Home / اسپيشل افيئر / سنڌي ڪنهن کي ڪوٺجي؟ (II)
above article banner

سنڌي ڪنهن کي ڪوٺجي؟ (II)

Irshad Memonسنڌي هئڻ جي سِڌي سنواٽي وصف معلوم ڪرڻ جي پٺيان ڪارڻ ڪهڙا آهن؟ هر ايندڙ ويندڙ جي وات تي پهريون سوال اهو ڇا لاءِ هجي ٿو؟ پٺاڻن جي مُلڪ رَسي کانئن ايئن پُڇيو آهي ڪنهن؟ پنجابين کان؟ راجسٿان پهچي اُتان جي رهواسين کان؟ مُلڪ کان ٻاهر نهارجي ته چيني ماڻهوءَ يا جپانيءَ کي تنهن طرح جي کوٽ کوٽان سان منهن سامهون ٿيڻو پيو آهي ڪڏهن؟ ايمانداريءَ سان جائزو وٺجي، سبب آڏو رکيا آهن. ورهاڱي کان اڳ اهڙي قسم جي تشريح جي گهرج محسوس ئي نه ٿي. 47ع جي ڀونچال ۾ اسان ٽوٽا ٽڪرا بڻجي، يَڪ ڌرمي گروهه رهجي وياسين. دل گُهرئي مذهب جا مڃيندڙ وڌيڪ ۽ تاريخي، نسلي ۽ لِساني سڃاڻپ سانڍيندڙ قوم بنهه نَه هئڻ برابر. اصولي طور، سياسي پنڊتن کي لوڪ لاءِ سَو پيغام عام ڪرڻ کپي ها، جنهن منجهه مذهبي سڃاڻپ سنڀاليندي تازي ڄاول رياست سان وفا جي وچن کي پاڻي ڏيڻ جي ڳالهه هجي ها. تيئن ڪين ٿيو، نڪور ۽ اوپري ڀڳت ۾ پاڻ نئين سنڌ جي ڳولها ڪندي هر نَٿُو خيري کي ڀاڪر پائي، ڀاءُ ڪوٺڻ لڳاسين. ويل چئجي جڏهن سنڌيت ۾ نسب جو خاتمو آيو، ڪجهه ورهيه پهريان تائين جن طرف کيرٿر کان پرانهين ۽ روهي جي برپٽ سان لاڳاپيل لِڇَ جي پس منظر ۾ ڏٺو ٿي ويو. عرب خون جي رڳن ۾ گردش ڪرڻ تي ناز هئن. سي راتئون رات موهن جي دڙي جي وارث هئڻ جي هام هڻڻ لڳا. هندوستان کان پُهتل همراهن جو ته قصو ئي ڌار ڄاڻو.

سنڌيت جي وضاحت ۾ ضرور ڪي جَهول آهن جن ڪارڻي ڌرتي ڌڻي هُجڻ جي اسان جي اڌيڪار تي آڱريون کڄن پَيون. ٻاهران رَسيل اجنبي ارواحن جي لوڌ جي هتي مستقل رهائشي ٿيڻ بعد ڄاڻايل سوال جي اهميت کي زورائتو ٽيڪو مليو آهي، ڪوئي مڃي نه مڃي، ڌاري آبادڪاري جو حمايتي تَازِي لازمي طرح ان نُڪتي کي اُٿاريندو. 73ع جي آئين کي ڀَل سوني پاڻيءَ سان لکو. پٺاڻ، پنجابي، سرائيڪي سَيٽلر سنڌ مان اُٿندڙ سادات، ٻَروچ سِرائي دانهوڙ کي خُود وانگر هجرت ڪري ايندڙ آدميءَ جي اعتراض جيتري وُقعت ڏيندي دير ڪين لڳائيندو. صوبائي ڪابينا جي مگسي وزير جي تازو ايم ڪيو ايم مامري تي اسيمبلي فِلور تي ڪيل تقرير ياد ڪريو ۽ نه وساريو ته وڏو ڀاڻهنس بلوچستان جو چيف منسٽر ۽ گورنر رهي چُڪو آهي. مگسي صاحب جي سنڌيت سَندي هَامَ مان هَوَا نڪرندي ڪيترو وقت خرچ ٿيندو؟ ڪهڙي حال ۾ به، هتان جي ڏاهپ سنڌي هُئڻ جي تُز وصف ڏيڻ کان ڪن لاٽار پاري عياشي گهڻو سمئه ماڻڻ جاري رکي نه ٿي سگهي. قومي ايڪي کي بچائڻ وارو بهانو ڪيستائين ڪم ايندو؟ نيشن هُوڊ جي معراج تي نه وري اهڙي روش سانڍي پُهچي ٿو سگهجي. صاف لفظن ۾ سنڌيت جا معيار مقرر هئڻ جي غير موجودگي پِڻ هتي ڊيموگرافي جي لاڳاتار بگاڙ جو سبب ڄاڻجي.قسمين قسمين نَسلي ۽ سماجي پس منظر رکندڙ اوپرن انسانن جي سنڌ ڏانهن اڻکٽ آمد کي ٻُنجو ڏيڻ واسطي ڌرتي ڌڻي هجڻ جي چِٽي ۽ ابهام کان خالي وضاحت جي گهرج اوس پوندي. سندس قانوني ۽ اخلاقي حَقَ محفوظ ڪرڻ خاطر. صوبي جو مستقل رهواسي ڪير آهي؟ هَر اُهو نَه جيڪو هتي ملڪيت خريد ڪري، جُڳاڙ وسيلي ڊوميسائيل پي آر سي ٺهرائڻ ۾ سڦل ٿي وڃي. سنڌ اندر پراپرٽي وٺڻ فقط اُن کي ڏجي جنهن وٽ پيڙهه جي بُنيادن تي شهريت جو اڃا ڪو ٻيو ثبوت هُجي. قانون سازي کپي ٿي. پُختي سياسي ارادي جي طلب آهي.

Sep-30-2015    46

سنڌي هئڻ واري معاملي تي مَٿي ڪُٽَ جي رڳو اڪيڊمڪ اهميت ڪانهي. اهڙي سُوال پٺيان ڀَرپُور پوليٽيڪل مُحرڪ آهن. آباديءَ جي توازن جي موتمار شڪل ۽ ٻيا کوڙ. صوبائي سرڪار سندي رِٽ قائم ڪندي ته سنڌ جي مسئلن ڪاڻ ڪوششون وٺي سگهندي. آئين ۾ حاصل چُرپر ۽ رهائش اختيار ڪرڻ جي آزادي کي ڇڙواڳي سان ڪتب آڻيندي مُلڪ جي اُترين ۽ اولهندن علائقن کان ماڻهن جي اٽالن جي صورت ۾ هيڏانهن ڌُوڪ ڌُوڪان کي ٻُنجو ڏيڻ نهايت نازڪ، ڏکيو ۽ خطرن ڀريل ٽاسڪ آهي. تڏهن هڪڙي مرحلي تي لازمي طور ڌرتيءَ جو وارث ڪير آهي جو سوال ڪَرُ کڻندو. ڇا ڪجي، اسان کي برباديءَ جا انيڪ پاسا پلئه پيل آهن. نيشنل يونٽي 47ع ۾ وڃائي چُڪاسين. هاڻ قوم هئڻ جي منصب تان هٿ ڌوئڻ جي ويجهو اچي رسيا آهيون. هڪ يا ٻه سيڪڙو اڪثريت، 4% هندن جي باقي سنڌ ۾ هُوندَ جي مهرباني ڄاڻو. اوپري، غير زبان ۽ نسل آدم جي ڪاهه ۾ گهٽتائيءَ جا امڪان نه آهن. ساڻيهه جي اصل سرواڻ هندو سنڌين پويان ٻريل باهه ڏينهون ڏينهن تِکي ٿيندي وڃي. هڪ طرف لاڏائو پهچن ۽ ٻيءَ ڀِڪ وطن واسي عقيدي ۾ تفاوت جو سيڪ محسوس ڪندي بارڊر پار ڪن. تڏهن، سنڌيت ڪيتري انگ ۾ باقي پوئتي رهندي؟ سندس سياسي سگهه ڇا وڃي بچندي؟

ڌيان ۾ رهي ته سنڌي سماج جنهن کي ٿا ڪوٺيون اُن منجهه داخلي تضادن کان گهڻو سمئه اک چورائي نه ٿي سگهجي. سماٽ غير سماٽ مزاجن ۾ رڳڙ اڄ به بنهه هيٺين سطح تائين پنهنجي وُجود جو احساس ڏياريندي ڀانئبي. جن پڙهندڙن کي نواب شاهه جي مشهور، ڏاهري ڊاڪٽر سان پيش آيل وارتا جي خبر آهي سي تنهن بات جي شاهدي ڏيندا. بروهين سان ڏهاڪا پُراڻي ڦڏي ۽ نفيس طبع طبيب جي جي پڙهيل لکيل ڪُڙم پاران مخالفن جي جانوراڻي وحشت جي موٽ ۾ اپنايل بچاءَ جي آکاڻي هاڻ لوڪ داستان جو رُوپ ڌاريندي پسجي. جن صاحبن اهڙا ويچار پاليا آهن ته ٻُوڌي مائينڊ سيٽ ماريل سماٽ مقابلو ڪري نه ڄاڻين. تن کي گُهرجي ته افعالين مُئل بروهي جي قتل جي قيمت طور ڊاڪٽر جي سرجن نياڻيءَ جي سڱ جي طلب سان هُن ڪيئن مزاحمت ڪئي، سو نهارين. سالن کان سِرُ تريءَ تي رکي جيئندڙ اِن ڪٽنب سان بلوچ ايرياز مان سنڌ منتقل ٿيل هُوڙهيائپ کي سنڌي سوسائٽي جو اٽوٽ ڀاڱو ڄاڻائڻ سَندي دليل بازي ڪهڙي مُهانڊي ڪري سگهبي؟ مهربان پاٺڪن روبرو عرض ٿو ڪجي ته هُو ذڪر هيٺ ڪيس جو تفصيل سان مطالعو ڪن. نواب شاهه پَري ڪونهي. کين ذرو پُرزو معلوم ٿي ويندو.

Sep-30-2015    47

جن وٽ اتهاس سَندي پاسي هئڻ جو ناز آهي. سنڌ ۾ پيدا ٿيڻ تي غُرور اٿن. سَي نه وسارين ته اُتر انڊيا کان هتي رَسيل آبادي کي ستر ورهيه گذري چُڪا آهن. مُني صدي! ٽي نسل هن ڌرتيءَ تي جنم ڏنا اٿن. ٻَه ٻَه پيڙهيون پنجابي پٺاڻن جون، بلوچن جي اچ وڃ جُدا ته سرائيڪين جي آبادڪاري الڳ. تاريخ انهن ماڻهن جي پڻ جُڙي رهي آهي. هِسٽري ۽ پيدائش جي بنيادن تي سندن حق به ٺهندي پَسجن. ايئن جيئن مُون پاري لُهاڻي يا ڪنهن ٻئي سماٽ، سُومراٽ جا. ڳڻتي جوڳي صورتحال، جنهن منجهه سنڌيت جو بيان ڏينهون ڏينهن مُنجهندو وڃي. مستقل مفادن جي پئنڊورا باڪس کي کولڻ جو هاڃو کڻي ئي نه ٿو سگهجي. سنڌي ڪنهن کي ڪوٺجي؟ هَر اُن مستقل رهائشي کي جنهن وٽ ڌرتيءَ جا مفاد عزيز هجن- اڃا تائين سَا وصف سامهون آئي آهي. سنڌ جي مفاد ۾ ڇا هجي ٿو ۽ ڇا نه، تنهن مامري تي هتان جو ڊوميسائيل پي آر سي رکندڙ هَر رهواسي وٽ راءِ ڏيڻ جو اڌيڪار تسليم ڪجي؟ مٿين تشريح جي روشني ۾ سندس اهڙي حق کان انڪار ممڪن نه آهي، تڏهن، لکن جي تعداد ۾ صوبي ۾ وَسيل پختون انسانن، پنجابي، سرائيڪي خلق جي ارادن کي ڪيڏانهن ڪندا؟ اردو ڳالهائيندڙ مخلوق جي چونڊيل پارٽي طرفان ڌار وطن، سنڌ-ٽُو جي کُنڊائپ آڌاريل مطالبي کي ڪيئن رَدُ ڏيندا؟ مطلب، تاريخي پس منظر رکڻ ۽ ڌرتي ڄاوا هُجڻ جي اسان جي لَوڏَ ته ڪڏهوڪو ڌُوڙ ٿي ويل ڄاڻجي. تڏهن، سنڌي هئڻ مَان مُراد ڪهڙي وٺجي جو جواب اڃا سرس اهميت پاليندي نهارجي. مُشڪل فيصلا ٻُڌائيندڙ سياست وارن، ساڃاهه وندن جي ڪنهن سَٿَ کي ڦِٽَ ڦڪڙي پلئه پوڻ جي انديشن جي پرواهه نه ڪندي اهڙي پَرَ تُز وضاحت سان آڏو اچڻو پوندو. جن ۾ سَا صلاحيت ۽ مردانگي هجي تن کي دير لڳائڻ نه کپي. ڏهاڪو سال ٻيا. تنهن بعد ان خفي جي لوڙَ نه رهندي. ڌرتي ڌڻي جنهن جنس کي پُڪارجي اُها هڪ گروهه جي صورت باقي وڃي بچي ته بچي. صُوبو انوکا نَڪَ نقشا رکندڙ ڌارين حوالي هُوندو.

قومي سياست جي ميدان تي اونداها ڪڪر پَسي، سول سوسائٽي جي ڪرپٽ روين ۽ ميسڻائپ تي مُبني مڇلائپ پروڙي، سرڪار سڏائيندڙ جيالن جو اَڇو مُنهن نهاريندي ۽ پڻ، گڏوگڏ، عوام جي چنڊ گرهڻ ورتل ڦاٽل واڇ تي هينئڙو لوڻ ڀائيندڙ هر هڏڏوکي آتم نراسائيءَ جي اوڙاهه ۾ لهندو وڃي. رياست جا نئين سِر نوان ٽڪساٽ جُدا بيچينيءَ جو ڪارڻ هجن. تڏهن، آشا جي مُٺ چانورن برابر پرساد لاءِ ڪهڙي ڪُنڊ واجهائجي؟ ڳاڻيٽي کان ٻاهر ڏَچَا واسينگ بڻجي اسان چوڌاري ڪُڏَ ڏيندا وتن. روشن خيال ۽ اورچ انسان ڪڏهوڪو الوپ ٿي ويا. ايندڙ پود تاريخي قوتن، هِسٽريءَ جي طاقت کان ايتري واقف نَه هُوندي جيترو سرد جنگ جي گرڀ مان نڪتل نسل ڄاڻي. پاڻ واري پيڙهي مٿان ڏوڪڙ بُوءِ جي هوڪي کان سواءِ کوڙ ٻيا ڪم آهن. سنڌيت جي وضاحت، بيهڪ انهن مان هِڪُ ڳڻجي. هيڏي ساري ساڻيهه ۾ مُدبر ماڻهن جو ڪال! عجب نه وٺي ته ڇا وٺي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو