Home / سنڌ افيئر / بدين: رشوت عيوض روينيو ۾ نوڪريون-دادلي ڪردار ڀينگ ڪري ڇڏي!
above article banner

بدين: رشوت عيوض روينيو ۾ نوڪريون-دادلي ڪردار ڀينگ ڪري ڇڏي!

Allah Bachayoپيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سرڪاري ڪامورن ۽ ڪن بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن گذريل اٽڪل ساڍن ستن سالن جي عرصي ۾ ڪرپشن ڪري، مقامي ماڻهن جي حقن تي ڌاڙا هڻي ضلعي بدين جي جيڪا ڀينگ ڪئي آهي ان جو ڪو به مثال نٿو ملي. پيپلز پارٽي جيڪا هر اليڪشن ۾ اٽي، لٽي ۽ اجهي جو نعرو هڻي عوام کان ووٽ وٺندي رهي ٿي. ان پارٽي جي بااثر وزيرن، مشيرن ۽ چونڊيل عوامي نمائندن وسيلي عوام جي ڀلائي لاءِ آيل اربين روپين جا فنڊ هڙپ ڪري ڪوڙا رڪارڊ ٺاهي جيڪا لٽ مار ڪئي آهي. هي سٽون لکڻ تائين ان جي باقاعده جاچ نيب يا ايف آءِ اي جهڙي ڪنهن به وفاقي اداري نه ڪئي آهي. البته وفاقي حڪومت جي مٿين ادارن جي جاچ کان بچڻ لاءِ اينٽي ڪرپشن سرڪل بدين محض خانه پوري لاءِ چند ادارن ۽ کاتن جي ڪن سرڪاري اهلڪارن خلاف جيڪي ڪرپشن جا ڪيس داخل ڪيا آهن انهن ۾ فقط سيڊا جي ڪن اهلڪارن خلاف ڇهه ارب کان وڌيڪ ڪرپشن ڪرڻ جا الزام هنيا ويا آهن.

ڪرپشن جي داخل انهن ڪيسن لاءِ به بدين ۾ هڪ رايو اهو آهي ته اهي ڪيس آصف علي زرداري جي هاڻوڪي مخالف ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي دور ۾ مقرر سيڊا جي اهلڪارن ۽ مرزا جي ويجهي مائٽ سهيل مرزا خلاف داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 2011ع ۾ ذوالفقار مرزا جي آصف علي زرداري جي ڪن دادلن وزيرن خلاف ڪيل بغاوت، گهرو وزارت سميت ايم پي اي جي سيٽ ۽ پ پ جي عهدي تان ڏنل استعيفيٰ بعد سنڌ حڪومت مرزا کي بدين ۾ بي اختيار ڪري سڻڀن ادارن ۾ مقرر ڪرايل سرڪاري ڪامورن ۽ ان جي ويجهن ماڻهن کي هٽايو ويو ۽ انهن ادارن تي مرزا مخالف سرڪاري آفيسر ۽ پنهنجا ڪمائو پٽ رکيا ويا، جن بدين کي برباد ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي. هيل تائين بدين ۾ ڪرپشن جا جيڪي به ڪيس داخل ڪيا ويا آهن اهي مرزا دور جي سرڪاري ڪامورن ۽ ماڻهن خلاف آهن، جڏهن ته 2011ع کان بعد ۾ بدين ۾ ڪيل اربين روپين جي ڪرپشن جا ڪي به ڪيس داخل نه ڪيا ويا آهن. جڏهن ته هاڻ اها ڳالهه ڪا راز نه رهي آهي ته اصل ۾ ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار ٿيل آصف زرداري جو خاص ويجهو ماڻهو علي حسن زرداري گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ جي آبپاشي کاتي جو اڻ اعلانيل وزير هو. بدين ضلعي سميت آبپاشي کاتي ۽ سيڊا ۾ ٿيل اربين روپين جي ڪرپشن جا اٽڪل 80 سيڪڙو ڏوڪڙ ان ئي همراهه مٿين تائين پهچايا هئا، باقي 20 سيڪڙو رقم سرڪاري ڪامورن پاڻ ۾ ونڊ ورڇ ڪري کنئي.

بدين جي سڀني ادارن ۽ کاتن ۾ کاٽ هڻي عوام جي نالي ۾ آيل اربين روپيا هضم ڪرڻ کان سواءِ بدين جي سوين مسڪين بيروزگار نوجوانن جي حقن تي چند سالن ۾ جيڪي ڌاڙا هنيا ويا آهن ان جو هڪ ڇرڪائيندڙ مثال بدين جي روينيو کاتي ۽ ڊي سي آفيس ۾ اٽڪل 65 پوسٽن تي لکين روپين جي رشوت عيوض ٿيل اهي غير قانوني ۽ ناجائز ملازمن جون ڀرتيون آهن جن خلاف بدين جا مقامي حقدار ۽ بيروزگار نوجوان گذريل سال کان لاڳيتو سراپا احتجاج آهن پر سندن ڪو به تدارڪ ٿي نه سگهيو آهي. رپورٽ موجب سال 2012ع کان 2015ع تائين ٽن سالن دوران بدين جي روينيو کاتي ۾ رشوت عيوض هڪ کان 16 گريڊ تائين ٻاهرين ضلعن جي جن اٽڪل 65 ملازمن کي غير قانوني طور تي نوڪريون ڏنيون ويون اهي نوڪريون پئسن عيوض وڪرو ٿيون جن ۾ پٽيوالي جي پوسٽ 5 لک، ڪوٽار 7 لک، جونيئر ڪلارڪ 10 لک، اڪائونٽنٽ ۽ اسسٽنٽ 25 لک روپين ۾ وڪرو ڪيون ويون. روينيو کاتي بدين ۾ نوڪرين جي ديڳ چاڙهي جيڪي غير قانوني ڀرتيون ڪيون ويون انهن ۾ 15 اسسٽنٽ، 29 جونيئر ڪلارڪ، چار ڪمپيوٽر آپريٽر، هڪ جونيئر اسٽينو گرافر، 14 نائب قاصد ۽ ٻيون پوسٽون شامل آهن. ايڏيون ڳريون رشوتون وٺي مٿين جن ملازمن کي 2013ع ۾ ڀرتي ڪيو ويو انهن ملازمن کي وري هڪ وڏو فراڊ ڪري 2012ع جي ڀرتي ڏيکاري 2013ع ۾ انهن کي آفر آرڊر جاري ڪري کين هڪ سال جي پگهارن جا ڊفرنس بل پڻ ٺاهي ڏنا ويا، جيڪي جعلي بل وري ڪميشن تي خزانه آفيس بدين مان مبينا طور تي هڪ ئي ڌڪ سان پاس ڪرايا ويا.

September 15 , 2015 (32)

اٽڪل 65 ملازمن مان هيل تائين فقط ٽي ملازم بدين ۾ ڊيوٽي ڪري رهيا آهن، جڏهن ته انهن مان گهڻا غير حاضر ملازم سنڌ جي ٻين مختلف ضلعن ۾ ويهي گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن ۽ ڪجهه ملازم بدين جي خالي جاين تي ڀرتي ٿيڻ بعد پنهنجي مقامي ضلعن ڏانهن بدليون ڪرائي ويا آهن. بدين جا حقدار بيروزگار نوجوان ۽ روينيو کاتي جا متاثر ملازم سندن حقن تي لڳل ڌاڙي واري ان اسڪينڊل ۾ هڪ اهم ڪردار واري ماڻهو ڦوٽو کوکر جو نالو مبينا طور ورتو وڃي ٿو، جيڪو غير قانوني طور تي پروموشن حاصل ڪري هن وقت بدين جي روينيو کاتي ۾ اڪائونٽنٽ جي پوسٽ تي مقرر ٿيل آهي. اهو همراهه جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو بنيادي طور تي بيورو آف اسٽيٽڪس ۽ پلاننگ جو ڪلارڪ آهي جنهن رشوت ۽ هڪ اهم سياسي شخصيت جي سفارش تي اهو عهدو حاصل ڪري بدين ۾ نوڪرين جي ديڳ چاڙهي وڏي قيمت تي ٻين ضلعن جي نوجوانن کي بدين جون نوڪريون وڪڻي روينيو کاتي جي اعليٰ ڪامورن ۽ وزيرن جا پئسن سان کيسا ڀريا ۽ هي همراهه بدين ۾ ويهي انهن راشي ڪامورن ۽ بااثر سياسي ڌرين جو دادلو ڪمائو پٽ بڻجي ويو. رپورٽ موجب گذريل مهيني تائين ڦوٽي کوکر کي بدين سميت سنڌ جي ڇهن ضلعن جي اڪائونٽ آفيسرن جون اضافي چارجون پڻ ڏنيون ويون آهن، جن ۾ ٽنڊوالهيار، ٺٽو، سجاول ۽ نوشهروفيروز جا ضلعا پڻ شامل آهن.

وڏي اگهه تي وڪرو ٿيل بدين ضلعي جي انهن نوڪرين ۾ قانون ۽ قاعدن جي لتاڙ جي انتها اها آهي ته روينيو کاتي جون اهي نوڪريون بنا ڪنهن سليڪشن ڪميٽي جي ڪيون ويون، ڪنهن به اخبار ۾ نوڪرين جو ڪو به اشتهار نه ڏنو ويو ۽ ڪنهن هڪ به اميدوار کان لکت ۾ ڪا ٽيسٽ نه ورتي وئي ۽ نه ئي ڪنهن اميدوار جو ڪو انٽرويو ڪيو ويو. انهن اٽڪل 65 نوڪرين جا آرڊر واقعي سچا آهن يا دلالن وسيلي پئسا وٺي اهي سمورا جعلي آرڊر ڪڍيا ويا آهن، ان لاءِ اڄ ڏينهن تائين نيب يا ٻئي ڪنهن به اداري طرفان ڪا به تحقيقات نه ڪئي ويئي آهي. جڏهن ته ڀرتي ٿيل سمورا ملازم گذريل اٽڪل ٽن سالن کان گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن. بدين ۾ ٿيل اهڙي ظلم خلاف جڏهن روينيو ايمپلائيز اتحاد بدين جي اڳواڻي ۾ حقدار مقامي ملازمن سخت احتجاج ڪندي ڊي سي آفيس بدين جو آخر ۾ وڃي گهيرو ڪيو تڏهن انتظاميا حرڪت ۾ اچي ويئي ۽ وري به انتظاميا آزمايل اهو نسخو استعمال ڪندي ڊي سي آفيس جي اصل ڪرتا ڌرتا ڦوٽي کوکر کي ميدان تي لاٿو.

رپورٽ موجب مذڪوره ڪردار ملازمن جي هلندڙ سخت احتجاج واري تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ يونين جي ڪن اڳواڻن جي مائٽن کي ننڍين نوڪرين جا ڪجهه آرڊر ڏيئي کين خريد ڪري هلندڙ احتجاج کي ماٺو ڪري ڇڏيو. ملازم يونين جي جن اڳواڻن کي نوڪريون ڏيئي خريد ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته انهن ۾ الهه بچايو شيدي جي ٽن ڀائرن کي ٽي نوڪريون، محرم پتافي جي ٻن پٽن کي ٻه نوڪريون، آفيس سپرنٽينڊنٽ نواز جمالي جي ڀاءُ کي هڪ نوڪري جي نوازش ڪري کين خاموش ڪرايو ويو. هوڏانهن گذريل اٽڪل ستن سالن کان ڊي سي آفيس ۽ روينيو کاتي ۾ ڪانٽريڪٽي بنياد تي نوڪريون ڪندڙ ست ملازمن ويرم ڪمار، اصغر علي قصر، محمد صادق، انور علي لنڊ، سنجي ڪمار، فهيم ميمڻ ۽ سعيد چانڊيو جيڪي مقامي ڪچا ملازم پڪي نوڪري جا حقدار هئا انهن مان ڪنهن هڪ به مقامي ملازم کي پڪو نه ڪيو ويتر انهن ستن ئي مقامي غريب ملازمن جون ڊي سي بدين گذريل ٻن سالن کان مورڳو پگهارون ئي بند ڪري ڇڏيون جيڪي اهڙي انڌير نگري خلاف سخت احتجاج ڪري رهيا آهن. متاثر جونيئر ڪلارڪ ويرم ڪمار ٻڌايو ته اسان کي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو