Home / ڪور افيئر / بينظير ڀٽو قتل ڪيس کُلي ٿو نه خنجر ئي ڏسجي، نڪو خون ڏسجي!
above article banner

بينظير ڀٽو قتل ڪيس کُلي ٿو نه خنجر ئي ڏسجي، نڪو خون ڏسجي!

”هوءَ آئي، هن ڏٺو ۽ هوءَ مارجي وئي!“

پنهنجي شهادت کان ٻه مهينا اڳ هن پنهنجي آمريڪي صلاحڪار ۽ پراڻي لابي اسٽ دوست مارڪ سيگل کي اي ميل لکي ٻڌايو ته ”خدا نه ڪري ته ايئن ٿئي. پر جيڪڏهن مون کي ڪجهه ٿئي، ته مون 16 آڪٽوبر تي جنرل مشرف کي لکيل خط ۾ جن ماڻهن جا نالا ڄاڻايا آهن تن جي لسٽ ۾ آئون خود جنرل مشرف جي نالي جو اضافو ڪنديس. هن جي چمچن مون کي تمام گهڻو عدم تحفظ جو شڪار بڻايو آهي. مون کي پرائيويٽ ۽ ڪارن شيشن واريون گاڏيون استعمال ڪرڻ کان روڪيو پيو وڃي ۽ منهنجي گاڏيءَ کي آڏ ڏيڻ لاءِ چار پوليس موبائلون ۽ جيمرز به نه پيا ڏنا وڃن. آئون نٿي سمجهان ته اهو سڀڪجهه هن (مشرف) جي مرضيءَ بنا ٿي رهيو هوندو.“

اها اي ميل مارڪ سيگل کي 26 آڪٽوبر 2007 تي لکي وئي هئي. ان کان اٺ ڏينهن اڳ محترمه جي جلوس تي ڪراچيءَ ۾ خودڪش بمبار حملو ٿيو هو جنهن ۾ 130 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ سوين زخمي ٿيا هئا. سيگل لاڳاپيل اي ميل سي اين اين جي نمائندي وولف بلٽزر کي ان هدايت سان فارورڊ ڪئي هئي ته ان معاملي کي هو رڳو تڏهن ئي رپورٽ ڪري جڏهن خدانخواسته ڪو اهڙو واقعو ٿئي جو محترمه بينظير پنهنجي جان وڃائي ويهي.

پوءِ جيڪي ٿيو تنهن کان سڀ واقف آهن. محترمه جي شهادت کان پوءِ آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير محمد علي دراني فرمايو ته محترمه سان گڏ 8000 پوليس اهلڪار هئا. اها سيڪيورٽي ضرورت کان ٿوري وڌيڪ ئي هئي، پر محترمه پاڻ غلطي ۽ بي احتياطيءَ کان ڪم ورتو جنهن جي نتيجي ۾ اهي گروپ جن جنرل مشرف تي ڪيترا حملا ڪيا هئا تن کيس آسانيءَ سان نشانو بنائي ورتو. درانيءَ جي بيان تي سي اين اين جي پروگرام ”سچوئيشن روم“ ۾ مارڪ سيگل وراڻيو هو ته ”محترمه فقط ايتري سيڪيورٽيءَ لاءِ چيو هو جيڪا ڪنهن اڳوڻي وزيراعظم کي فراهم ڪئي وڃي ٿي پر کيس ايتري سيڪيورٽي به نه ڏني وئي. هن سان ڪجهه پوليس وارا هئا جيڪي پڻ وائڙا هئا.“

Sep-30-2015    16

پوءِ محترمه شهيد ٿي وئي. جاءِ واردات ڌوپجي وئي. زنده هي بي بي زنده هي جي نعرن سان محترمه جي ور وڃي ايوان صدر وسايو. موسمون مٽبيون رهيون، پارليامينٽون، حڪومتون ۽ ڪيس جون تاريخون به. هاڻي مارڪ سيگل سربستو احوال وڊيو لنڪ تي ڪورٽ سڳوريءَ اڳيان بيان ڪيو آهي جنهن محترمه کي ته نه البته سندس ڪيس کي ضرور زندهه ڪري ڇڏيو آهي.

هن ڪيس واري ساڳئي هفتي ۾ ڪوئيٽا ۾ اڪبر خان بگٽيءَ جي ڪيس جي شنوائي هئي جتي جوابدار جنرل مشرف جي وڪيل تاريخ ورتي ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مشرف کي به دراصل اڪبر خان جي مرڻ جو ڏاڍو ڏک آهي ۽ هو بلوچ عوام جي جذبن کي سمجهي سگهي ٿو. جنرل مشرف ڪنهن به ريت بگٽيءَ جي قتل ۾ ملوث ڪونهي. اصل ۾ اهو هڪ حادثو هو جنهن ۾ اها غار ويهي رهي جنهن اندر اڪبر خان موجود هو. هن حادثي کي خدا جي رضا سمجهي تسليم ڪيو وڃي ۽ مشرف سان درگذر وارو سلوڪ ڪيو وڃي.

مون ڪجهه وقت اڳ هڪ غزل لکيو هو جنهن ۾ هي سٽون به شامل هيون:

اسان جي قتل ۾ ڪرامت ڏسو ٿا

نه خنجر ئي ڏسجي، نڪو خون ڏسجي

ناهيد خان به چيو ته بينظير جي قتل ۾ اهي ملوث ٿي سگهن ٿا جن کي ڪو فائدو پڳو هجي. ۽ پوءِ چئي ويٺي ته:”گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ڪو فائدو ڪونه پڳو آهي.“ جيڪي اڃا تائين ”فائدي ۾“ آهن تن پنهنجي مرڪزي حڪومت واري دور ۾ ڪيس جي ڪابه پوئواري ڪانه ڪئي ۽ پنهنجو مدو پورو ڪري هليا ويا. جيڪڏهن ڪيس به پورو ٿي وڃي ها ته سڀنيءَ جي مشڪل آسان ٿي وڃي ها پر گهٽ ۾ گهٽ مارڪ سيگل جي بيان کان پوءِ جنرل ٻلو ڪجهه هفتن لاءِ مشڪل ۾ رهندو بلڪه شايد هڪ ٻه مهينا وڌيڪ اها مشڪل هلي ڇو جو محترمه جي ورسي به اچي رهي آهي.

پاڻ کي ان تي ڪابه حيرت ڪانه ٿي. اهو زمانو گذري ويو جڏهن چاهڻ جي باوجود به ڊڪٽيٽر ليڊرن کي نه مارائي سگهندا هئا. مجيب الرحمان جي اڌ قوم ڪهي ڇڏيائون پر خود مجيب جو نالو ڪونه وٺي سگهيا جو ڊڪٽيٽر اڃا ظل الاهي ڪونه ٿيا هئا. اڳتي هلي ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ کان هنن جي خدائي شروع ٿي جنهن کان پوءِ هو مولا بخش دشتيءَ کان ويندي بينظير ۽ اڪبر بگٽيءَ تائين ڪنهن جي به سسي لاهي سگهن ٿا.

پر پاڻ کي حيرت ٿي شاعره فهميده رياض تي جنهن مارڪ سيگل جي بيان کان پوءِ فيس بوڪ تي تبصرو ڪيو ته:”گرديو ٽيگور چيو هو ته ايڪلا چلو ري!“ پاڻ اڳتي هلي جيڪو فرمايائون تنهن جي سمري اها آهي ته ويچارو جنرل مشرف اڪيلو رهجي ويو آهي، کيس سڀ ڇڏي ويا، سڄي دنيا هن جي مخالف ٿي بيٺي آهي ۽ هو تن تنها انهن سان مقابلو ڪري رهيو آهي.

ڪيترا فيس بوڪ تبصري نگار فهميده رياض جي چيل ڳالهه جي سحر ۾ اچي اهو چوندا ويا ته ڳالهه ته صحيح ٿا چئو، پر پوءِ اجمل ڪمال لکيو ته ”ايڪلا چلو ري!“ واري ڳالهه ڪٿي آهي؟ مشرف ڪٿي اڪيلو آهي؟ هن کي ته سڄو جي ايڇ ڪيو بچائڻ لاءِ آيو ۽ هو ڪورٽ جي حاضرين کان بچي وڃي اسپتال پهتو. فيس بوڪ تي هڪ تبصرو اهو به هو ته ”محترمه، سڄي زندگي بهادريءَ جا ڪم ڪري هاڻي پيريءَ ۾ نرڙ تي اهو ڪارنهن جو ٽڪو ڇو ٿا لڳرايو؟“

پر شايد اها ايڏي حيرت واري ڳالهه نه هجي. جيڪڏهن اسين سوشلسٽن، سرخن ۽ باالخصوص اردو ۽ پنجابي دانشورن جي ڪردار تي روشني وجهون ته اسان کي ڪيترائي اهڙا واقعا ملندا جن ۾ هو پنهنجي بالادست قوم يا گروهه جو ساٿ ڏيئي انهن سان هيڪڙائي ڪندي نظر ايندا.

اهڙو ئي هڪ واقعو بي بي سيءَ جي ريٽائرڊ پروڊيوسر علي احمد خان پنهنجي آتم ڪٿا ”جيون ايڪ ڪهاني“ ۾ ڄاڻايو آهي ته اوڀر پاڪستان ۾ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن وارا هڙتالن ۽ ايجي ٽيشن جي تياري ڪري رهيا هئا ته نيشنل عوامي پارٽيءَ (نعپ) جو سيڪريٽري جنرل محمود الحق عثماني ساڻن ملڻ ڍاڪا آيو. هن کي جڏهن خبر پئي ته ڍاڪا ۾ شاگرد ايجي ٽيشن جي تياري ڪري رهيا آهن ته هن اهو چئي کين منع ڪئي ته نيشنل عوامي پارٽي فيصلو ڪيو آهي ته اسين ون يونٽ جي حمايت ڪنداسين ۽ اوهين ان جي شاگرد ونگ جا ماڻهو وري مخالف رخ ۾ وڃي رهيا آهيو!

هي تمام اعلي قسم جو ليفٽسٽ پروگريسو ۽ وضعدار ماڻهو هو. ون يونٽ ۾ ته هن جيئن به ڪيو، پر اڳتي هلي جڏهن جنرل ضيا تخت تي ويهي پنهنجي خدائيءَ جو اعلان ڪيو ته ان زماني ۾ ساڳيو عثماني سياسي ريٽائرمينٽ جي زندگي گذارڻ جي باوجود ٻاهر نڪتو ۽ ڪراچي صوبه تحريڪ لاءِ دستخطي مهم هلايائين. اسان کي عثمانيءَ لاءِ احترام آهي جو هن وري به هڪ عدم تشدد وارو طريقو (يعني دستخطي مهم) اختيار ڪيو. کانئس پوءِ واري نسل ساڳيو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هٽلر وارو فاشزم شروع ڪيو. حيرت ان ڪري نٿي ٿئي جو رئيس امروهوي، شهنشاهه حسين، نازش امروهوي ۽ هڪ وڏي خلق اسان کي سوشلسٽ لٽريچر واري مشهور محاوري موجب ”کاٻي ٽنگ کان منڊڪائيندي“ نظر اچي ٿي.

فهميده رياض به جيڪڏهن پنهنجي ڪميونٽي جي هڪ جنرل کي خدانخواسته امام حسين جو درجو ڏيڻ چاهي ٿي ته ان ۾ ڪا به حيرت جي ڳالهه ڪانهي. پر سوال اهو آهي ته جيڪي ڀٽن جي شهادت جي نتيجي ۾ فائدي ئي فائدي ۾ رهيا آهن سي گهٽ ۾ گهٽ ڀٽن جو ڪيس ته وڙهن. يا اها ڊيوٽي به هاڻي مارڪ سيگل پوري ڪندو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو