Home / ڪور افيئر / سنڌ وري گدڙ کائي ويندا؟
above article banner

سنڌ وري گدڙ کائي ويندا؟

Mushtaq Shuruيارهن سال ان جي ڏاڍ، جبر، ظلم، تشدد، اذيتن ۽ ذلتن جي قهري دور جا ڪارا ڇمر سترهين آگسٽ 1988ع جي سج لهڻ مهل ان ويل هٽيا جڏهن C1-30 جي حادثي ۾ گذريل صديءَ جي بدترين آمر ضياءَ جو موت ٿيو. ان حادثي ۾ هن مڪروهه انسان جي جسم جو ڪو به حصو، ڪو به عضوو نه مليو سواءِ ڄاڙيءَ جي.

ان حادثي جي خبر سنڌين جي ڏکويل ۽ ڪوماڻيل چهرن تي تازگي آندي، سخت تپندڙ گرميءَ ۾ اهو حادثو ٿڌي هوا جي جهوٽي جيان لڳو. ان وقت محسوس اهو ٿيو ته ڏاڍ ۽ جبر جي نه کٽندڙ ڪاري رات نيٺ پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

پر اها گهاڻي ۾ پيڙجندڙ سنڌ جي اٻوجهه ۽ سٻاجهن ماڻهن جي ڀُل هئي، ڇو ته ضياءُالحق ڪنهن شخص جو نالو نه آهي پر اها علامت آهي ظلم، ڏاڍ، جبر، انتها تي پهتل ناانصافيءَ جي، مذهبي تنگ نظريءَ جي، مدرسن ۾ وڌندڙ ويجهندڙ نفرت جي، ملائيت جي، بدترين فرقا پرستي جي، جهاد جي اوٽ ۾ معصوم انسانن جي قتل عام جي، غير مسلم نارين کي اغوا ڪري زوريءَ مذهب مٽائڻ جي، تهذيب جي تنزليءَ جي، انسان جي تذليل جي، ڦرلٽ جي، بدديانتيءَ جي، رشوت ۽ رياڪاريءَ جي، رواداريءَ جي انت جي، اخلاقي ڏيوالپڻي جي، قومن جي وجود کان انڪار جي، سنڌ ۾ ڌاڙيل ڪلچر جي، ڀُنگ لاءِ ماڻهن کي اغوا جي، سنڌ دشمنيءَ جي، جاهليت جي، علم دشمنيءَ جي.

اها مڪروهه، بدبودار ۽ گندي سوچ سترهين آگسٽ 1988ع تي C1-30 جي حادثي ۾ ضياءُ سان گڏ سڙي ٻري ختم نه ٿي پر اڄ به زندهه آهي. پنجاب ۾ شريف برادران ۽ چوڌري برادران جي ويس ۾، سنڌ ۾ پ پ زرداريءَ ۽ وڏيرن جي روپ ۾.

ضياءَ دور ۾ جهالت جو سبق پڙهائڻ سان گڏ ماڻهن کي بي ايماني، بدديانتي سان دولت ڪمائڻ لاءِ وسيلا مهيا ڪيا ويا ۽ انهن کي اهڙي قسم جي ترغيب ڏني وئي، جيئن ماڻهن جو اخلاقي ڏيوالو نڪري ۽ پئسي لاءِ هو پنهنجي ماءُ، ڀيڻ ۽ زال جو به سودو ڪرڻ کي عيب نه سمجهن. لالچ ۽ ٺڳي ان دور جو ڪلچر بڻجي ويو، جيڪو اڄ به سنڌ ۾ مافيا جاري رکيو اچي.

سترهين آگسٽ 1988ع تي ضياءُ جو رڳو جسماني موت ٿيو هو پر هو اڄ به جيئرو آهي. ملڪ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي باقيات جي روپ ۾، هن جي سوچ اڄ به زندهه آهي ظلم، بربريت ۽ رشوت خوريءَ ۾.

اها گهڻي پراڻي ڳالهه ناهي، جڏهن زرداريءَ جو پيءُ حاڪم علي ضياءُ حمايت تحريڪ سنڌ جو صدر هو ۽ آصف زرداري ضياءُ حمايت تحريڪ ضلعي نوابشاهه جو صدر هو ۽ نوابشاهه ۾ يونين ڪائونسل جي چونڊن ۾ ڏهه پندرهن ووٽ کڻي شڪست کاڌي هئائين.

September 15 , 2015 (23)

سنڌي قوم جي بدقسمتيءَ جي شروعات زرداريءَ جي بينظير سان شاديءَ سان ئي ٿي ويئي. بينظير جي هٿ ٺوڪي وصيعت جي آڌار تي ڀُٽي جي پيپلز پارٽي تي قبضو ڄمائي ملڪ ۽ سنڌ ۾ اقتدار جون واڳون سنڀالي، ضياءُالحق جي روايت کي برقرار رکندي چورن، ڦورن ۽ ايم ڪيو ايم سان ناني ويڙهو ٺاهي سنڌ جي جيڪا ڀينگ ڪئي آهي، سنڌي ماڻهن سان جيڪا ويڌن ڪئي آهي، ان جو نتيجو سنڌ جا ايندڙ ڪيئي نسل ڀوڳيندا رهندا. سنڌ هاڻي وري ڪڏهن به ساڳي نه رهندي نه ئي سائي ٿيندي.

اڄ ڏيوالو نڪتل سنڌ جو بيروزگار نوجوان آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويو آهي. ٻئي طرف بينظير سپورٽ پروگرام وسيلي سنڌ جي غريب ۽ مجبور نياڻين کي دربدر ڪري ڌڪا کائڻ پوليس جون لٺيون جهلڻ تي مجبور ڪري پنڻ جي سکيا ڏني ويئي آهي ۽ بي سمجهه سنڌي ماڻهو ٻيا ڪم ڪار ڇڏي پنهنجيون زالون وٺيو شهرن جا ڌڪا پيا کائين جتي اي ٽي ايم مشين تي بيٺل ٺڳ هنن کان ٻه ٽي سئو ڦري ٿا وٺن.

ضياءُالحق جي سوچ ۽ نظريئي کي هٿي وٺائيندي سنڌ جي ساڃاهه، دانش، اخلاق، رواداري روايتن، تعليم، زراعت صحت، مالي وسيلن، تهذيب ٻولي ۽ سڀيتا کي Systematic طريقي سان هڪ هاڃيڪار تباهي ڏانهن ڌڪي سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ جي رٿابنديءَ تي ڪاميابيءَ سان عمل ٿي رهيو آهي. ان جو ازالو هاڻي ممڪن ئي ڪونهي.

سمجهڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ پ پ حڪومت ۽ مفاد پرست گروهه طرفان هڪ سوچيل سمجهيل رٿا هيٺ ضياءُالحق جي ايجنڊا تي ڳنڀيرتا سان عمل ڪيو پيو وڃي. ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ تعليم کي تباهه ڪري ايندڙ نسل کي جهالت ڏانهن ڌڪي سوچ ۽ سمجهه جي سگهه کان محروم ڪيو پيو وڃي ته جيئن هنن مان قومي سوچ کي ختم ڪري کين ويڪائو وڏيرن، ميرن ۽ پيرن جي غلاميءَ ۾ ڏنو وڃي. وڏيرو، مير ۽ پير ته هونئن به فطري طور تي سنڌ دشمن قوتن جو فطري اتحادي آهي، جيڪو ڌارين حاڪمن جي اشاري ۽ شهه تي اٻوجهه بي گناهه سنڌين تي صدين کان ظلم ڪندو رهيو آهي.

ان رٿا تي اثرائتي عمل لاءِ گهڻ رُخي پروگرام تي عمل ٿي رهيو آهي، جنهن هيٺ سنڌ جا شهر دهشتگرد ٽولي جي حوالي ڪري سنڌين کي ٻهراڙي ڏانهن ڌڪڻ، ٻهراڙيءَ ۾ هزارن جي تعداد ۾ اسڪولن کي بند ڪرڻ، سنڌ جي زرخيز زمينن تي قبضا ڪري سنڌي ماڻهن کي Disposes ڪرڻ، پوليس ۾ ڏوهاري ۽ ڪرمنل ماڻهن کي ڀرتي ڪري انهن هٿان سنڌي ماڻهن جي تذليل ڪرڻ، عدالتي نظام کي مفلوج ڪري جرڳن ۽ وڏيرن جي فيصلن کي هٿي وٺرائڻ ته جيئن ماڻهو وڏيرن جا محتاج ٿي انهن جي احسانن هيٺ دٻيل رهن ۽ جڏهن به چونڊون ٿين ته ووٽ پارٽي بدران وڏيرن کي ڏين.

ان رٿا هيٺ سنڌ جي مالي وسيلن جي ڦرلٽ ۾ پ پ وڏيرن کي پاڻ سان ساٿاري ڪري هميشه لاءِ سنڌ جي اقتدار تي قابض رهڻ جو منصوبو جوڙيو آهي.

هڪ جهور پوڙهي وڏي وزير جي هٿان سنڌ ۾ نااهل اڌ اکري ماڻهن کي ڪيڊر پوسٽن تي ويهاري سنڌ جي انتظامي ڍانچي جا بنياد ئي لوڏي ڇڏيا آهن. ڄاڻي واڻي تپيدار ۽ ماستر کي ڊپٽي ڪمشنر جي عهدي تي ويهاريو ويو آهي. ٻئي طرف ڪرمنل جمعدار ۽ ايس آءِ کي پوليس جو ايس ايس پي ڪري لڳايو ويو آهي. نتيجي طور سنڌ جي اها ٿاڦيل آفيسر شاهي ڪرپشن، ڦرلٽ، ڏاڍ ۽ ظلم جو هڪ مرڪز بڻجي ويئي آهي جيڪا عوام کي رليف ڏيڻ بدران عوام لاءِ آزار بڻيل آهي، هڪ اهو مسلسل عذاب آهي سنڌي عوام لاءِ ٻئي طرف سنڌ جي وسيلن ۽ دولت جي ڦرلٽ لاءِ وڏيرن، ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ سينيٽرس کي ڦرلٽ جي مال ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڏيڻ لاءِ پنهنجن خاص ماڻهن کي ٽي ايم اوز مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي ٽائون جي ڪروڙين رپين جي گرانٽ بئنڪ مان ڪڍرائي کيسي ۾ ٿا وجهن، جنهن جو هڪ حصو تر جي ايم پي ايز، ايم اين اي ۽ سينيٽر جو هوندو آهي. وڏو حصو بلاول هائوس پهچايو ويندو آهي. باقي کرڙ ٽي ايم او کي ملندي آهي. ان کرڙ مان به ٽي ايم اوز ڪروڙ پتي بڻجي ويا آهن. ڏاڍ مڙسي ته اها آهي جو گرانٽ جي استعمال لاءِ ڪوڙي لک پڙهه، فائيل جو پيٽ ڀرڻ جي تڪليف به گواره نٿي ڪئي وڃي. ٻئي پاسي سنڌ جا شهر آهن جيڪي جنگ ۾ تباهه وسندين جو ڏيک ڏيئي رهيا آهن، جٿي ڪٿي گند جا ڍير، گندي پاڻي جا تلاءَ ئي نظر اچن ٿا. ڀڳل ٽٽل رستا، بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ بيماري، علاج جي سهولتن جي اڻهوند سنڌي ماڻهن جو نصيب بڻجي ويو آهي. لڳي ٿو ته هاڻي واقعي به گدڙ سنڌ کائي ويا آهن، جيڪو هيل تائين رڳو هڪ پهاڪو هو.

ان صورتحال تي جي ٿلهي ليکي به نظر وجهجي ته سنڌ جو انتهائي ڀيانڪ ڏيک اکين اڳيان اڀري ٿو اچي. ڪڇي ته ڪير ڪڇي. وڪاڻل ڪرپٽ دانشور، چور اين جي اوز، بي ضمير صحافي ۽ اديب ٽڪي ٽڪي تي وڪامندڙ ڏاها ۽ قومي ڪارڪن ۽ ڀتاخور، قومپرست، سنڌ جو آئيندو سواءِ اونداهي جي ٻيو ڪجهه به ناهي.

سنڌي قوم جي اها انتهائي بدقسمتي آهي جو سنڌ جو اڳواڻ سنڌ دشمن ۽ انسان دشمن بڻيل آهي جنهن کان جيترو پڄي سگهيو آهي اوتري ويڌن هن سنڌي ماڻهن سان ڪئي آهي. اهو ته ٿيو سنڌ جو ظاهري ويري پر ٽرئجڊي اها آهي ته سنڌ جي ساڃاهه ۽ دانش به ته ٽڪي ٽڪي جي مفادن تي خوشامد ۽ چاپلوسي تي لهي آئي آهي ته پوءِ عام ماڻهوءَ کي ڪهڙو ڏوهه ڏجي. سنڌ جا ويري به ڄاتل سڃاتل آهن، پر سنڌ سان محبت ڪندڙن سنڌ سان جيڪي وڙ ڪيا آهن ڏک ته انهن جو آهي.

ڪيڏي نه وڏي بدنصيبي آهي جو سنڌ ماتا اسان جي اکين سامهون هڪ ڀيانڪ ۽ ڀوائتي تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ اسان بي وسيءَ ۽ بي حسيءَ سان سنڌ جي بربادي ۽ تباهيءَ جو تماشو ڏسي رهيا آهيون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو