساڳي ئي وقت جڏهن هڪٻئي خلاف تضادن سان ڀرپور عالمي طاقتن ان معاهدي جي توثيق ڪئي آهي ۽ سلامتي ڪائونسل جي پندرنهن ملڪن پڻ ان ڊيل جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خاص طور آمريڪي ڪانگريس اندر هن ڊيل متعلق اوباما پنهنجي مسڪراهٽ جياناعتماد حاصل ڪرڻ ۾ رڌل آهي جنهن ۾ کيس ڪاميابي ملڻ جا چٽا امڪان موجود آهن. هن معاهدي کان پوءَ ايٽمي هٿيارن واري عالمي اداري جو ڪردار پڻ هڪ لحاظ کان سگهارو بڻجندو نظر اچي رهيو آهي. ايٽمي سفارڪاري جو هي بنيادي معاهدو ويهين صديءَ جي عالمي اُفق تي جيڪڏهن امن جو سج اڀاري سگهيو ته ايٽمي هٿيارن سان سٿيل ڌرتيءَ جو گولو ”ڊُومس ڊي” جهڙن خوفائتن خطرن بجاءِعالمي امن جي علامت بڻيل زيتون جي ٽارين سان ٻهڪي پوندو. تنهنڪري، هڪ ذميوار ايٽمي طاقت هئڻ سبب پاڪستان خطي ۾ خاص اهميت والاري ٿو. ان ڪري، اسانجي پرڏيهي پاليسي جو جامد ڪردار موجوده جمهوري حڪومت لاءِ ڪنهن ڇرڪائيندڙ سوال کان گهٽ نه آهي.

sanaullahchinjni@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو