Home / بلوچستان / بلوچستان جو بلوچ ڇا ٿو سوچي؟
above article banner

بلوچستان جو بلوچ ڇا ٿو سوچي؟

Abid Mirپاڪستان ۾ حب الوطني پنجاب واسين ۽ اردو دانن جي ئي ميراث سمجهي وڃي ٿي جيڪا ڳالهه خراب به ناهي. اها ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ سندن گهڻو حصو رهيو آهي. هن ملڪ جي قيام لاءِ انهن هر ممڪن قرباني ڏني آهي، ان ڪري هن ملڪ سان پيار ۽ ان جو تحفظ سندن ايمان جو حصو آهي ۽ هجڻ به گهرجي. اهي هن ملڪ کي جمهوري بڻائڻ چاهين يا قدامت پرست، ان تي بحث مباحثو ڪرڻ جو به کين حق حاصل آهي ۽ عمل ڪرڻ جو پڻ. هي سندن ڌرتي آهي، ان سان پيار ۽ ان جي بهتري جو خيال کين ايتري قدر ستائي ٿو جيترو ڪنهن به محب وطن شخص کي. هٽلر جي جرمني تي به جرمن جان قربان ڪندا هئا.

ليڪن سنڌ ۽ بلوچستان جي محب وطن هجڻ جو پسمنظر ڪجهه مختلف آهي. سنڌ جيتوڻيڪ پهرين ان جي جوڙ جڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو پر پوءِ جي ايم سيد طرفان آجپي جي نظرئي جي آبياري سبب سنڌين جي حب الوطني هميشه لاءِ سواليه بڻجي وئي. ڀٽو طرفان ملڪ بچائڻ، بي بي طرفان جان قربان ڪرڻ، زرداري طرفان “پاڪستان کپي” جو نعرو به ان سواليه نشان کي ختم نه ڪري سگهيو. بلوچ جيئن ته مرضيءَ سان شامل ئي نه ٿيا هئا، بلڪه ڪجهه ماڻهن ته ان جي مخالفت ۽ مزاحمت پڻ ڪئي، ان ڪري اهي هميشه لاءِ مشڪوڪ سمجهيا ويا.

Sep-30-2015    40

معاملو اهو آهي ته هاڻي جڏهن ملڪ ٺهي چڪو آهي ۽ لڳ ڀڳ ستر ورهين جو ٿي چڪو، هاڻي ان وٿيءَ کي ڪيئن ڀريو وڃي؟ اهي شڪ شبها آخر ڪيئن ختم ڪيا وڃن؟

منهنجو خيال آهي ته اهو بنيادي سياسي معاملو رڳو لکارين جي حوالي نٿو ڪري سگهجي. ليکڪ فقط اهو ڪري سگهن ٿا ته تلخين ۽ شڪ شبهن جي زهر کي پنهنجي مٺاس سان ڪجهه گهٽائي سگهن ٿا.

حقيقت ۾ غير بلوچ دانشور بلوچن جي تاريخ جو ذڪر کين ڦورو، حملي آور ٻڌائي ڪري ٿو، جڏهن ته بلوچ دانشور ان کي مهر ڳڙهه سان جوڙي اُتي جي سيڪيولر ۽ مهذب انسانن کي بلوچ ٻڌائيندو، غير بلوچ دانشور، بلوچ سردارن ۽ انگريز سامراج جي ڳٺ جوڙ کي طعني طور بيان ڪندو، جڏهن ته بلوچ دانشور ان کي سامراج کي نڪ رڳڙائڻ واري جنگ بيان ڪندو. جڏهن ته پنهنجي آزادي پسند سورمن جو ذڪر ڪندو، غير بلوچ دانشور نام نهاد چاڪر اعظم طرفان پنهنجي ڀائرن جي قتلام کي مزا وٺي بيان ڪندو، جڏهن ته بلوچ دانشور بيورغ جي فهم کي، معاملي فهمي ۽ جنگ خلاف ڪجهه شعر وري وري ٻڌائيندو. غير بلوچ دانشور انگريزن سان وفاداري ڪندڙ سردارن جو ذڪر وري وري ڪندو، جڏهن ته بلوچ دانشور پنهنجي اڪيلي “سرخ شهيد” سردار جو ذڪر ڪندو، جنهن انگريز خلاف هر اول دستي جي قيادت ڪندي جام شهادت نوش ڪيو.

غير بلوچ دانشور بلوچ سردارن طرفان انگريزن جي بگي ڇڪڻ وارو واقعو چُسڪي سان بيان ڪندو ۽ بلوچ دانشور ان اڪيلي سردار جو ذڪر ڪندو جنهن ان ذلت ڀرئي عمل کي للڪاريندي انڪار ڪيو، گڏوگڏ ان شاعر جو به جنهن انهن سردارن جا پنهنجي لافاني نظم ۾ نالا وٺي کين رسوا ڪري ڇڏيو، جنهن جي پاداش ۾ کيس جلاوطن ٿيڻو پيو. غير بلوچ دانشور سردارن جي حڪمراني جو ذڪر شد مَد سان ڪندو، بلوچ دانشور انهن سردارن خلاف جدوجهد ڪندڙ اسان جي اڪابرن جي جدوجهد پيش ڪندو، غير بلوچ دانشور اڪبر بگٽي جي بلوچ ڪشي ياد ڏياريندو ليڪن بلوچ دانشور سندس فقط آخري ڏهاڙا ياد ڪندو.

Sep-30-2015    41

اِها اُها بنيادي ڳالهه آهي جيڪا اسانجي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه کي فل اسٽاپ ڏئي ٿي. اهڙو ڪو به بلوچ دانشور نه هوندو جيڪو بلوچ مزاحمتي تحريڪ کي هڪ ڌڪ سان مڪمل طرح رد ڪري ڇڏي (ان جي ڪارڻن تي الڳ ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي) جڏهن ته غير بلوچ دانشورن جي اڪثريت ان تحريڪ جي توهين آميز مخالفت کان ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪري ٿي. ڇا اهڙو رويو ڪنهن قوم کي اجتماعي طور ٽوڪڻ برابر نه آهي؟

ڇا ڪنهن قوم جا ڏاها ايترو نٿا ڄاڻن ته سرداري هڪ آمراڻو نظام آهي ۽ جمهوريت بهترين متبادل، جمهوريت جو فلسفو جيڪو توهان جي عقل ۾ سموئجي ويو اهو سموري بلوچ خطي جي ڪنهن هڪ لکاري کي سمجهه ۾ نٿو اچي سگهي؟ ڇا تهذيبي نرگسيت سڄي قوم کي کائي وئي ۽ ان جو احساس رکندڙ هڪ به عقلمند لکن، ڪروڙن ۾ موجود ناهي؟….. هن قوم کي هاڻي جمهوريت جو رستو به ٻيا دانشور سمجهائيندا؟

پڄاڻيءَ تي مون کي هڪ واقعو ٿو ياد پوي ته سنڌ جي ٻن سياسي دانشور ڪارڪنن گڏجي بلوچ سياست ۽ مزاحمت بابت هڪ ڪتاب لکيو. آءٌ جيئن ته ان جي بنيادي حوالن ۾ شامل هئس سو حيدرآباد ۾ ٿيندڙ ان تقريب ۾ مونکي به گهرايو ويو. ڪجهه ناليوارا بلوچ سياسي اڳواڻ به محفل ۾ شريڪ هئا.

تقريرن ۽ تحريرن ۾ ڪٿي سنڌين طرفان بلوچ خطي تي قديم سنڌ جي دعويٰ ته ڪٿي بلوچن طرفان سنڌين کي سياسي بزدلي جا طعنا ڏيڻ جو معاملو به غير ضروري طور ذڪر هيٺ آيو. سنڌ جي ناليواري سياسي دانشور جامي چانڊيو پنهنجي تقرير ۾ نهايت زبردست ڳالهه ڪئي ته: “ڪا به قوم پنهنجي مستقبل جو فيصلو پنهنجي اجتماعي ڏاهپ جي بنياد تي ڪندي آهي، جنهن ۾ سياسي، سماجي مفڪرن جو وڏو هٿ هوندو آهي.

بلوچ جيڪڏهن هڪ قوم طور اهو سمجهن ٿا ته هن رياست ۾ سندن مستقبل محفوظ نه آهي ۽ پنهنجي حق لاءِ اهي جمهوري سلسلو ترڪ ڪري هٿيار کڻڻ جو فيصلو ڪن ٿا ته باوجود ساڻن اختلافن جي اسان سندن اجتماعي فيصلي جو احترام ڪنداسين ۽ جيترو ممڪن هوندو سندن حمايت به ڪبي.”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو