Home / ڪرنٽ افيئر / سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو آزاد ڪائونسلرن جي پڙي لڳڻ واري!
above article banner

سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو آزاد ڪائونسلرن جي پڙي لڳڻ واري!

aijzسنڌ جي 8 ضلعن ۾ هلندڙ مهيني جي آخري ڏهاڙي تي مڪاني ادارن جون چونڊون ٿي رهيون آهن- چونڊن جي هن پهرين مرحلي ۾ يونين ڪائونسلن، ضلعي ڪائونسلن، ميونسپل ڪاميٽين جي ميمبرن، وارڊن جي ميمبرن، يونين ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ ٿيندي. پهرين مرحلي ۾ اتر سنڌ جي جن 8 ضلعن ۾ مڪاني چونڊ ٿي رهي آهي انهن ۾ خيرپور، سکر، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، شڪارپور، قمبر شهدادڪوٽ، جيڪب آباد ۽ ڪشمور جا ضلعا شامل آهن. اميدوارن جي حتمي لسٽ اچي وئي آهي ڇو ته اميدوارن جي هٿ کڻڻ جي تاريخ گذري وئي آهي. هاڻي اميدوارن جا “بيلٽ پيپر” ڇپجڻ لاءِ هليا ويا آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي انگن اکرن موجب سنڌ جي ڄاڻايل 8 ضلعن ۾ رجسٽرڊ ٿيل ووٽرن جو انگ 46 لک 18 هزار 512 آهي، جن ۾ 20 لک 29 هزار 908 عورت ووٽرز ۽ 25 لک 25 هزار 604 مرد ووٽرز آهن. اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل ووٽر لسٽ مطابق ضلعي خيرپور ۾ 9 لک 30 هزار 343 ووٽرز، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ 6 لک 22 هزار 586 ووٽرز، گهوٽڪي ۾ 6 لک 14 هزار 382 ووٽرز، سکر ۾ 5 لک 69 هزار 644 ووٽرز، قمبر شهدادڪوٽ ۾ 5 لک 47 هزار 857 ووٽرز، شڪارپور ۾ 5 لک 23 هزار 827 ووٽرز، جيڪب آباد ۾ 4 لک 19 هزار 634 ووٽ ۽ ضلعي ڪشمور ۾ 3 لک 90 هزار 239 ووٽرز رجسٽرڊ ٿيل آهن. اٺن ضلعن ۾ ڪشمور ضلعي جا سڀ کان گهٽ ووٽ آهن ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي اباڻي ضلعي خيرپور ۾ سڀ کان وڌيڪ ووٽرز داخل آهن.

سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن دوران هر ڪائونسل ۾ هن ڀيري آزاد اميدوارن جو وڏو انگ موجود آهي. مڪاني چونڊن دوران هونئن ته هر سياسي پارٽي اندرين ڪمزورين ۽ مايوسين ۾ گهيريل نظر اچي پئي پر سنڌ ۾ حڪمران پيپلز پارٽيءَ پهرين مرحلي ۾ ئي ووٽ خريد ڪرڻ جي حڪمت عملي تي عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب کٽي آيل آزاد ڪائونسلرن جي سنڌ ۾ وڏي پڙي (منڊي) لڳڻ وار آهي. پيپلز پارٽيءَ جي اندرين ذريعن موجب مقامي ڪائونسلن جي چونڊ کان پوءِ جڏهن ضلعي ڪائونسلن جي چيئرمين جي چونڊ ٿيندي، ان لاءِ چونڊيل ڪائونسلرن کي خريد ڪرڻ جون هر ضلعي ۾ اڳواڻن کي ذميواريون ڏنيون ويون آهن. اهڙو فيصلو اٺن ئي ضلعن ۾ پارٽيءَ جي اندرين اختلافن سبب ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداريءَ جيڪا پاليسي ڏني هئي اها پيپلز پارٽيءَ جي مقامي قيادت مڪمل ناڪام بڻائي ڇڏي. ڇو ته بلاول ڀٽو زرداري جي پاليسيءَ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن، وزيرن، مشيرن، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جي مٽن مائٽن، پٽن، ڌيئرن، ڀائٽن، ڀاڻيجن لاءِ گنجائش گهٽ نڪري رهي هئي. ان ڪري هر ضلعي ۾ ضلعي قيادت هڪ پاليسي ٺاهي ته وري ضلعي قيادت جي فيصلي سان اختلاف ڪندڙ پارٽيءَ جي طاقتور گروپ پنهنجي الڳ پاليسي ڏني، جنهن سبب اٺن ئي ضلعن ۾ پيپلز پارٽيءَ جا اميدوار هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيٺل آهن ۽ ظاهر آهي ته هر ضلعي جي مخالف سياسي ڌر جا اميدوار به ميدان ۾ هوندا. سنڌ جي هر ضلعي ۾ الڳ الڳ پارٽين جا اميدوار به حڪمران پارٽيءَ جي اميدوارن جي سامهون ايندا.

Sep-30-2015    10

سنڌ جي مختلف ضلعن مان گڏ ڪيل ڄاڻ موجب هر هڪ ضلعي جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ خيرپور ۾ روايتي طور تي سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ صوبائي وزير منظور وساڻ جا پٽ، ڀائر، ڀائيٽا ميدان ۾ آهن جن جي مقابلي ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ته آهي ئي سهي پر پيپلز پارٽيءَ جو هڪ باغي گروپ به پنهنجا اميدوار بيهارڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هي آزاد اميدوارن جو گروپ آهي جيڪي آهن ته پيپلز پارٽيءَ جا ئي ڪارڪن پر اهي پارٽي قيادت جي فيصلن تي راضي ناهن. خيرپور جي روايتي سيدن ۽ وساڻن پنهنجي نئين نسل کي به مڪاني چونڊن جي ميدان ۾ لاٿو آهي. منظور وساڻ جو پُٽ به ضلعي ڪائونسل لاءِ اهم اميدوار هوندو. ايم پي ايز سيد بچل شاهه جا الڳ اميدوار ميدان ۾ آهن. راڻيپور ۽ گمبٽ ۾ پيرن جا الڳ الڳ اميدوار ميدان ۾ آهن. سکر ۾ سيد خورشيد شاهه، اسلام الدين شيخ، ناصر حسين شاهه جو اولاد پڻ ميدان ۾ آهي پر پيپلز پارٽي سکر جا ڪيترائي پراڻا اڳواڻ ناراض آهن. هر ضلعي ۾ ٽڪيٽن جي ورهاست تي جهڳڙا ٿيا ان ڪري اميدوارن کي پارٽي ٽڪيٽون ڏيڻ بدران آزاد بيهڻ جي اجازت ڏني وئي، ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪو به کٽي ايندو ان تي پارٽي جو ٺپو هڻي کيس خريد ڪيو ويندو.

سوشل ميڊيا تي گهوٽڪيءَ جي اها وڊيو به منظر عام تي اچي وئي جنهن ۾ سيد خورشيد شاهه پيپلز پارٽي جي پراڻي جيالي اڳوڻي ايم پي اي غلام مصطفيٰ بوزدار جي پُٽ کي ڇڙٻون ڏنيون. ڪارڪن لڏي جي خورشيد شاهه تي زبردست ناراضگي آهي، هونئن گهوٽڪي ضلعو مهر سردارن جي هٿ ۾ آهي، تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ لنڊ ڀائر ۽ پيپلز پارٽيءَ جو پتافي گروپ، ڌاريجو گروپ پڻ ناراض آهي. قمبر شهدادڪوٽ ۾ نادر مگسي ۽ سردار چانڊيو جا اختلاف ته منظر عام تي به اچي ويا، جنهن جو آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري نوٽيس به ورتو آهي پر نادر مگسي اڄ به شهدادڪوٽ ۾ سگهه رکندڙ ڌر آهي. قمبر شهدادڪوٽ ۾ اصل جهڳڙو ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ تي ٿيڻ وارو آهي، چانڊيا ۽ مگسي پنهنجا پنهنجا ضلعي چيئرمين آڻڻ چاهين ٿا ان ڪري سندن اميدوار هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيٺا آهن.

لاڙڪاڻي ۾ عباسي خاندان (صفدر عباسي، منور عباسي، ناهيد خان) پيپلز پارٽيءَ جي خلاف آهي، ممتاز ڀٽو پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو به حڪمران پارٽيءَ جي مخالفت ڪندي. تحريڪ انصاف جا اميدوار به ميدان تي آهن پر لاڙڪاڻي ۽ شڪارپور جي ضلعن ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اميدوارن ۽ ووٽرن جي اهميت وڌي وئي آهي. مولانا راشد سومرو پيپلز پارٽيءَ سان ڳجهو ٺاهه ڪري چُڪو آهي جنهن سبب هنن ٻنهي ضلعن مان جي يو آءِ جا اميدوار به ڪامياب ٿيندا. اڳتي هلي ضلعي ڪائونسلن جي چيئرمين جي چونڊ ۾ جي يو آءِ جا ڪائونسلر ڪارگر بڻجي ويندا. شڪارپور ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ اڳوڻي صلاحڪار آغا تيمور ضلعي ڪائونسل لاءِ پنهنجا پنهنجا اميدوار ميدان ۾ آڻي رهيا آهن.

آغا تيمور ته ضلعي ڪائونسل شڪارپور جي چيئرمين شپ لاءِ اميدوار آهي ۽ ڀيا سردار به ميدان تي آهن، جڏهن ته آغا سراج دراني پنهنجي ڀاءُ کي چيئرمين بڻائڻ چاهي ٿو. شڪارپور ۾ مقبول شيخ پنهنجي پٽ کي، امتياز شيخ پنهنجي پٽ کي ميدان تي لاٿو آهي. شڪارپور ۾ حڪمران مخالف پارٽين مان مسلم ليگ جي غوث بخش مهر پنهنجي پٽ عارب مهر کي ميدان ۾ لاٿو آهي. اهڙي ريت جيڪب آباد ۾ بجاراڻي، جکراڻي، تيغاڻي به هڪ ٻئي جي آمهون سامهون آهن. ڪشمور ۾ پڻ بجاراڻي ۽ ڊاڪٽر سهراب سرڪيءَ جي اميدوارن سامهون پيپلز پارٽيءَ جا ناراض اميدوار به ميدان تي آهن. هنن اٺن ئي ضلعن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل، مسلم ليگ (ن)، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم سميت مختلف پارٽين جا اميدوار پڻ ميدان تي آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو