Home / ڪور افيئر / بينظير ڀٽو قتل ڪيس: ڪجهه لڪل حقيقتون!
above article banner

بينظير ڀٽو قتل ڪيس: ڪجهه لڪل حقيقتون!

imشهيد راڻي بينظير ڀٽو جو مرڻ گهڙي تائين پروٽوڪول آفيسر رهندڙ چوڌري محمد اسلم (بدنام زمانه پوليس آفيسر نه) پنهنجي هڪ بيان ۾ گڏيل قومن جي تحقيقاتي ٽيم کي بيان ڏيندي چيو هو ته “بي بي جي قتل جو مُک سبب بي بي جي سيڪيورٽي آفيسر رحمان ملڪ جي لاپرواهي ۽ بزدلي آهي، جنهن بي بي کي مرڻ تائين لاپرواهي ۽ بي بي تي قاتلاڻي حملي ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ بزدلي ڏيکاري بيڪ اَپ گاڏي کڻي فرار ٿي ويو هو.”

ياد رهي ته بينطير ڀٽو کي ملندڙ ڌمڪين کان پوءِ ۽ 18 آڪٽوبر 2007ع جي ڪارساز ڪراچي جي حملي کان پوءِ بي بي جي حفاظت لاءِ مشرف حڪومت ۽ بينظير ڀٽو جي سيڪيورٽي انچارج رحمان ملڪ وچ ۾ هڪ سيڪيورٽي پروٽوڪول طئي ٿيو هو، ان سيڪيورٽي پروٽوڪول موجب بي بي سان هر وقت 40 پوليس سپاهين تي ٻڌل حفاظتي جٿو جنهن جي سربراهي ايس پي سطح جي آفيسر کي ڪرڻي هئي، لازمي طور گڏ هجڻو هو. جڏهن ته پرائيويٽ سيڪيورٽي جي طور تي 10 اعليٰ ترين سکيا ورتل ڪمانڊوز پڻ رکڻا هئا. طئي ٿيل طريقئه ڪار مطابق رحمان ملڪ کي حڪومت ۽ پوليس اختيارين سان رابطي ۾ رهي پوليس جي حفاظتي دستي سان گڏوگڏ پرائيويٽ سيڪيورٽي جو بندوبست به ڪرڻو هو پر بدقسمتي سان 27 ڊسمبر 2007ع جي ڏهاڙي جنهن کي هاڻ سنڌ ۽ ملڪ جا ماڻهو پاڪستان جي تاريخ جو منحوس ترين ڏينهن سمجهن ٿا. بي بي جي سيڪيورٽي انچارج پنهنجا سمورا فرض صحيح طرح ادا نه ڪيا. هن نه ته پوليس جي حفاظتي قافلي جو مناسب بندوبست ڪيو ۽ نه وري پرائيويٽ سيڪيورٽي گارڊ رکيا. بي بي جي پروٽوڪول آفيسر چوڌري محمد اسلم پاران گڏيل قومن جي ٽيم کي ڏنل بيان جي آخري سٽ مطابق ڄڻ ته بي بي کي ڄاڻي واڻي قاتلن جي رحم ڪرم ته ڇڏيو ويو هو.

چوڌري اسلم بينظير ڀٽو تي ٿيل قاتلاڻي حملي ۾ سخت زخمي پڻ ٿيو هو ۽ بعد ۾ پ پ جو بينظير ڀٽو قتل ڪيس ڏانهن سرد مهري وارو رويو ڏسي سپريم ڪورٽ ۾ آصف علي زرداري، رحمان ملڪ، بابر اعواڻ، رحمان ملڪ جي ڀاءُ جي خلاف درخواست داخل ڪري بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جي صحيح جاچ ڪرڻ جي گهر ڪئي هئي. چوڌري اسلم پاران سپريم ڪورٽ ۾ هن اهم ڪيس جي پيروي مشهور قانوندان، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج رهندڙ ۽ بينظير کي ويجهو رهندڙ رشيد اي رضوي ڪئي هئي. بعد ۾ اها درخواست پ پ پاران مقرر ڪيل سرڪاري وڪيل (اٽارني جنرل) لطيف کوسه طرفان سخت مخالفت ڪرڻ ۽ چوڌري اسلم کي بينظير قتل ڪيس ۾ غير واسطيدار ماڻهو قرار ڏئي درخواست خارج ڪرائي وئي.

Sep-30-2015    18

ياد رهي ته بينظير ڀٽو جي شهادت جي طفيل 2008ع ۾ پ پ کي مليل حڪومت ۾ رحمان ملڪ وفاقي گهرو وزير مقرر ٿيو. کانئس بينظير جي وَر آصف زرداري کان وٺي پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ بشمول “اصول پرستن چوڌري اعتزاز احسن ۽ رضا رباني” نه ته ڪا پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ نه وري سندس مبينا مشڪوڪ ڪردار جي ڪا تحقيقات ڪئي وئي. اها تاريخ جي ڪيڏي نه وڏي ستم ظريفي هئي ته ڀٽن جي نالي ۽ خون جي بدولت ٺهيل حڪومت ۾ صرف رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ ئي نه نوازيا ويا بلڪه مرتضيٰ ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ ملوث سمورا جوابدار پ پ جي ملڪ جي اڇي ڪاري جي مالڪ ٿيڻ کان پوءِ اهم عهدن تي ويهاريا ۽ نوازيا ويا. مثال طور مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جي مُک جوابدار اڳوڻي ڊي آءِ جي پوليس واجد دراني، ڊائريڪٽر جنرل نيب سنڌ، ٻيو جوابدار شعيب قريشي پيپلز پارٽيءَ جي ڪوٽا تي نگران دور ۾ خزاني جو وزير ۽ بعد ۾ وري سنڌ روينيو بورڊ جو چيئرمين ۽ هن وقت غير سرڪاري طور سنڌ جي بيورو ڪريسيءَ جو انچارج بڻيل آهي.

مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جو هڪ ٻيو جوابدار شاهد حيات پهرين ايڊيشنل آءِ جي پوليس ڪراچي بعد ۾ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي سنڌ، هڪ ٻئي جوابدار راءِ طاهر کي آئوٽ آف دي ٽرن پروموشن ڏئي پنجاب ۾ پوليس جي سينيئر پوزيشن تي مقرر ڪيو ويو. شقيب قريشي بعد ۾ ڪافي عرصي تائين بلاول ڀٽو زرداريءَ جو لنڊن ۾ نگران به بڻيل رهيو هئو. اها خبر هڪ ته خدا کي ۽ ٻي آصف زرداريءَ کي ته بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس ۾ مبينا طور مشڪوڪ ڪردار رکندڙ رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ ڇو وفاق جي اهم کاتن جا وزير بڻايا ويا ۽ مرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس جا سڀئي جوابدار ڇو اهم عهدن تي مقرر ڪيا ويا.

Sep-30-2015    19

صرف ان تي به بس نه ڪئي وئي، بينظير ڀٽو جي سڀني اهم ۽ اعتماد وارن ساٿين ناهيد خان، صفدر عباسي، نثار کهڙو، مخدوم امين فهيم، سيد علي نواز شاهه ۽ ٻين کي ڪنڊائتو ڪري وفاقي ۽ سنڌ سطح تي نئين ۽ عجيب و غريب ٽيم جوڙي وئي. سنڌ ۾ 80 سالا بزرگ قائم علي شاهه کي نمائشي وزيراعليٰ مقرر ڪري اصل وزيراعليٰ جا اختيار پهرين اويس مظفر ٽپي ۽ بعد ۾ فريال ٽالپر کي ڏنا ويا. جڏهن ته سنڌ سطح تي سينيئر ٽيم ۾ مراد علي شاهه، شرجيل ميمڻ، آغا سراج دراني، منظور وساڻ کي اڳيان آندو ويو. جن کي شايد اڳين پوئين ۽ دنيا جي هر ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هئو.

هن سڄي پٽاڙ جو مقصد پڙهندڙن کي صرف اهو سمجهائڻ آهي ته بينظير ڀٽو جي مئي پڄاڻان ملڪ ۽ خاص طور سنڌ جي هڪ رٿابنديءَ سان ڀينگ ڪئي وئي.

سنڌ جي تعلقن جي ترقي لاءِ قائم ٿيل ٽي ايم اي کي اي ٽي ايم مشين ڪري استعمال ڪندڙ قيادت جو انهن سڀني ڳالهين کان سڀ کان وڌيڪ جرم اهو به آهي ته هن بينظير ڀٽو لاءِ پنهنجا امڪاني قاتل قرار ڏنل شخصيتن سان اعلانيه ۽ خاموش مفاهمت ڪئي آهي. بينظير ڀٽو پنهنجي مارڪ سيگل کي لکيل اي ميل ۾ پرويز مشرف، برگيڊيئر اعجاز شاهه، جنرل حميد گل ۽ چوڌري پرويز الاهي کي پنهنجو امڪاني قاتل قرار ڏئي موت کان اڳ جو بيان (Dying decleration) ڏنو هو، جنهن جي قانون جي حساب سان تمام وڏي اهميت آهي پر سندس مئي پڄاڻان سندس ور آصف زرداري چوڌري پرويز الاهيءَ کي نائب وزيراعظم مقرر ڪري (ق) ليگ کي پنهنجو اتحادي بڻايو پر ان سان گڏوگڏ پرويز مشرف، اعجاز شاهه ۽ حميد گل سان خاموش مفاهمت ڪري کين هر قسم جي عدالتي ڪارروائي کان آجو ڪري ڇڏيو.

هتي پرويز مشرف طرفان تازو ڏنل هن بيان جي هن حصي کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي جنهن ۾ هن آصف زرداريءَ کي بينظير قتل ڪيس ۾ گواهه طور گهرائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي. مجموعي طور تي شهيد بينظير ڀٽو جي قتل پويان يقينن ملڪي ۽ عالمي قوتون آهن پر ان سڄي عمل ۾ پنهنجن جي غفلتن، لاپرواهين ۽ مشڪوڪ ڪردار کي بلڪل به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. مون کي هي سٽون لکندي سنڌ حڪومت جي هڪ اهم وزير جي نجي ڪچهريءَ ۾ ڪيل گفتگو تمام گهڻي ياد اچي رهي آهي جنهن ۾ هن ولائتي شراب جي چسڪي ڀري فرمايو هئو ته “بينظير ڀٽو ڪهڙو پنهنجي پيءُ جو قتل ڪيس کولرايو هئو، هن به ته پنهنجي پيءُ جي قاتلن سان مفاهمت ڪئي هئي ته پوءِ توهان اسان جي ۽ اسان جي اقتدار جي پويان ڇو پئجي ويا آهيو”

منير نيازي چواڻي ته:

“ڪڇ شهر دي لوگ وي ظالم سن،

ڪڇ سانون مرڻ دا شوق وي سي….”

ليکڪ انگريزي اخبار دي نيوز ۽ اردو اخبار جنگ جو تحقيقاتي رپورٽر آهي ۽ هي ليک خاص طور تي افيئر لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو