Home / اسپيشل افيئر / سنڌي ڪنهن کي ڪوٺجي؟
above article banner

سنڌي ڪنهن کي ڪوٺجي؟

Irshad Memonضياءَ آپيشاهي جا آخري پنج سال. ايم آر ڊي هلندي ۽ پوءِ، سنڌ جي قومي سياست موچارو اُڀار ڏٺو. سينيٽر جتوئي ۽ ميڊم کهڙو جي جيئي سنڌ تحريڪ سان ويجهڙائيءَ کي اچرج وچان نهاريو ٿي ويو. ماڻهن کي ڀُٽي جي ڦاهي واري صدمي، آمريتي راڄ جي مخالفت ۽ جمهوريت جي بحالي سَندي سحر مان ڪڍڻ لاءِ نيشنلزم جي راهه هلائڻ خاطر جتن عام هئا. مظلوميت جي احساس کي ڏينهون ڏينهن وڌيڪ گَهرو ڪرڻ واسطي ڪالاباغ ڊيم ۽ اهڙا ٻيا ٻَرندڙ اِشوز سامهون آڻي، مَنجهن سرس ٻارڻ وجهڻ پاري حڪمت عملي مجهول خلق جي سمجهه کان گهڻو مٿاهون عمل هيٺ هُئي. پنجاب ڏانهن سَنيهو سَو روانو ٿيو ته سنڌي جُدا وطن حاصل ڪرڻ، آزاديءَ جي ڪَنڌيءَ تي آهن. تڏهن اُتان، حالتن جي اکين ڏٺي پروڙ لاءِ، هڪ هڪ ٿي دانشورن جي قطار هتي اچي لٿي. جهَرَ جهنگ جا چَڪرَ ڏنائون. لوڪ کان انٽرويوز ڪيائون. حيدرآباد سندن سرگرمين جو مرڪز. صبح شام نوجوان سياسي ڪارڪنن، صحافين ۽ سُڄاڻ فردن سان گفتگو ڪري نَوٽس لکڻ ۾ محو. تنهن طرح جي ڪجهه گڏجاڻين ۾ راوي پڻ شريڪ رهيو.

ياد رهي ته اُن مهل تائين ايم ڪيو ايم جيڪا تڏهن مهاجر قومي موومينٽ هئي ۽ پنجابي پختون اتحاد جُڙي چُڪا، ذات پات، مذهبي فِرقيواريت ۽ قبيلائي بنيادن تي جماعت سازي تيزيءَ جو مُهانڊو پَسيو. نسلي ويڙهه. مَار ماران جي وچ تي لاهور کان ڪَهي آيل مهمانن جو هر ميٽنگ ۾ پهريون سوال هيءُ هئو. اوهان سنڌي ڪنهن کي ٿا ڪوٺيو؟ سچ ته پاڻ اهڙي پُڇا جي موٽ ۾ نهايت ڇَسَو جواب ٿي ڏنو. سنڌ جو مستقل رهواسي ۽ جنهن کي هتان جا مفاد عزيز هجن. مفروضن کان آجا ٿي سنڌ جا مفاد ڳڻايو ۽ ٻُڌايو ته توهان کي هِنَ رياست کان اهنج ڪهڙا پهتا آهن، وٽن ٻيو سوال هئو. ايئن ڳالهه ٻولهه جي شروعات ۽ انت ڄاڻايل نُڪتن تي پئي ٿيا. ظاهري طور اسان جو مقدمو وڙهندڙ ۽ وڏي صوبي ڄَاوَل پنجابي ڏاهن آڏو حيدرآبادي دانش جي ويچار ونڊ بلڪل ڍنگ واري نه هئي، اعتراض ٿو ڪجي. سنڌ جي مستقل رهائش جا حق قائم رکندڙ ۽ پنهنجي پنهنجي نسلي، لساني ۽ قوميتي جُنون ورتل مهاجرن، پنجابين ۽ پختونن جي جهجهي انگ ۾ هتي موجودگي هُوندي سنڌي هُئڻ مان مُراد ڇاهي، جي پُڇڻ جي گهرج پويان ڍُونڍ ڀريل تسلسل هئو. اڄ تائين جيڪو توانو آهي، ٽيهه ورهيه بعد، هينئر به ٻاهران ايندڙ هر ساڃاهه وند مرد توڻي عورت جي وات تي پهريون سوال اهو ئي هوندو ۽ هجڻ پڻ کپيس. غور ڪبو ته پُختن ڪارڻن جو ٽيڪو آهيس.

September 15 , 2015 (44)

وَرجاءَ جي معافي. 80ع جي زماني منجهه ۽ ٽي ڏهاڪا پوءِ اڄوڪي سمئه، سماجي سائنس جي جهان سان واڳيل سمجهدار انسان کي تنهن طرح جي پُڇا رُوبرو دانهون ڪري ڀَڄڻو پوندو. پوئين سالن طرف واپسي ڪجي يا هاڻوڪي سانوڻي هلندي، پاڻ خبردار آهيون ته سنڌ ۾ انيڪ نسلي ۽ لساني گروهه آباد ٿي چُڪا ۽ رهيا آهن. ايم آر ڊي کان تُرت بعد هڪ پاسي مهاجر قوميت جو هوڪو پيو سُڻجي ته ٻِيءَ ڀڪ پنجابي پختون متحد ٿي رهيا هئا. سنڌي ڳالهائيندڙ خلق پيپلز پارٽي جي ڇَانوَ هيٺ جمهوريت جو مالڪوس ته قومپرستن جي جلسن دوران آجپي جي ڀيروي آلاپڻ ۾ رُڌل. تڏهن سنڌ جا مفاد نالي چٽڪمري جانور جي جنس ٻُڌائڻ مشڪل ڪم هئو. ساڳي ڏکيائي هاڻ به ڄاڻو. اسان پنهنجي بيان ۾ خود ٿا ڦاسئون. سنڌ جو مستقل رهندڙ هجي ۽ ڌرتي جي ڀلي ڪاڻ ويچاريندڙ، پاڻ پتوڙيندڙ، سَو همراهه سنڌي آهي. ڪراچي، سانگهڙ جا ڊوميسائل پي آر سي سانڍيندڙ شاهي سيد ۽ چوڌري ولي محمد کي پهرين سَٽ، بِنَا گُهرڻ جي سنڌي هئڻ جو سرٽيفڪيٽ آڇي ڇڏيوسين! ٻَه ئي وَاگهه ڪنهن فورم ۾ گڏبا ته مختلف صورتحال جنم وٺندي. هن ڌرتيءَ جي فائدي ۾ ڇا آهي ۽ ڇا ڪونهي، راءِ ڏيڻ جو برابر حق حاصل هوندن. ايئن سنڌ جا مفاد نئين سر جوڙ جَڪ مان گذرندا. حق پرست ڀَائُو جِن کي “ٽُو” کپندي- دليل جو هٿيار ڪٿان آڻيندا؟ پاڻ واري ويڙهي، قومي سياست ڪندڙ کوڙ آهن جيڪي ڇوٽڪاري جي اِسم کان پاسيرا نهارجن. ساڻيهه جي مشڪلاتن جي خاتمي واسطي اردو، پشتو ۽ پنجابي ٻوليندڙن کان سهڪار طلب ڪرڻ وارا آهن، پَرَ ڪٿي؟ اُن کان اَوَل سنڌ جي وارثي جهڙي ڪَنڊائين ڍينگهر کي ٻروچ- سرائي- سادات ٽڪساٽ آڏو ڪيئن وِکيريو ويندو؟ مُعاملو لازمي طور نسلي لِڇَ تي ايندو. لکڻ ڏيو ته سنڌيت اِٿينڪ مامرو آهي.

صوبي جي ڊيموگرافي ۾ هڪ وڏو ڀاڱو اردو ڳالهائيندڙن تي ٻڌل آهي. هُو ڪيڏانهن ناهن لڏڻا. سِنڌي ڪندڙ سنڌ جا مفاد جيڪي ڳڻائين ٿا لازم ڪونهي ته اردو دان انهن کي پنهنجو ڪن. وٽن سَندي ايجنڊا هئڻ کپي، سا آهين. ساڳي بات اَڌُ صدي کان وَسندڙ پختونن، پنجابين لاءِ اُچاريو. سرائيڪي ڌار لَوڌ آهن. منطق ته مُستقل رهواسي کي سنڌي ڄاڻجي، پير تي ڪهاڙو وهائڻ برابر آهي. چريائپ وارو آٽو الڳ ته قسمين قسمين نوع جا اِهي شهري سنڌ جا مفاد گڏيل طور طئي ڪري، انهن جي حاصلات واسطي جاکوڙين. بنهه داخلي دائري منجهه بلوچ، عرب نسب ۽ اڳرائپ، قبضي گير مزاج جي هُوندَ اضافي پيچيدگين جو ڪارڻ آهن. حقيقت مَڃي وٺجي ۽ اها ته سنڌيت هاڻ فقط اڪيڊمڪ مطلب ڪاڻ بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿي. عملي لحاظ کان تنهن کي ماڻڻ ۽ ڇوٽڪاري جي منزل ڏانهن گامزن ٿيڻ ممڪن نه آهي. پُختي ڄمار ۾ ليکڪ کان ڪوئي سنڌيت جو ڏس پڇي. هُو الهاس نگر پاسي آڱر کڻي چوندو- ايڏانهن تڙجي وئي!

راوي هِتي سندي اولاد سان مخاطب آهي. اهو ٻڌائيندي لڄ صفا نه ٿو ڀانئي- سنڌي هئڻ نسلي معاملو سمجهو. اڻکٽ ڳياڙي باز ايندا. ڪچڙن ذهنن کي مُنجهائڻ جي ڪندا. آريا، اڻ آريا جي اُلجهاءَ ۾ ڦاسائيندن. سماٽ، سُومراٽ جي گپ ۾ تِرڪائيندن. راجپوت ۽ راٺوڙ. سنڌيت جي تشڪيل ۾ ڌرم جو رول ٻُڌائي چريو ڪند. 47ع کان پوءِ نئين سنڌ جي ڳولا جا داستان زبان تي هوندن. مظلوميت جا نوحا. قربانين جا جُڙتو احوال. ٻروچ سِرائي سيدن جي سنڌي قوم ۾ ضِم ٿي وڃڻ جي افسانوي ڪٿا. ڌار وطن لاءِ هتي هلندڙ “سئو سالا جنگ” جا قصا. ترڪتال ايترا جو ٻَارَ موڳاٿي، سندن شخصي فائدن ڪاڻ ٻارڻ پسجن.

سوشل سائنس جا اڪابر توڻي تاريخ جا پارکو مُجرماڻي چُپ ٽوڙين. قومون نسلي بنيادن تي جُڙنديون، عام کي سُڻائين. ٻولي، ثقافت، وطن ۽ اتهاس، ايڪانومي بعد ۾ ليکجندڙ عنصر آهن. کين سَا واهي، حَدَ اوس به ڏيکارڻي پوندي جتي سنڌيت، غير سنڌيت کان پاند آجو ڪري، نروار ٿي بيهي، بلڪل تفاوت ۾ هجي. سنڌي هئڻ جو آٿت سانڍيندڙ پنهنجي اصليت ڳڻائي مَانُ پائي. وٽس شجرو هجي جو ڪنهن کي ڏيکاري وجهي، سنڌي ڪير آهي؟- شَڪي ٿيڻ سواءِ سوال جو جواب سامهون آڻي. جيڪڏهن ڪوئي سنڌي قوم جي لِڇَ ۾ ناهي ته اسان جي قسمتن سان کيڏڻ ۾ تڪڙ نه ڪري سگهي. سِٽيزن ۽ نيشنل، ٻنهي منجهه فرق چِٽو هجيس. اجتماعي مامرن ۾ ذاتي لاڀ ڪارڻي ناجائز طور حُجت رکڻ جي همت نه ساري. پاڻ ڀَل ٿورائيءَ ۾ هجون پر قائدي بيٺل سنڌيت جي دائري ۾ ليکجون. ورهاڱي گهڙيءَ نيڪالي ڏنلَ ساڻن پيش آيل ڏولاون، انياءَ بابت انصاف ٿيندي نهارين.

ليکڪ ٻالڪ روبرو ندامت وچان ڪنڌ کڻڻ جهڙو نه آهي. هينئر جڏهن هُو اجل طرف وڌي رهيو آهي، لاچار ڄاڻو جو ابهم کي حقيقي نيشن هُوڊ، قوميت جي هنج کان محروم رکي موڪلائي ويندو. سنڌيت جي تُز سڃاڻپ کيس دنيا ۾ ڳاٽ اُوچو ڪري وک کڻڻ ۾ مدد ڪندي. زمين اندر پاڙون کُتل هوندس. نِسري وڻ ٿي ڦَلُ ڏيندو. اتهاس کي پنهنجو ڀائيندو. پيار، سهپ ۽ رواداري جو اوتار ٿي جيئڻ لڳندو. اوڙي پاڙي وارا هتي رهن يا اصل ماڳن ڏانهن واپسي ٿئين، اهنسا جو گُڻُ سنڌ جي پرساد مِثل ڇاتيءَ اوتيل هُجين. امن هن ڌرتيءَ جي پهرين طلب آهي، ڄاڻي وٺن. سنڌيت جو آتم آشتيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه آڇي ڪين سگهي. ان جَهرڻي کي لُڙ ڪرڻ جي ارادي سان هيڏانهن ڪاهيندڙ هَر کُنڊو شخص ڪُڌي نيت ڀوڳيندو، ضرور به. نئين زماني ۾ برابر، اَوسرَ نيشنلزم جي ڪاٺيءَ سهاري ڪانهي ٿيڻي. قوميت جي ڀاونا سڃاڻپ جي حد تائين باقي رهندي. سلوگن ته سنڌي هئڻ ڪا مهان وٿ آهي، سياسي ترڪتاليءَ جو ٻَلُ وڃائي چُڪو. ڪلچر جي ريڪارڊ جي درستگيءَ خاطر ان صفت جي مختلف پاسن کي ڀَل عام ڪجي. مقدار جي لحاظ کان سنڌيت ايتري گهڻي بچي ڪانهي، جيتوڻيڪ. ڪنهن اوپري نسل کي هتي رهندي، جذباتي پهلو رکندڙ ان لاڙي کي مڇلائپ آڌاريل ڪارج ۾ آڻڻ جو موقعو نه ملي، جيئن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو