بالي ووڊ اداڪاره يمي گوتم ڪينيڊا ۾ گهوڙي جي سواري سکي ورتي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق يمي گوتم ان کان پهريان ڪڏهن به گهوڙي سواري ناهي ڪئي. هوءَ سمجهي ٿي ته ڪڏهن کيس ان مهارت جي ضرورت نه پوندي. پر کيس پنهنجي نئين فلم ”صنم اي“ ۾ گهوڙي سواري جو پڻ سين شوٽ ڪرائڻو آهي. اداڪاره گهوڙي سواري جي تربيت حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ٽرينر جون خدمتون حاصل ڪيون آهن ۽ جلد ئي هو گهوڙي تي ڪنٽرول حاصل ڪرڻ سکي وٺندي. هدايتڪار ديويا کوسلا ڪمار جي نئين فلم صنم اي هڪ رومانوي فلم آهي، جنهن ۾ يمي گوتم ۽ پلڪيت سمراٽ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا.
Tagged with: September-15-2015