Home / سياسي افيئر / جمهوريت جي آئيني نفي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي هڪ هٽي!
above article banner

جمهوريت جي آئيني نفي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي هڪ هٽي!

Jami Chandioڪڏهن ڪڏهن اسان کي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته کيسي يا گهر ۾ پيل موبائيل فون وڄي ٿي، رِنگ جو آواز اوهان جو ڌيان ڇڪرائيندو آهي، اوهان گهر ۾ آهيو، رستي ۾ يا ڪنهن سگنل تي بيٺل آهيو، فوري طور فون ڪڍو ٿا، اوهان کي پڪ ٿئي ٿي ته فون تي ڪا به رِنگ نه آيل آهي، اهو ڪڏهن وهم ته ڪڏهن حقيقت به هوندي آهي، اوهان جي فون جي رِنگ وڄندي رهي ۽ اوهان ان کي پنهنجو وهم سمجهو، هن وقت به ملڪ ۾ صورتحال ڪجهه اهڙي ئي آهي، لڳي ٿو ته بوٽن جو کڙڪو ٿئي ٿو، آس پاس ڏسون ٿا ته خبر پوي ٿي ته اهو اسان جو وهم هو، ڪٿي خاموشي ۽ ڪٿان رڙيون اسان جي وهم ۾ اضافو ڪري رهيون آهن، خاص ڪري ان وقت جڏهن آڪٽوبر به مٿان هجي!

سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي بدعنوانين ۽ پنجاب ۾ ن ليگ جي اُرھ زوراين ۽ ڪرپشن جي قصن جو وڏو زور آهي، ماڻهو چون ٿا ته جمهوريت ڀلو نظام آهي پر پوسٽر جنرل راحيل شريف جا لڳل آهن، هي آهي دنيا جي نرالي جمهوريت، جنهن ۾ نه رڳو سپه سالار ملڪ جي وزير اعظم کان وڌيڪ پاپولر ڪرايو ويو آهي، پر ايترو ئي سياستدانن کي بڇڙو به بڻايو ويو آهي، اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن اوهان کي محسوس ٿئي ته بوٽن جو کڙڪو ڪٿان ٿئي ٿو، ته ضرور ڪجهه آهي، ضروري ناهي ته هر دفعي اهو آواز اوهان جو وهم ئي هجي، ؟!

آرمي چيف جنرل راحيل شريف جڏهن کان مختلف ترقياتي رٿائن جا افتتاح شروع ڪيا آهن ته حڪومت کي اها ڳالهه ياد آئي آهي ته ملڪ جي گادي واري ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ هوٽلن تي مَٽن ڪڙاهي ۽ کوتا ڪڙاهي جي جاچ ڪرڻي آهي. بيڪري وارن جي رڌڻن ۾ وڃي ڏسڻو آهي ته ڪِنا آنا ڪيترا استعمال ٿين ٿا، فائيو اسٽار هوٽلن جي ڪچن کي به سيل ڪرڻو آهي جيئن عام عوام تي اهو دهمان ويهاري سگهجي ته ڪير به قانون کان مٿاهون ناهي، فوري طور تي اها خبر جاري ڪرائڻ لاءِ فون به ڪيا وڃن ٿا، پر ڪجهه دير بعد جڏهن فائيو اسٽار هوٽل جو ڪچن ڊي سيل ٿئي ٿو ته ان بابت ڪنهن کي به آگاهي ڏيڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. حڪومت کي ان ڳالهه جو به هاڻي خيال آيو آهي ته شهرن جي ننڍن وڏن علائقن ۾ اهڙا ڊاڪٽر به موجود آهن، جن وٽ ڊاڪٽري جي سند ناهي، اهي ماڻهن کي جانورن واريون انجيڪشنس هڻن ٿا، ڪجهه ڏينهن انهن تي به مارو هوندو، وري سڀن کي ڳالهه وسري ويندي، شرم جهڙي ڳالهه اها آهي ته گذريل ٻن هفتن کان ٽي وي جي اسڪرينن تي اوهان کي رڳو ڪتن ۽ گڏهن جي گوشت جي هٿ اچڻ جون خبرون ۽ فوٽيج ٽي وي اسڪرينن تي نظر اچن ٿا، رات جو ٿڪجي گهر پهچو، ماني کائڻ وقت نيوز چينل لڳايو ته گڏهن ۽ سوئرن جي گوشت جون خبرون ڏسڻ لاءِ ملن ٿيون. ڇا ان صورتحال ۾ اوهان مارڪيٽ مان گوشت خريد ڪندئو؟ جن کي اهو ڌندو ڪرائڻو هو اهي ڪامياب رهيا، ائين به نه هو ته ڪو اهو سڀ ڪجهه چند ڏينهن لاءِ ٿيو، ۽ پوءِ قانون حرڪت ۾ آيو ۽ سڀ ڪجهه بند به ٿي ويو.

September 15 , 2015 (14)

تازو اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ گڏهن جون کلون پرڏيهه اماڻڻ تي پابندي هنئي وئي آهي، اسان جڏهن شماريات واري کاتي جا انگ اکر ڪڍيا ته خبر پئي ته پاڪستان ۾ هڪ سال اندر 10 هزار گڏهن جو اضافو ٿيو آهي، جڏهن ته انهي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گڏھ جي کل جي قيمت 18 کان 20 هزار رپيا آهي ۽ چائنا ۾ اها وڌيڪ گهربل آهي. چون ٿا ته ڪاسميٽڪ جي سامان ۾ انهي جو استعمال وڌيڪ آهي، گذريل ڪجهه سالن ۾ پاڪستان ۾ 20 ڪروڙ رپين جون گڏهن جون کلون وڪرو ٿي چڪيون آهن، ان ڪري هاڻي سرڪار کي خيال آيو آهي ته گڏهن جي کلن جي پرڏيهه اماڻڻ تي پابندي هنئي وڃي، ڇاڪاڻ ته کل وڪرو ٿيندي ته گوشت ته مسلمان ڀائرن کي وڪرو ڪيو ويندو، اهو فيصلو به ان ڪري ڪيو ويو ته جيئن ان ڳالھ جي تصديق ٿئي ته واقعي گڏهن جي گوشت جو وڪرو ٿيندو رهيو آهي. جيڪڏهن ڪڙيون ڪڙي سان ملايو ته اوهان کي اندازو ٿي ويندو ته گڏهن جو گوشت هٿ اچڻ، مئل ڪتن جا فوٽو ڏيکارڻ واريون خبرون ڏيکارڻ ۽ ان بعد گڏهن جي کلن تي پابندي هڻڻ جو فائدو ڪنهن کي ٿيو آهي؟ چون ٿا پنجاب ۾ پولٽري فارمن جي ڌندي تي شريف خاندان جي اهم ماڻهن جي اجاراداري آهي، حرام گوشت خلاف نام نهاد مهم جو سڄو فائدو انهن کي ٿيو آهي، ماڻهن گوشت کائڻ ڇڏي ڏنو آهي، هاڻي مردار ڪڪڙيون وڪرو ٿي رهيون آهن، ڪاسائين جا ٻئي هٿ مٿي تي آهن.

مختلف شهرن مان اهي خبرون اچن پيون ته جنرل راحيل شريف جي مقبوليت ۾ گهڻو اضافو ٿي ويو آهي، رات پيٽ ۾ انيڪ علائقن ۾ جنرل راحيل لاءِ تهنيتي بورڊ لڳي ويا آهن، ”اهليان پاڪستان“ پاران کيس اڃا به ٻه ٽي وکون اڳتي وڌائڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، ان عمل کان پوءِ کير جي سڙيلن لسي به ڦوڪي ڦوڪي پيئڻ شروع ڪئي آهي. هنن کي ان ڳالهه جو گمان ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي، ته ٻيو ڪو آپريشن ته نه ٿيڻ وارو آهي، جڏهن فوجي دستا وزيراعظم هائوس جو گيٽ ٽپي اندر داخل ٿيندا آهن، ۽ پوءِ ميري عزيز هموطنو جا جملا ادا ڪيا ويندا آهن، جن جي گونج ذري گهٽ ڏهاڪو کن سال ته هلندي ئي آهي. ڇا هن دفعي به ائين ئي ٿيڻ وارو آهي، اسٽيبلشمينٽ سان همدردي ۽ ان جي نقطئه نظر سان سهمت ٿيندڙن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سياستدانن مزاحمت نه ڪئي ته پوءِ سياسي سيٽ اپ موجود رهندو، ۽ جيڪڏهن مزاحمت ٿي ته پوءِ ملڪ جو منظر نامو مڪمل طور تبديل ٿي ويندو. هن دفعي جيڪڏهن فوج آئي ته پوءِ اهو پاڪستان جو سخت ترين مارشل لاء هوندو، اها ڪيترن جي خواهش به آهي، ان ڪري سمورين ليگن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ لاءِ چوڌري شجاعت دورا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، پر هن دفعي جيڪڏهن صورتحال تبديل ٿي ته عمران خان سڀني کان وڌيڪ فيورٽ هوندو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي صوبي ۾ به احتساب لاءِ رينجرس کي دعوت ڏئي رهيو آهي. 2013ع جي چونڊن کانپوءِ هن لاءِ ئي سڄي ملڪ ۾ ماحول تيار ڪيو ويو آهي.

پر حالتن جو اندازو ان وقت واضح ٿيندو، جڏهن پنجاب ۾ آپريشن شروع ٿيندو، هن وقت ٻه طرفي صورتحال آهي، ايف آءِ اي سڌي گهرو وزير جي اختيار هيٺ ڪم ڪري ٿي، ۽ گهرو وزير ڪنهن جي اختيار هيٺ ڪم ڪري ٿو، ان بابت سڀ سمجهن ٿا، جڏهن ته نيب آزاد ادارو آهي، پر هن جي آزادي جي به هڪ حد آهي. پاڻ سڀ سمجهي سگهون ٿا ته ايترن سالن کان ستل نيب اوچتو ڇرڪ ڀري اٿي پئي آهي ۽ ٽانڊا ڏئي ڇڏيا اٿس.

پر هاڻي آهستي آهستي اهو مطالبو زور وٺندو پيو وڃي ته پنجاب ۾ به آپريشن ٿيڻ گهرجي، ان مطالبي ۾ اها به وضاحت ٿيل آهي ته اهو بدعنواني خلاف هجي يا نه هجي، پر شدت پسند دهشتگردن ، انهن جي مالي سهائتا ڪرڻ وارن خلاف آپريشن شروع ٿيڻ گهرجي، فوج هن وقت رينجرس جي معرفت ڪراچي ۾ آپريشن ڪري رهي آهي، بلوچستان ۾ ايف سي معرفت ۽ قبائلي علائقن ۾ پاڻ سڌي ريت انهي آپريشن ۾ شامل آهي. پنجاب ۾ جهادين خلا ف آپريشن جي مطالبي کي فوج نظر انداز نٿي ڪري سگهي، ڇاڪاڻ ته اڄ ملڪ ۾ جيڪا شدت پسندي موجود آهي ان جو ٻيو وڏو ۽ محفوظ ميدان پنجاب ئي رهيو آهي، پنجاب ۾ اڄ به وڏا جهادي ۽ انهن جا مرڪز موجود آهن. جيتوڻيڪ هن وقت انهن جون سرگرميون تمام گهڻيون گهٽجي ويون آهن، پر اهي ختم نه ٿي سگهيون آهي، انهن جا حامي اڃا تائين وڏي پئماني تي نه رڳو عام علائقن ۾ موجود آهن، پر سرڪار جي پهرين صفن ۾ به موجود آهن، ذريعا ان ڳالهه جي دعويٰ ڪن ٿا ته سنڌ ۾ معاملا سڌا ڪرڻ بعد پنجاب جو وارو اچڻو آهي،

گذريل ٻن هفتن دوران جيڪڏهن ملڪ ۾ حڪومت ۽ فوج جي سرگرمين جو جائزو وٺجي ته پتو پئجي ويندو ته ڪير ڪيتري پاڻي ۾ آهي، مثال طور هن سال دفاع واري ڏهاڙي جي گولڊن جوبلي ملهائي وئي، سمورن ٽي وي چينلن پندرنهن ڏينهن اڳ ۾ ان ڏينهن جي تياري شروع ڪري ڇڏي، آءِ ايس پي آر پاران 50 سال اڳ هندستان سان ٿيل هن جنگ ۾ شهيد ٿيل جوانن ۽ آفيسرن جي پونئيرن سان رابطي جا نمبر به جاري ڪيا ويا، جيئن انهن تائين پهچي پيڪيجز تيار ٿي سگهن. جي ايڇ ڪيو ۾ روايت تحت هڪ وڏي تقريب جو به اهتمام ڪيو ويو ، جنهن ۾ پهريون ڀيرو سينيٽ چيئرمين ميان رضارباني، سيد خورشيد شاھ ۽ وزيردفاع خواجا آصف گڏجي انهي تقريب ۾ پهتا، هن تقريب ۾ آرمي چيف جي تقرير ملڪ جي اندروني ۽ پرڏيهي پاليسي مٿان فوج جي اثر جي واضح نشاندهي پئي ڪئي. ان ئي ڏينهن ملڪ ۾ ترقي جي حوالي سان وفاقي حڪومت پاران تيار ٿيل اشتهار سڄو ڏينهن ٽي وي چينلن تي هلندا رهيا، جيئن عوام مٿان اهو تاثر سلامت رهي ته سولين حڪومت به موجود آهي ۽ ڪجهه ڪري به رهي آهي.

آرمي چيف سان گڏجي، جي ايڇ ڪيو جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ سينيٽ چيئرمين ميان رضارباني ڏهن ڏينهن بعد جمهوريت جي عالمي ڏهاڙي تي سينيٽ جي اجلاس ۾ پنهنجي آبزرويشن ۾ چيو ته حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ لاڳاپا بهتر ناهن، آئين جو آرٽيڪل 6 پنهنجي اهميت وڃائي چڪو آهي. عوام ۽ پارليامينٽ ۾ وڇوٽي وڌي وئي آهي،

ن ليگ ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ پريشانين ۾ وڪوڙجندي نظر اچي رهي آهي، هن جيڪڏهن رڳو پاڻ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ٻين کي ٻڏڻ ڏنو ته ڪم وڌيڪ خراب ٿيندو. پاڪستان ۾ سياستدانن جي نااهلين جي ڪري جهموريت بدنام ٿي رهي آهي، پاڪستان هن وقت پرڏيهي سطح تي انتهائي اڪيلائي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ سمجهي ٿي ته هن وٽ سمورن مسئلن جو حل آهي ته اها خام خيالي ضرور ٿي سگهي ٿي، پر ان جو حقيقت سان ڪوبه تعلق ناهي، هن دفعي بوٽن جي آواز وارو وهم جيڪڏهن حقيقت ۾تبديل ٿيو ته پوءِ ڪجهه به نه بچندو!!!

Email:razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو