Home / ڪور افيئر / سنڌ ۾ وفاداريون کپائڻ جي موسم مڪاني چونڊون- عوام لاءِ ڪو سياسي متبادل ناهي!
above article banner

سنڌ ۾ وفاداريون کپائڻ جي موسم مڪاني چونڊون- عوام لاءِ ڪو سياسي متبادل ناهي!

aijzسنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، جيڪو صرف ٻن ڊويزنن ۾ هوندو پر ان سان گڏ سڄي سنڌ ۾ وفادارين بدلائڻ جي موسم به شروع ٿي چُڪي آهي. مڪاني چونڊن لاءِ سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ حڪمران پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل سمورن سياستدانن جا پُٽ، ڀائر، سئوٽ، ڌيئرون، ڪمدار، مُنشي ۽ ويجها ماڻهو اميدوارن جي لسٽ ۾ شامل آهن پر ڄاڻايل ٻنهي ڊويزنن کان سواءِ به سڄي سنڌ ۾ ساڳي صورتحال آهي. نه رڳو پيپلز پارٽي پر ٻين پارٽين ۾ به ساڳي صورتحال آهي، نوان چهرا آڻڻ جي ڳالهه، يا نوجوانن کي اڳيان آڻڻ جي ڳالهه به ڄڻ پارٽي ڪارڪنن لاءِ نه پر روايتي سياستدانن ۽ وڏيرن لاءِ ٺهڪي اچي ٿي. مثال طور خورشيد شاهه جو ننڍو پُٽ، ناصر حسين شاهه جو پُٽ، علي گوهر مهر جو پُٽ، نثار کهڙو جي ڌي، سڀ جو سڀ نوان چهرا به آهن ته نوجوان به آهن. بلاول ڀٽو جي ڳالهه به سچ ثابت ٿي وئي ۽ سنڌ جي اليڪشني سياست تي حاوي وڏيرن جو به ڪم ٿي ويو پر ڪجهه ضلعن ۾ جتي حڪمران پيپلز پارٽيءَ کي ڏکي صورتحال لڳي پئي اتي وري “وفاداريون بدلائڻ” جي موسم مان فائدو ورتو ويندو ۽ اليڪشني سياست ۾ وفاداريون نيلام ڪندڙ سمورا ڪردار به پيپلز پارٽيءَ ۾ اچي رهيا آهن. اهو سلسلو 2013ع کان شروع ٿيو، اڄ تائين جاري آهي.

بدين سان تعلق رکندڙ علي بخش شاهه عرف پپو شاهه ۽ سندس گهرواري بي بي ياسمين شاهه جي گهر تي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ قافلو پهچي ٿو، ايئن ياسمين شاهه ۽ پپو شاهه پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪن ٿا. سنڌ جو وڏو وزير پپو شاهه لاءِ فرمائي ٿو ته “سندس پيپلز پارٽيءَ سان پراڻو تعلق آهي ۽ علي بخش شاهه ته سندس ڀائيٽو آهي.” بدين سان واسطو رکندڙ پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن اُهو سال ياد ڪري رهيا آهن ته پپو شاهه ڪڏهن پيپلز پارٽيءَ ۾ رهيو؟ هُو سوچين ٿا ته يا ته سيد قائم علي شاهه ايئن ئي چئي ڇڏيو هوندو پر حقيقت اها آهي ته ساڳيا ساڳيا ماڻهو الائي ڪيترا ڀيرا پيپلز پارٽي ڇڏي ۽ ٻيهر پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيا جو شاهه صاحب کي ياد ئي نه هوندو، ان ڪري پپو شاهه لاءِ به چئي ڇڏيائين. پپو شاهه 2002ع جي چونڊن ۾ مسلم ليگ (ق) جي سيٽ تان چونڊن ۾ بيٺو هُئو- تڏهن مٿس ڊڪٽيٽر صدر پرويز مشرف جي خاص مهرباني هوندي هُئي. سندس وني ياسمين شاهه جي به ايوانِ صدر تائين پُهچ هوندي هُئي، اهو ذوالفقار مرزا جي روپوشيءَ جو زمانو هُئو پر فهميده مرزا بدين جي سياست ۾ سرگرم هُئي. فهميده مرزا ۽ ڪمال چانگ اليڪشن ۾ پپو شاهه کان سواءِ سندس گروپ جي سڀني ماڻهن کي شڪست ڏني هئي، ايتري قدر جو مڪاني چونڊن ۾ فهميده مرزا ضلعي ناظمه چونڊجي چُڪي هئي. بعد ۾ ڪمال چانگ به ضلعي ناظم بڻيو. اهڙي ريت مسلم ليگ (ق) جي سرڪار هوندي به بدين ۾ ذوالفقار مرزا جو ڌاڪو ڄميل هُئو پر هُو پاڻ ميدان تي ڪونه هُئو. ذوالفقار مرزا 2008ع جي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ سنڌ جو گهرو وزير بڻيو ته هُن پپو شاهه کان سڀ پراڻا پلاند ڪيا ڇو ته پپو شاهه ۽ سندس سينيٽر زال خلاف مشرف دور ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن کي وڏيون شڪايتون هُيون. بدين جا وفاداريون وڪرو ڪندڙ سياستدان مسلم ليگ (ق) ۾ هليا ويا. وقت بدليو سڀ غائب ٿي ويا. هاڻي عجب اسرار اِهو آهي جو بدين ۾ ذوالفقار مرزا ۽ فهميده مرزا جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽيءَ کي پپو شاهه جي ضرورت پئجي وئي.

September 15 , 2015 (20)

پپو شاهه جي پيپلز پارٽيءَ ۾ اچڻ جي باوجود مڪاني چونڊن ۾ بدين ضلعي اندر وڏا ملاکڙا ٿيندا. سنڌ جو هاڻوڪو مڪاني ادارن جو وزير ناصر حسين شاهه به پرويز مشرف دور ۾ وفاداريون بدلائي ويو هُئو، کيس پهريون ڀيرو ته سکر جو ضلعي ناظم بڻائڻ ۾ خورشيد شاهه ڪردار ادا ڪيو هُئو پر ٻئي ڀيري هُو پرويز مشرف جي زور تي گهوٽڪيءَ جي مهر گروپ جي ڇٽيءَ هيٺ ناظم بڻيو، تڏهن علي گوهر مهر ضلعي گهوٽڪيءَ جو ناظم بڻيو ۽ 2002ع جي چونڊن کان پوءِ علي محمد مهر سنڌ جو وڏو وزير بڻيو. ان کان اڳ “مهر ڀائر” پيپلز پارٽيءَ ۾ هُئا. 2008ع ۾ ٻيهر پيپلز پارٽيءَ ۾ آيا ته ناصر حسين شاهه به پيپلز پارٽيءَ جو حصو بڻجي ويو. سکر ۾ جڳ مشهور اسلام الدين شيخ به 2008ع کان اڳ پيپلز پارٽيءَ ۾ اچي ويو. سندس پُٽ ايم اين اي بڻيو ۽ پاڻ سينيٽر بڻيو. هاڻي مڪاني چونڊن ۾ سندس پٽ، ڀائيٽا ميدان ۾ لٿل آهن. سکر ۽ گهوٽڪيءَ وانگر شڪارپور ۾ آغا سراج درانيءَ جو خاندان ميدان تي آهي، جيڪب آباد ۾ اعجاز جکراڻي ته ڪشمور ۾ سليم جان مزاريءَ جو خاندان ميدان ۾ آهي، شڪارپور ۾ غوث بخش مهر به پنهنجي پٽ کي ميدان ۾ لاٿو آهي. شهدادڪوٽ جا مگسي، قمبر جا چانڊيا،دادو ۾ رفيق جمالي ۽ پير مظهرالحق جا مٽ مائٽ مڪاني چونڊن جي ميدان ۾ آهن پر هنن سمورن ضلعن ۾ پيپلز پارٽيءَ جا اندريان اختلاف به کُلي سامهون اچي رهيا آهن، ڪٿي ڪارڪن احتجاج ڪري رهيا آهن، ڪٿي لوٽن کي ٽڪيٽون ملڻ خلاف مظاهرا ته ڪٿي وري اڳوڻن وزيرن تي بدعنوانين جا الزام لڳن پيا. خيرپور، سانگهڙ ۽ عمرڪوٽ جي ضلعن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل سان “مئچ فڪسنگ” لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون ويون آهن. نواب شاهه (شهيد بينظير آباد) ۾ سرڪار کي ڪو به لهر لوڏو ڪونهي، البته نواب شاهه جي شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم ڪمزور ٿي آهي ڏسڻو آهي ته ان جو فائدو ڪير ٿو کڻي.

ڪجهه ڏهاڙا اڳ ٺٽي ضلعي جي مختلف شهرن مان پيپلز پارٽيءَ جي حامي مقامي اڳواڻن وفادارين جو وڪرو شروع ڪيو ۽ انهن “اويس مظفر ٽپيءَ” کان وفاداريون تبديل ڪري ٻيهر “جيئي شيرازي” جو نعرو هنيو. اُهي چون ٿا ته “الله رسول راضي، جيئي شيرازي” پر انهن ساڳين همراهن جڏهن اويس مظفر جي بعيت قبول ڪندي شيرازين کي خيرآباد چيو هُئو ته تڏهن کين الله رسول ياد ڪو نه هُئو پر ٺٽي مان چونڊيل پيپلز پارٽيءَ جو سگهارو ايم پي اي اويس مظفر ٽپي ملڪ ڇڏي فرار ٿي چُڪو آهي. سندس حامين جو خيال آهي ته همراهه الائي واپس اچي يا نه، سندس ڪيترو انتظار ڪبو. ان ڪري شيرازين ڏانهن واپسي بهتر آهي. اهڙي ريت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ پڻ اهڙي ئي صورتحال آهي جو ڪٿي پيپلز پارٽي پرويز مشرف جي ساٿين کي ڳولي ڳولي ڀائيٽو بڻائي رهي آهي. ڪٿي وري پيپلز پارٽيءَ جا ڀائيٽا پيپلز پارٽي ڇڏي پنهنجن پراڻن چاچن ڏانهن وڃي رهيا آهن. ڄامشوري ضلعي ۾ جيئن جلال محمود شاهه جا ڪجهه حامي ملڪ اسد سڪندر وٽ هليا ويا ته ڪراچيءَ جي لياري ۾ عزير بلوچ گروپ پيپلز پارٽيءَ کان بغاوت ڪري ڇڏي، اتي تحريڪ انصاف پهچي وئي آهي.

ڪراچيءَ جي مختلف ضلعن ۾ تحريڪ انصاف نه رڳو ايم ڪيو ايم بلڪه پيپلز پارٽيءَ جون سيٽون به کڻي سگهي ٿي. اهڙي ريت سنڌ جي مختلف ضلعن وانگر ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ (ن) به مڪاني چونڊن ۾ سيٽون کڻي سگهي ٿي. سنڌ جي شهري علائقن ۾ ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن ۾ سوڙهي رسيءَ جي دائري ۾ رهندي، جيڪڏهن رينجرز جي نگراني ۾ مڪاني چونڊ ٿي ته اها ايم ڪيو ايم لاءِ وڏي شامت هوندي ۽ ٻيون ڌريون خوش هونديون.

سنڌ ۾ هڪ عجيب صورتحال آهي، سڄي سنڌ حڪمران پارٽي ۽ “اسٽيٽسڪو” کان بيزار ته آهي پر سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مقابلي ۾ اُهي ئي روايتي حريف ميدان ۾ آهن. سنڌ جو پڙهيو لکيو طبقو، قوم پرست، سول سوسائٽي، دانشور ۽ سنڌ دوست ڌريون هن ڀيري به عوام کي مڪاني چونڊن کان اڳ منظم نه ڪري سگهيون آهن. مختلف ضلعن ۾ قومپرست پارٽين جا اميدوار ميدان ۾ ضرور هوندا. قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جيئي سنڌ محاذ جا اميدوار مڪاني چونڊن ۾ موجود هوندا. اهڙي ريت مذهبي جماعتن جا اميدوار به هوندا. جيئن جمعيت علماءِ اسلام جو حڪمران پيپلز پارٽيءَ سان اتحاد ٿي رهيو آهي ته جماعت اسلامي به مڪاني چونڊن ۾ حصو وٺي رهي آهي پر سنڌ اندر مڪاني چونڊن ۾ ڪو به موثر متبادل ڪونهي جيڪو روايتي “اسٽيٽسڪو” يا “ڀوتارڪي” سياسي ڪلچر کي ٽوڙي سگهي.

ٿر ۾ اهي ئي لاٽ، ارباب ۽ راڻا- انهن جي سياست جيئري آهي، آصف زرداريءَ مشرف دور جي وفاقي وزير لياقت جتوئي سان رابطو ڪري کيس پيپلز پارٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي آهي. لياقت جتوئي پيپلز پارٽيءَ ۾ آيو ته هُو پنهنجي پُٽ لاءِ ضلعي ڪائونسل دادو جي چيئرمين شپ گهرندو، جڏهن ته ايم اين اي رفيق جماليءَ ۽ پير مظهرالحق ضلعي چيئرمين شپ لاءِ پنهنجا اميدوار آڻيندا. لوٽن جي واپسيءَ تي پيپلز پارٽيءَ جي هڪ سينيئر وزير آف رڪارڊ هن ريت تبصرو ڪيو “سائين ڀلا محترمه جي دور ۾ جنرل ضياءَ جا ساٿي به ته اسانجي پارٽيءَ ۾ آيا هُئا نه، اها اقتداري سياست جي مجبوري هوندي آهي.” مون کيس چيو ته محترمه به غلط ڪيو هُئو، اهو سبب هُئو جو هڪ ڀيري مرحوم غلام اسحاق خان ته ٻئي ڀيري مرحوم فاروق لغاريءَ محترمه جي سرڪار جو خاتمو ڪيو. انهن ٻنهي کي صدر به ته محترمه ئي چونڊرايو هُئو پر اوهان اڄ به 1980ع جي ڏهاڪي جون غلطيون ورجائي رهيا آهيو. منظور وٽو پيپلز پارٽيءَ پنجاب جو اڄ به صدر آهي جيڪو جنرل ضياءَ جو ساٿاري رهيو، سو اڄ ڏسو پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جو حال ڇا رهيو. اِهو ايئن ئي آهي جيئن سڀاڻي مشرف جي نشاني سنڌ ۾ پپو شاهه پيپلز پارٽيءَ جو صوبائي صدر بڻجي وڃي ته پوءِ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي ڪٿي بيٺل هوندي.

ذوالفقار علي ڀُٽو جي پيپلز پارٽيءَ تي اڄ نظر ٿا وجهون ته ان ۾ جنرل ضياءُ، جنرل مشرف ۽ ڊڪٽيٽرن جون سموريون نشانيون موجود آهن. عوامي پارٽيءَ ۾ جرنيلن جون نشانيون رهجي ويون پر عوامي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ مڪاني چونڊن ۾ عوام لاءِ نئين سوچ ۽ سگهه رکندڙ ڪا به سگهاري سياسي پارٽي ميدان ۾ موجود ناهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو