Home / ڪتاب / سنڌ ڪهاڻي ۽ جي ايم سيد!
above article banner

سنڌ ڪهاڻي ۽ جي ايم سيد!

Younis Maharٻي جنگ عظيم کان پوءِ انگريز سامراج ٽپڙ ٻڌا ته برصغير ٻن ملڪن ۾ ورهائجي ويو، هڪ هندستان ۽ ٻيو پاڪستان. انگريزن خلاف جدوجهد ڪندڙ هندستان جا مڙوئي اڳواڻ اڄ اتان جا هيروز آهن پر ڇا سبب ٿيو جو پاڪستان واري حصي ۾ آيل انگريز خلاف جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ جيڪي انگريز سامراج جي نظر ۾ باغي ۽ غدار هئا اهي پاڪستان جي آزادي کان پوءِ به غدار رهيا. ڇا ڪنهن به مضبوط مرڪز جي حامي وٽ ان جو مطمئن ڪندڙ جواب آهي؟ پنج هزار سنڌين تي مشتمل هجرت تحريڪ جا رضاڪار جن جو اڳواڻ بئريسٽر جان محمد جوڻيجو هو ان قافلي ۾ بزرگ، جوان، عورتون ۽ ٻار به هئا، جن ڪيئي سالن تائين افغانستان ۾ جلاوطني جون سختيون سٺيون، انهيءَ لٽيل قافلي مان رئيس الحرار بئريسٽر جان محمد جوڻيجي سميت گهڻا آزاد پاڪستان جا هيروز آهن؟ مولانا عبيد الله سنڌي جيڪو هندستان جي جلاوطن حڪومت جو وزير خارجه هو، جنهن پنهنجي جلاوطن حڪومت جي منصبي جي دور ۾ افغانستان، سوويت يونين، مصر ۽ سعودي عرب ۾ ڪيئي سالن جا ڪشالا ڪاٽيا، اهو به اڄ جي آزاد پاڪستان جو هيرو نه آهي، پير سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه ۽ امر شهيد هيمون ڪالاڻي انگريز خلاف جدوجهد ڪندي سوري سزا وار ٿيا، اهي به آزاد پاڪستان جا هيروز نه آهن، ايستائين جو 1951ع تائين سورهيه بادشاهه جي گادي به بحال نه ٿي سگهي.

Sep-30-2015    53

مصنف پنهنجي ڪتاب “سنڌ ڪهاڻي ۽ جي ايم سيد” جي صفحي نمبر 183 تي لکي ٿو ته “حُرن جن ستر سالن تائين انگريز خلاف جدوجهد جاري رکي انهن کي اميد هئي ته جڏهن ملڪ آزاد ٿيندو ته هو به ڪئمپن مان آزاد ٿيندا پر ايئن نه ٿي سگهيو، ايتري تائين جو هندستان ۾ بمبئي جي ڪئمپن ۾ رهندڙ حُر جڏهن سنڌ واپس آيا ته انهن کي بنا ڪنهن ڏوهه ٻڌائڻ جي جيلن ۾ بند ڪيو ويو. پروفيسر الهورايو بهڻ ۽ سندس ننڍپڻ جا دوست گل محمد نظاماڻي ۽ ولي محمد نظاماڻي برصغير جي آزادي کان پوءِ جي حالتن کي پنهنجي ڪتاب “تان ڪي گهاريم بند” ۾ هيئن بيان ڪن ٿا.

“آزادي کان پوءِ جواهر لعل نهرو وزير اعظم هندستان اسان جي ڪئمپن ۾ آيو ۽ چيائين “اوهان غيرت مند آهيو، وطن جي آزادي ۾ اوهان اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، هتي رهي پئو اوهان کي زرعي زمين ۽ ٻيون مراعتون ڏينداسين.”

اسان جواهر لعل نهرو کي چيو ته “سنڌ وطن جنهن جي آزادي لاءِ اسان وڙهياسين، اسان پنهنجي ڌرتي تي واپس وڃڻ چاهيون ٿا.”

اسان جا وڏا ۽ اسان جا ابا ڏاڍا خوش ٿيندا پر وطن جي حدن ۾ پهتاسين ته اسان، بنا ڪنهن ڏوهه ٻڌائڻ جي گرفتار ٿياسين.”

پاڪستان جي نوڪر شاهي نه پئي چاهيو ته حريت پسند سنڌين جي سورهيه بادشاهه واري گادي بحال ٿئي. آخر چئن سالن جي عرصي کان پوءِ هندستاني ۽ سنڌ جي حُرن جو هڪ وفد جواهر لعل نهرو سان مليو ۽ هندستان ۾ پير پاڳاري جي گادي جي بحالي جي گذارش ڪئي، جڏهن اها خبر پاڪستاني حڪمرانن کي پيئي ته ٿرٿلو مچي ويو ۽ پوءِ وزير اعظم پاڪستان لياقت علي خان کي لنڊن موڪلي سورهيه بادشاهه جي پٽن سيد شاهه مردان شاهه ثاني ۽ سيد نادر علي شاهه کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني، ان کان پوءِ 1952ع ۾ پير پاڳاري جي گادي بحال ٿي.

خان غفار خان، سائين جي ايم سيد ۽ مير غوث بخش بزنجو جن پڻ انگريز سامراج خلاف جدوجهد ڪئي، جيل ۽ سختيون سٺيون اهي ڇو نه پاڪستان جي آزادي کان پوءِ هيروز بڻجي سگهيا.

خان غفار خان جڏهن ڪراچي ايندو هو ته ان جو قيام سائين جي ايم سيد وٽ حيدر منزل تي ٿيندو هو، گهڻو ڪري هو پنڌ بندر روڊ وٺي مولوي مسافر خاني يا سنڌ زميندار هوٽل تي پنهنجي ورڪرن ۽ دوستن سان گڏجاڻيون ڪرڻ ويندو هو ته بندر روڊ تان گذرندي اڪثر هن کي اها ڳالهه ٻڌڻي پوندي هئي ته “سالا جا رها هئي پاڪستان ڪا غدار.”

مير غوث بخش بزنجي، خان ولي خان، عطاالله خان مينگل ۽ ان جي ساٿين حيدرآباد سازش ڪيس ۾ چار سال غداري جي الزام هيٺ جيل ڪاٽيو.

سائين جي ايم سيد ته تقريبن 26 سال بغاوت جي الزام هيٺ آزاد ملڪ ۾ جيل ۽ نظربندي هيٺ رهيو، يعني اهو ئي سياسي اڳواڻ جنهن جي قيادت ۾ سنڌ اسيمبلي 3 مارچ 1943ع تي پاڪستان جي حق ۾ قرارداد پاس ڪئي ۽ اها ئي قراداد پاڪستان جو بنياد بڻي سو پنهنجي ئي ٺاهيل ملڪ ۾ غدار سڏيو ويو.

ڇا اها تاريخ جي ستم ظريفي هئي يا پاڪستان جي آزادي جي نالي تي غلامي جو نئون تسلسل ……اها ئي خادم حسين سومري صاحب جي نئين ڪتاب “سنڌ ڪهاڻي ۽ جي ايم سيد” جي اصل ڪهاڻي آهي.

288 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جو مهاڳ نامياري ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ نصير ميمڻ “تاريخ جي سچاين تان دز ڇنڊيندڙ ڪتاب” جي سري هيٺ لکيو آهي، هي ڪتاب انڊس اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپيو ويو آهي، قيمت 300 روپيا اٿس. هن ڪتاب ۾ ٽي سنڌ ڪهاڻيون آهن.

سنڌ ڪهاڻي 1:-

ٽالپرن کان انگريزن تائين آهي، هي دور 1800ع کان 1843ع تائين جو آهي، هن دور ۾ سنڌ ٽه طرفين زيادتين جو شڪار هئي هڪ طرف افغانستان کان دربدر ٿيل شاهه شجاع جنهن جو ڪليم شڪارپور تي هئو ٻئي طرف پنجاب جو حڪمران رنجيت سنگهه ۽ ٽئين طرف انگريز سامراج. انهيءَ تناظر ۾ 1809ع کان 1842ع تائين انگريزن جي ڪمپني سرڪار ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ پنج معاهده ٿيا پر انگريزن ڪنهن به معاهدي جي پاسداري نه ڪئي ۽ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو.

سنڌ ڪهاڻي II:-

سنڌ جا جياپي لاءِ جتن: هي دور 1843ع کان 1947ع تائين جو آهي، هن دور ۾ سنڌ ۾ رهندڙ مسلمانن، هندن، پارسين ۽ عيسائين گڏجي تعليمي کيتر لاءِ ڪم ڪيو سڄي سنڌ ۾ ڪيئي تعليمي ادارا کوليا ويا، هن دور ۾ “سنڌ سڀا” محمدن ايسوسيئيشن جون تعليمي خدمتون، حُر تحريڪ، 1900ع جي پهرين ڏهاڪي ۾ شهيد الله بخش، سائين جي ايم سيد ۽ سورهيه بادشاهه جو جنم ۽ انهن جا سنڌ جي تاريخ تي اڻمٽ نشان، انهن ئي سالن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، سر شاهنواز ڀٽو، سر عبدالله هارون، غلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙي جي قابليت ۽ جدوجهد، سنڌ جي بمبئي کان علحدگي لاءِ جدوجهد، سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو قيام.

1935ع جي انڊيا ايڪٽ جو نفاذ ۽ سنڌ جي رياستي حيثيت جي بحالي اليڪشن ۽ سنڌ جي وزير اعظم جي چونڊ، سنڌ جي هندو ۽ مسلمانن وچ ۾ تضاد ۽ جي ايم سيد جو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ.

انهيءَ دوران 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو 27 هون اجلاس 22 مارچ کان 24 مارچ لاهور ۾ ٿيو.

هن اجلاس ۾ محمد علي جناح، فضل حق ۽ سر سڪندر حيات سميت مسلم ليگ جا مکيه اڳواڻ شامل ٿيا، سنڌ مان سر عبدالله هارون، سائين جي ايم سيد ۽ محمد ايوب کهڙي هن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، هن اجلاس ۾ هڪ اهم قرارداد جيڪا قراداد لاهور جي نالي سان مشهور آهي، سان 23 مارچ تي بنگالي اڳواڻ فضل حق پيش ڪئي.

قراداد جو متن:

اها ايراضي جنهن ۾ مسلمانن جي عددي اڪثريت آهي جيئن اُتر-اولهه ۽ اڀرندي وارا علائقا، انهن کي اهو حق هجڻ گهرجي ته هو پنهنجون آزاد رياستون ٺاهين جنهن ۾ آئيني اداري تحت وحدتون خودمختيار ۽ آزاد هونديون.”

شهيد الله بخش 1940ع جي قرارداد جي حوالي سان سائين جي ايم سيد کي چيو ته “توهان خيالي جنت ۾ رهو ٿا، ان ڪري عملي سياست جي طريقن کان غير واقف آهيو. عملي سياست ۾ وعدن، ٺهرائن ۽ اصولن کي ڪو پڇي ئي ڪو نه ٿو، تاريخ پڙهي ڏسندئو ته توهان کي ڄاڻ پوندي ته مذهبن جا احڪام، حڪومتن جا عهدنامه، طاقت، شخصي ۽ طبقاتي مفادن جي ضرورتن ۽ مڪاني حالات جي گهرجن ۽ تقاضائن مطابق اڪثر ڪري قربان پئي ڪيا ويا آهن.”

سنڌ ڪهاڻي III:-جي ايم سيد-جي سري هيٺ آهي، هن ڪهاڻي ۾ 3 مارچ 1943ع جي سنڌ اسيمبلي جي پاس ٿيل قرارداد کان سائين جي وفات تائين جدوجهد جو تفصيلي حوال آهي، جنهن ۾ مون 1943ع جي قرارداد کي نشانبر ڪيو آهي.

Sep-30-2015    54

3 مارچ 1943ع جي سنڌ اسيمبلي مان سائين جي ايم سيد جي اڳواڻي ۾ پاس ٿيل قراداد، هي قراداد آزاد مسلم رياستن جي فيڊريشن لاءِ اهم پيش رفت هئي، هن قرارداد متعلق ٻه رايا آهن، هڪ راءِ آهي ته سائين جي ايم سيد قرارداد پاس ڪرائي تمام وڏي غلطي ڪئي پر ٻي راءِ آهي ته سائين جي ايم سيد جي عمل ۾ سچائي هئي، اهو قدم ان وقت جي حوالي سان هڪ ضرورت هو، آزاد ۽ خودمختيار مسلم رياستن جو وفاق سنڌين جي فائدي ۾ هو پر سائين جي سچائي سان دوکو ٿيو، سائين جو خيال هو ته 1940ع جي قرارداد لاهور اسان لاءِ مضبوط ضمانت آهي جيڪو مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت جو سنڌ ۽ ٻين ننڍن صوبن سان هڪ واعدو هو.

ان سلسلي ۾ سائين سنڌ اسيمبلي ۾ 3 مارچ 1943ع تي قرارداد پيش ڪئي، جنهن جو متن هيٺين ريت آهي:

“جيئن ته هندستان جا مسلمان مذهب، فلسفه حيات، معاشي رسمن، ادب، روايات، سياسي ۽ اقتصادي مفاد جي جدا هئڻ سبب هڪ جداگانه قوم آهن ۽ هڪ جدا قوم هئڻ جي حيثيت ۾ هندستان جي جنهن خطئه زمين ۾ هو اڪثريت رکن ٿا، اتي “آزاد ۽ خودمختيار قومي حڪومتن” قائم ڪرڻ جا حقدار آهن، ان ڪري صوبي سنڌ جا مسلمان پر زور طريقي سان پنهنجي راءِ جو اظهار ڪن ٿا ته کين ڪو به اهڙو آئين قبول نه ٿيندو جو کين هڪ مرڪزي حڪومت ۾ ٻي اڪثريت واري قوم جي ماتحت رهڻ لاءِ مجبور ڪري، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ سندن آزادانه زندگي گذارڻ ۽ عليحده نظريه حيات مطابق ترقي ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته کين پنهنجون جدا آزاد قومي حڪومتون قائم ڪرڻ ڏنيون وڃن.

ان ڪري ڪا به اهڙي ڪوشش جا کين زبردستي هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت رکندي سا کين قبول نه آهي، بلڪه اهڙي ڪوشش لازمي طور تي ملڪ ۾ خانه جنگي ۽ ٻين خوفناڪ نتيجن جي صورت ۾ نمودار ٿيندي.”

هن اجلاس ۾ 34 ميمبر شريڪ ٿيا 24 ميمبرن ٺهراءَ جي حق ۾ ووٽ ڏنو، 3 ڄڻن مخالفت ڪئي ۽ 7 ميمبرن بائيڪاٽ ڪيو، اهڙي ريت هي ٺهراءُ پاس ٿيو جيڪو اڳتي هلي پاڪستان جي پيڙهه جو پٿر ٿيو.

هن ٺهراءَ جتي سنڌ جي هندن ۽ مسلمانن ۾ وڇوٽي پيدا ڪئي اتي ئي ڪجهه سالن ۾ سنڌ جي مسلمان اڳواڻن جا به هوش ٺڪاڻي اچي ويا، جڏهن مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت 9 اپريل 1946ع ۾ مسلم ليگ جي اسيمبلي ميمبرن جو اجلاس گهرائي قرارداد لاهور ۾ States مان (S) ڪڍي اسٽيٽ ڪئي وئي، يعني هڪ ايس جي ترميم قومن جي آزادي ۽ خودمختياري واري خواب تي غلامي ۽ ڦرلٽ جي لڪير ڪڍي ڇڏي. ڇا اسان جي ان وقت جي قيادت کي اجتماعي طور تي ڪو به ادراڪ نه هئو ته مذهبي بنيادن تي قوم جو تصور ڏئي. اسان هڪ ته پنهنجي قومي ٻڌي جيڪا هندو مسلمانن جي وچ ۾ هجي ان کي ڌڪ رسايون ٿا ڇو ته ان وقت 60 سيڪڙو مسلمان ميمبر ۽ 40 سيڪڙو هندو ميمبر هئا، ٻيو ته اسان هڪڙي باهه جي مچ مان نڪري آڙاهه ۾ داخل ٿيون ٿا، اسان جي غلامي جي 104 سالن کان پوءِ اسان کي موقعو مليو هو ته اسان درست فيصلو ڪري غلامي مان جان ڇڏايون، پر اهو موقعو اسان جي قيادت Vision نه هجڻ ڪري ضايع ڪري ڇڏيو.

آءُ اڪيلي سر سائين جي ايم سيد کي ان جو ذميوار نه ٿو سمجهان پر جيڪڏهن سائين جي ايم سيد جهڙو باڪردار، باهمٿ ۽ ثابت قدم سياسي اڳواڻ شهيد الله بخش ۽ مولانا عبيد الله سنڌي جي صلاح تي هلي ها ته سنڌ هي ڏکيا ڏينهن نه ڏسي ها، جنهن غلطي جو سائين کي ادراڪ هو، جنهن لاءِ هن سڄي عمر ڪفاري طور تي گذاري ۽ هر پل سنڌ جو اونو رکيائين ۽ بهادري ۽ بي ڊپائي سان ثابت قدم رهيو پر فيصلي جي گهڙي گذري چڪي هئي، بقول اردو جي هن شعر مطابق:

لمحون ني خطا ڪي، صديون ني سزا پائي

هاڻ جڏهن 68 سالن کان پوءِ اسان اڄ جي قيادت تي نظر وجهئون ٿا ته اسان جي سياسي قيادت ڦورو، رشوت خور، نا اهل وڏيرن تي ٻڌل آهي، باقي رهيو مڊل ڪلاس ته هو به خصيص مفادن تي وڪرو ٿيڻ وارو، وڏيرن جو پڇ لٽڪائو ۽ نا اهل آهي، جنهن جو آئيڊيل پڻ وڏيرو آهي.

ڇا مستقبل جي سنڌ مان اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته ڪو سيڪيولر الله بخش ۽ بهادر سرويچ سورهيه بادشاهه پيدا ٿيندو، جيڪو سنڌ جي سياسي ۽ دفاعي لحاظ کان حفاظت ڪري سگهندو، آءُ تاريخ مان نا اميد نه آهيان.

سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اُڀا، لکين عيد جا چنڊ اڀري پون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو