Home / اسپيشل افيئر / راڳ، رقص ۽ شاعري!
above article banner

راڳ، رقص ۽ شاعري!

Khalid Kunbharانهيءَ رات گڍي ڀٽ جي پاساڙي ۾ يوگا ڪندڙ شهري ڇوڪرن جي ٺاهيل آشرم تي هڪڙو ننڍڙو ٿڌڙي جو پروگرام رٿيل هو. سڄي شهر جا نوجوان ڇوڪرا انهيءَ وقت انهي پروگرام ۾ موجود هئا. اهي شهري ڇوڪرا پنهنجي سڀاءَ ۾ ايئن ئي هئا جيئن شهر جي ڪچڙي جواني هجڻ به کپي. پرتاب شيواڻي جي ميسيجن تي ڪوٺ کي قبول ڪندي. انهيءَ آشرم جو در اُڪري پهتاسين ته ٿڌڙي جي مناسبت سان رکيل هي پروگرام شروع ٿيڻ تي هو. هن پروگرام جو روح ته سگريٽ جا وڏا ڪش هڻي ٽهڪ ڏيندڙ اهي ڇوڪرا هئا پر انهيءَ ۾ جيڪي به پرفارمنس هئي اها به گهٽ نه هئي.

انهي پروگرام ۾ جڏهن ڪولهي قبيلي جا ڪجهه نوجوان سندن لوڪ گيت راسوڙي تي ڊانس ڪري رهيا هئا ته ايئن لڳو ڄڻ ڪو جڳن جو شڪاري قبيلو هجي جنهن سوم رس جا مٽ ڏڪيا هجن ۽ ڌُت ٿي رقص ۾ هجن.

دماغ ۽ تصور ڪيتريون ئي صديون پوئتي هليو ويو جڏهن اڃا قبيلي وارا ڪپڙن جي جڳهه تي پن ٻڌندا هئا. هن قبيلي جا ابتا پيرا ڪيترن ئي کنيا آهن. هڪڙن جو خيال آهي ته هي موهن جي دڙي جو قبيلو آهي جيڪو ڪول لفظ مان ڪولهي ٿيو آهي. هڪڙن جو خيال آهي ته بمبئي ديوي جا پوڄاري آهن ۽ هنن جا ابتا پيرا بمبئي ۾ کٽن ٿا. اڃا هڪڙي ٻي اينٿروپالاجيڪل ريسرچ ڪندڙ همراهه جو خيال آهي ته هي آفريڪن قبيلو آهي جيڪو ڪٿان رُلندو پنندو، وڪرو ٿيندو اچي هتي پهتو آهي. انهيءَ قبيلي جي انهي رقص کي ڪنهن ان رات ڪيترو ياد رکيو پر اهو رقص اڃا منهنجي ذهن ۾ آهي. ميرا اگلا ڪڇرا ڪولهي پر رقص ۾ آيا ته زمين تي ويهي ڦيرڪي کائي اٿي تاڙي ٿي هنيائون ته سڀ ڏسندا رهجي ٿي ويا. انهيءَ پروگرام ۾ ڳاڙهي چمڙي وارا شهري ڇوڪرا به انهي رقص تي مست هئا.

انهيءَ رقص کانپوءِ هڪڙو ٻيو رقص به انهي پروگرام ۾ ٿيو جيڪو هڪڙي ٺڪر قبيلي جي فرد ڪيو، انهيءَ رقص ۾ سمورو ڪمال انهن ٻن تلوارن جو هو. اهو سمورو رقص تلوارن سان هو، انهي وقت مونکي سوتلائي وارو بارڊر تي ويٺل ڪاڪو محبت سنگهه ياد اچي ويو جيڪو 71ع جي ڀاڄڙ ۽ 47ع جي ورهاڱي ۾ به ليڪي تي هوندي به ملڪ ڇڏي بارڊر کان هن پار ڪونه ويو. انهيءَ ٻڌايو ته اهو تلوار وارو هاڻ ته ڪرتب ٿي ويو آهي پر ڪنهن زماني ۾ اها جنگي سکيا هوندي هئي جيڪا فوج کي ڪرائي ويندي هئي. جڏهن انهيءَ رات هي سوڍو ڦينٽو ٻڌي تلوار کي ڪيترن ئي رخن کان مختلف طريقن سان هلائي رهيو هو ته تصور ۾ ڪئين سوڍن جا ڦينٽا ۽ تلوارون گهمڻ لڳيون، ايئن لڳو ڄڻ ڍاٽ جي سوڍن تي ڪنهن ڪاهه ڪئي هجي ۽ ڏهرن ۾ لڪي سوڍا جنگي سکيا وٺي رهيا هجن.

Sep-30-2015    42

انهي رات ئي اتي هڪڙي ننڍڙي ڇوڪري جي گائڪي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. اهو ننڍڙو ڇوڪرو زوار پوءِ ته سوشل ميڊيا تان انهي رات کانپوءِ نالي چڙهيو ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي به آيو. ڪافي دوستن پنهنجي پروفائيل پڪچر به زوار جي نالي جون رکيون. هن جيڪا بندش ڪلاسيڪل راڳ ۾ ڳائي انهيءَ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. هي حيران ڪرڻ جهڙي ڳالهه به هئي، هاڻ ته انهيءَ جا وڊيو فيس بڪ تي به اپلوڊ ٿيا پيا آهن پر تڏهن اڃا اها ڳالهه رڳو رجب فقير تائين هئي. پوءِ خبر پئي ته اهو انتهائي مسڪين ڇوڪرو آهي جيڪو ڏينهن سڄو بسن ۾ ڌڪا کائي منرل واٽر جون بوتلون کپائيندو آهي ۽ پوءِ راڳ سکندو آهي. هي هڪڙي الڳ اسٽوري آهي بهرحال رجب فقير جو هي ڪم ساراهڻ جوڳو آهي ضرور.

انهي رات ئي اتي هڪڙو ٻيو فقير به پهتو جنهن تي تازو جنگ ۾ اسٽوري نظام سمي جي ڇپاڻي هئي. اهو ڏوڪرو ڪامچ وڃائي رهيو هو. جنهن مهل اهو گم ٿيل ساز اتي وڄي رهيو هو ته سڀني جا اندر سڙي رهيا هئا. ڪو ڪماچ سان روح کي ڪٽي رهيو هو.

انهيءَ رات سورٺ ۽ راءِ ڏياچ واري ٻيجل جوڪماچ ياد اچي ويو. اهو پوڙهو هو به مڪمل ٿري ويس ۾ بس ڪماچ جي آواز ساهه ٿي ڪڍيو، جيئن رات ٺرندي پئي وئي ڇوڪرن جا ٽهڪ هال ۾ ٻرندا پئي ويا.

اتي رجب فقير وفا پلي جي شاعري ڳائي ته ممتاز نهڙيو هر لفظ تي ورائي ورائي چئي رهيو ته ڪنهن کي سمجهه ۾ به اچي ته هي ايئن آهن جيئن فوجن لاءِ ڇو جو هنن گل صرف مزار تي ڏٺا آهن انهي ڪري هنن لاءِ گل ڪا معنيٰ نٿا رکن. گلن جي قيمت ته ڪنهن دل واري ڇوڪري کان پڇجي سو وفا جي شاعري به ڪنهن دل ڀڳل کي وڻندي.

اُها رات مٺي جي پنهنجي خيال جي منفرد رات هئي، جتي ٿر جو ڪلچر، ٻولي، راڳ، رقص ۽ شاعري سڀ اچي گڏ ٿيا هئا. انهيءَ محفل ۾ جڏهن سائين صادق جي ڇوڪرن نزاڪت ۽ راحت، سائين صادق جا ڳايل ڪلام ڳايا ۽ “جنهن وقت هي جوڳي جاڳيا” ڳايو ته سڄو پنڊال سنڌ ٿي ويو هو. مشاعري ۾ خليل جي نظمن “پاڻ ۾ مهڪيو وطن” پڙهيو ته بس ٿي وئي. استاد ممتاز نهڙئي پنهنجي ئي شاعري پنهنجي آواز ۾ ڳائي ته بس.

ٿڌي رات ڀٽ جي پاساڙي جي هي محفل هلندي رهي. جيڪڏهن اهڙا پروگرام دليپ دوشي ۽ دليپ امر جهڙا نوجوان سائين پرتاب جي رهنمائي ۾ رکندا رهندا ته مذهبي انتهاپسندي ڏانهن وڌندڙ ٿري سماج جتي اقليت، اڪثريت، ملائيت، دلت ۽ هندو ازم جي مذهبي چولن مان آجو ٿي نج ٿري رنگ ۾ رڱجي ويندو اهو ئي ٿر کي ڊگهي حياتي ڏئي سگهي ٿو. ٻهراڙي ۽ شهري سوچ به هڪ ٿي سگهي ٿي. راڳ رقص ۽ شاعري ٿر کي امن ڏانهن وٺي وڃي سگهن ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو