Home / سنڌ افيئر / سمن سرڪار جو ميلو جتي هزارين ڪڪڙ گڏ ٿين ٿا!
above article banner

سمن سرڪار جو ميلو جتي هزارين ڪڪڙ گڏ ٿين ٿا!

Allah Bachayoصوفي بزرگ سيد سمن شاهه جو ساليانو 84 هون عرس وارو ميلو هن سال بدين ضلعي جي شهر پنگريو لڳ درويش جي درگاهه تي وڏي ڌام ڌوم سان لڳو. 29 سيپٽمبر کان 2 آڪٽوبر 2015ع تائين چار ڏينهن هلندڙ هن ميلي ۾ سنڌ جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪري ڀرپور تفريح حاصل ڪئي، جنهن ۾ بدين ضلعي ۽ لاڙ جي عوام جو وڏو انگ شامل هو.

درويش سمن شاهه جيڪو ڪڪڙن جي پير ۽ ڪڪڙن جي سرڪار طور مشهور آهي، ان لاءِ سندس عقيدت مند ميلي جي موقعي تي پاڻ سان گڏ هڪ نرديسي ڪڪڙ (ٻانگو) پڻ گڏ کڻي ايندا آهن، هن سال پڻ سمن شاهه جي درگاهه تي هزارين ڪڪڙ (ٻانگا) پهتل هئا جن جي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ يڪ آواز ٻانگون ڏيڻ واري سُريلي راڳ جا مزا ئي پنهنجا هئا. عقيدي طور درگاهه تي نذراني لاءِ گڏ ٿيل اهي هزارين ڪڪڙ اڪثر بروقت ڪسجي ويندا آهن، ڪجهه ماڻهو پنهنجا آندل ڪڪڙ پاڻ ئي درگاهه تي ڪهي کائي ڇڏيندا آهن ۽ گهڻا نذراني وارا هزارين ڪڪڙ درگاهه سمن شاهه جي خليفي ۽ اوقاف کاتي جي اهلڪارن حوالي ٿي ويندا آهن جيڪي ڪڪڙن جون گاڏيون ڀرائي وڪڻي هر سال لکين روپيا ڪمائي موجون ماڻيندا رهندا آهن.

سالياني ميلي کان سواءِ هر چنڊ واري مهيني جي پهرين سومر جي رات جنهن کي لاڙ سميت سڄي سنڌ ۾ سائو سومر چيو ويندو آهي ان رات پڻ سمن شاهه جي هن درگاهه تي هزارين زائرين نذراني وارا ٻانگا کڻي پهچندا آهن. جن ڪڪڙن سان پڻ ساڳي ڪار ڪئي ويندي آهي. عقيدتمندن طرفان آندل اهي نرديسي ڪڪڙ زائرين پنهنجي گهرن ۾ ئي پالي وڏا ڪندا آهن ۽ سُکا طور پاليل ان ڪڪڙ کي اهي عقيدتمند سمن شاهه جي ڪڪڙ جو نالو ڏيئي ان کي سٺي خوراڪ کارائي مچائي مواڙ ڪري پنهنجي هٿن سان درگاهه تي کڻي اچي باسيل سُکا جي پيروي ڪن ٿا. عقيدتمندن چواڻي ان سُکا جو نذرانو ڏيڻ سان سمن سرڪار خوش ٿي کين پٽ جو اولاد عطا ڪندو. ڪڪڙن واري سمن سرڪار کي ڪڪڙ جي بدلي پُٽ ڏيندڙ پير ۽ درويش پڻ سڏيو وڃي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو سالياني ميلي کان سواءِ هر جمعي جي رات ۽ هر مهيني جي سائي سُومر تي درگاهه تي ايندڙ زائرين ۾ نوجوان عورتن جو پڻ وڏو انگ شامل هوندو آهي. عقيدتمندن ۽ زائرين طرفان درگاهه تي ڪڪڙ کڻي اچڻ واري ان روايت لاءِ مشهور آهي ته درويش بزرگ سائين سمن شاهه کي ڪڪڙ تمام گهڻا پسند هئا. سندن حياتي ۾ جيڪو به ماڻهو هن سان ملڻ ايندو هو ته هو سرائڪي ٻولي ۾ ان کي چوندو هو ته: “ڪڪڙ آندا هَئي؟ هُن جڏهن به آوين ڪڪڙ چائي آوين،” درويش جي ان ڪرت سبب سندس حياتي ۾ ئي هن وٽ گهڻا ڪڪڙ گڏ ٿي ويندا هئا ۽ سندس وفات بعد عقيدتمندن طرفان سندس درگاهه تي ڪڪڙ کڻي اچڻ جي روايت قائم ٿي جيڪا اڃا تائين جاري آهي.

Sep-30-2015    36

درويش سمن شاهه لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو مجذوب هو. اهو درويش سرمد جيئان بنان تن جي لباس ۽ ڪپڙن جي اگهاڙو گهمندو رهندو هو. اهو اڪثر سرائڪي زبان ۾ تمام گهٽ ڳالهائيندو هو. ويهين صدي جي هن درويش کي مهراڻي، ونگي ۽ ولاسي جي وڏي ڄمار جي جهونڙن پڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، جن جو پڻ اهو چوڻ هو ته هو ڪپڙا نه پائيندو هو ۽ هر وقت عورتن جي اڳيان پڻ بنا ڪپڙن جي گهمندو رهندو هو. مجذوب درويش سمن شاهه جيڪو هندستان جي بي رحم بادشاهه اورنگزيب جي حڪم سان سرمد جيئان پنهنجو سر ڪٽائي امر شهيد ته ٿي نه سگهيو پر ڪڪڙن جو بادشاهه سمن سرڪار ضرور ٿي ويو، جنهن جي درگاهه تي هزارين ماڻهن جا ميلا متل آهن.

ويجهي ماضي جي هن انوکي درويش جي پيدائش جي تاريخ، هنڌ ۽ والدين بابت معلومات پڻ متضاد ۽ بنهه اڻ مڪمل آهي، جيڪا ڳالهه پڻ تمام افسوسناڪ ۽ حيران ڪندڙ آهي. هيل تائين درويش جي وفات جا متضاد مختلف ٽي سن 1927ع، 1929ع ۽ 1935ع، ڪن ليکڪن طرفان لکيا ويا آهن. جڏهن ته درويش جي پيدائش واري ماڳ ۽ اصل جنم ڀومي واري ڳوٺ تي پڻ اختلاف آهن، بنا تحقيق ڪرڻ جي ڪن ليکڪن ڌُڪا هڻي سندس ڳوٺ پنگريو لڳ ديهه سانگي ڦرهو لکيو ته ڪن همراهن درويش جي پيدائش جو اصل ماڳ تعلقي تلهار جي هڪ ڳوٺ بڙدو جمالي کي قرار ڏنو آهي. نهايت افسوس جو مقام آهي ته اسانجا ڪي مقامي صحافي ۽ ليکڪ جن درويش صفت هن بزرگ تي ڪا به حقيقي تحقيق ڪرڻ جي بجاءِ محض عقيدي جي بنياد تي پهرين سمن سرڪار ۽ بعد ۾ هاڻي تازو ڪجهه سالن کان ميلي جي رپورٽنگ ڪرڻ وقت لاڙ جو لال سمن سرڪار کان سواءِ ٻين ڪيترن ئي لقبن سان گڏ لکڻ شروع ڪيو آهي. حقيقت اها آهي ته هن کان اڳ عظيم صوفي بزرگ حضرت خواجا محمد زمان صديقي کي لنواري جو لال ۽ حضرت مولوي احمد ملاح کي لاڙ جي لال جا لال جا اعزاز حاصل ٿيل آهن جن ٻنهي سنڌ جي بزرگ عظيم هستين جو علمي ادبي قد ڪاٺ تمام گهڻو مٿاهون آهي تنهن ڪري اسانجي انهن دوستن کي ڪنهن به جذبات جي وهڪري ۾ وهڻ جي بجاءِ حقيقت پسند هئڻ گهرجي، اسانکي پنهنجا سڀئي بزرگ ۽ درويش پيارا آهن پر هر ڪنهن هستي جو پنهنجو مقام آهي.

سمن شاهه جي درگاهه لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها درگاهه سندس هڪ هندو ڌرم جي سنڌي عقيدتمند گلاب راءِ 1932 ۾ تعمير ڪرائي، درويش جي مٿي ڄاڻايل وفات جي مختلف سنن مان پڻ ظاهر آهي ته اهو عرصو فقط 85-80 سال آڳاٽو آهي ته پوءِ ڇو ان بزرگ جي فقط 80 سالن جي آڳاٽي تاريخ عظيم درياهه پُراڻ جي پٽن ۾ گم ٿي ويئي آهي. هي درويش سائين سمن شاهه يقينن عظيم ۽ قديم درياهه پراڻ جي پٽن تي ڄائو ۽ ان ئي مٽيءَ ۾ مدفون آهي، جنهن درياهه لاءِ لطيف سائين چيو:

جُهوني پراڻ جُڳ گهڻيئرا سنڀرين،

تو ڪي ڏٺا هاڻ، لاکي جهڙا پهيڙا.

جنهن پراڻ درياءَ لاءِ اهو پڻ مشهور آهي ته رڻ ڪڇ کان نصرپور تائين ان جي ڪنڌين تي سوا لک صوفي بزرگ ۽ درويش مدفون آهن، ان پراڻ جي پٽن ۾ بڊاماڻي، مهراڻي ۽ ونگي جي علائقي ۾ سيد سمن شاهه سميت خان شاهه، راضي شاهه، ڪلام شاهه، ساجن سوائي جهڙن ڪيترن ئي بزرگن ۽ درويشن جون مزارون اڏيل آهن جن تي پڻ هر سال ميلا لڳي رهيا آهن. پر سمن جي هن ميلي تي هر سال گهڻي خلق اٿلي پوي ٿي.

Sep-30-2015    37

هي ميلو ڀٽ ڌڻي ۽ قلندر شهباز کان پوءِ سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو ميلو ڳڻجي رهيو آهي، درويش جي پيدائش ۽ وفات جي درست تاريخ نه هجڻ ڪري هي ميلو هر سال مختلف مهينن ۾ لڳي رهيو آهي. ڪجهه سال اڳ تائين هي ميلو هجري مهيني 14 شوال تي لڳندو هو پر هن سال 14 ذوالحج تي لڳايو ويو. ايل بي او ڊي خوني راڪاس وگهي 2011ع ۾ آيل مها ٻوڏ ۾ درگاهه سمن شاهه سميت ونگي ۽ پڊاماڻ جو هي سڄو وسيع ڀاڱو غرق آب ٿي وڃڻ ڪري ان سال هي ميلو لڳي نه سگهيو. اڪثر ڪري سمن سرڪار جو هي ميلو بدين ۽ لاڙ ۾ ساريالي فصل جي لهڻ وقت سنڌي هندي موسمي مهيني ڪتي ۾ لڳندو رهندو آهي.

هر سال جيئان هن سال پڻ هن ميلي ۾ ڏاند ڀٽارا ۽ اُٺ وڪري لاءِ وڏي تعداد ۾ پهتا، جن جو واپار پڻ چڱو ٿيو. ڍڳن ۽ اٺن سان گڏ هن سال لاڙ جا ڀلا لاسي گڏهه پڻ چڱي تعداد ۾ وڪري لاءِ پهتا. جيتوڻيڪ ڀلن ۽ ڍلن گڏهن جي وڪري جي سڄي ملڪ جي سڀ کان وڏي پڙي هر سال ڏهين محرم الحرام تي بدين ضلعي جي شهر ٽنڊو غلام علي ۾ لڳي ٿي پر گذريل ڪجهه سالن کان هن ميلي ۾ به گڏهه وڪري لاءِ ايندا آهن. ڏاندن، اٺن ۽ گڏهن جي وڪري سان گڏ ڀلي نسل جي انهن جانورن جي ڊوڙ جا مقابلا پڻ ٿيندا آهن. ان سان گڏ هن سال پڻ عام ماڻهن جي وندر ۽ تفريح لاءِ ملاکڙو پڻ شاندار لڳو، جنهن ۾ ملهه پهلوانن پنهنجي طاقت ۽ فن جا جوهر ڏيکاري انعام ۽ داد حاصل ڪيو. عام ميلن جيئان سرڪس، ٿيئٽر ۽ جهولا به عام ماڻهن جي وندر جا مرڪز رهيا. راڳ رنگ ۽ موسيقي ۾ به سنڌ جي مشهور لوڪ ۽ صوفي راڳ جي فنڪارن پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري خود داد حاصل ڪيو. پنجاب جي لوٽن وارين عورتن ۽ ناچو ڇوڪرن پڻ ناز نخرن سان مسڪين لاڙ واسي شوقينن جا کيسا خالي ڪيا. جيب ڪترن بشنين به گهڻن ماڻهن جا کيسا ڪٽي خوب جاوا ڪيا، مقامي پوليس ۽ منشيات فروشن پڻ خوب ڪمايو. ميلي ۾ بدانتظامي سبب پيئڻ جي پاڻي جو بحران رهيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو