Home / ڪرنٽ افيئر / سنڌ ۾ پوليس ۽ رينجرس جو ٽڪراءُ ڪٿي دنگ ڪندو؟
above article banner

سنڌ ۾ پوليس ۽ رينجرس جو ٽڪراءُ ڪٿي دنگ ڪندو؟

Naseer Ejazھونئن ته سڄي ملڪ ۾ رياستي ادارا سدائين ٽڪراءَ ۾ رھيا آھن، پر سنڌ جي صورتحال وڌيڪ ڳڻتيءَ واري آھي جو ھتي ٻه ھٿياربند ادارا پوليس ۽ رينجرس ٽڪراءَ ۾ اچي ويا آھن ـ سنڌ پوليس صوبي ۾ رينجرس جي موجودگيءَ تي ڪڏھن به خوش ڪانه رھي آھي پر خاص طور جڏھن کان رينجرس کي پوليس جا اختيار ڏنا ويا آھن، تڏھن کان حالتون وڌيڪ گنڀير ٿينديون ويون آھن ـ سنڌ پوليس جي ڪجھه ذريعن موجب ويجھڙائيءَ ۾ جڏھن رينجرس پوليس سان به ھٿ ڳنڍڻ شروع ڪيا ۽ سندن ڪجھه اھلڪارن کي ڪن ڪيسن ۾ کنڀي کڻي وئي ته پوليس فورس ۾ تاءُ پکڙجي ويو ھو ۽ اھلڪارن کي ڇڏائڻ لاءِ پوليس فورس بڪتربند گاڏين سان گڏ ان ھنڌ جو گھيراءُ ڪري ورتو ھو جتي رينجرس کين رکيو ھو ۽ معاملو تڏھن ختم ٿيو جڏھن پوليس اھلڪارن کي رينجرس آزاد ڪيو ـ “توھان سوچيو ته جيڪڏھن ٻنھي فورسز جي وچ ۾ ھٿياربند چڪري لڳي ھا ته حالتون ڪيترو خراب ٿي وڃن ھا،” پوليس جي ھڪ آفيسر نالو ظاھر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ـ

ھن وقت ظاهري طرح ٻئي فورسز ماٺار واري صورتحال ۾ نظر اچن ٿيون، پر حقيقت ۾ پوليس اندر وڏي بيچيني پکڙيل آھي ـ سنڌ پوليس ۽ رينجرس وچ ۾ اھڙي ڇڪتاڻ سنڌ ۾ امن بحال ڪرائڻ ۽ دھشتگردن جي خاتمي وارين ڪوششن تي ناڪاري اثر وجھي رھي آھي ـ سندن وچ ۾ ڄڻ ته آمريڪا ۽ سوويت يونين واري سرد جنگ ھلي رھي آھي ۽ ٻئي ھڪٻئي کي ھيٺاھون ڏيکارڻ جي ڀرپور ڪوششن ۾ آھن ـ رينجرس جو چوڻ آھي ته سندس مقصد انھن عنصرن کي قابو ڪرڻ آھي جيڪي ڏوھن ۾ ملوث آھن، پوءِ اھي پوليس جي اندر ئي ڇونه ھجن ـ خود سنڌ ۾ حڪومت ھلائيندڙ پيپلز پارٽي به اھڙي صورتحال ۾ منجھيل آھي ـ جڏھن ھن رينجرس جي پوليس وارن اختيارن وڌائڻ کان انڪار ڪيو ھو تڏھن “مٿان” پيل دٻاءَ جي نتيجي ۾ نيٺ وري رينجرس کي اھڙا اختيار ڏيڻ لاءَ مجبور ٿي وئي ـ تازو پيپلز پارٽيءَ جي ڪجھه اڳواڻن جي گرفتارين جي نتيجي ۾ جڏھن پارٽي قيادت محسوس ڪيو ته سندن خلاف ٿيندڙ ڪاررواين کي روڪڻ جو رُڳو ھڪ ئي طريقو آھي ته رينجرس جا اختيار گھٽائڻ جي ڌمڪي ڏجي ـ ميڊيا تي آيل ڪجھه خبرن مان اھڙو اندازو ٿئي ٿو جنھن موجب پيپلز پارٽي حڪومت رينجرس جا اختيار محدود ڪرڻ جو اشارو ڏنو آھي ـ اھا ڇڪتاڻ پڻ سنڌ ۾ عجيب مونجھاري واريون حالتون پيدا ڪري رھي آھي ـ

September 15 , 2015 (16)

اھڙي صورتحال ۾ ھر ماڻھوءَ جي ذھن ۾ سوال اُٿي رھيا آھن ته حالتون ڪيڏانھن وڃي رھيون آھن ؟ پئرا ملٽري فورس رينجرس جي آپريشن جا ڪھڙا نتيجا نڪرندا جنھن کي سنڌ ۾ پوليس جا اختيار ڏنا ويا آھن ؟ ڇا رينجرس آپريشن واقعي خطرناڪ ڏوھارين ۽ دھشتگردن جي خاتمي وارو مقصد رکندڙ انتھائي قدم آھي يا ماضيءَ جيان اھا به ڪاسميٽڪ سرجري ثابت ٿيندي جنھن ۾ ڪي محدود مقصد حاصل ڪرڻا ھوندا آھن ؟ بظاھر ته ان آپريشن جا بھتر نتيجا نڪتا آھن جو ڪراچي شھر تي مالڪيءَ جي دعوى ڪري دھشت ذريعي راڄ ڪندڙ ايم ڪيو ايم دفاعي پوزيشن ۾ اچي وئي آھي ۽ شھر ۾ دھشتگردي ۽ ٻين ڏوھن جو سلسلو ڪنھن حد تائين گھٽيو آھي جنھن سان شھرين سُک جو ساھه کنيو آھي پر انھيءَ ھوندي به مٿيان سوال موجود آھن، جو صورتحال اڃان منطقي انجام ڏانھن وڌندي نظر نٿي اچي ـ آپريشن انتھائي سُست رفتار سان ھلي رھي آھي ـ ٿي سگھي ٿو ته رينجرس کي آپريشن ۾ ڪي ڏکيائيون پيش اينديون ھجن جن ۾ سنڌ پوليس جو عدم تعاون، سياسي دٻاءَ ۽ ڪي مصلحتون مُکيه ڪارڻ ھجن ـ اھڙو اشارو پوليس آفيسر جي ڳالھين مان به مليو ـ

“ھن مھل نه پوليس کي رينجرس تي ڀروسو آھي ۽ نه ئي رينجرس پوليس کي اعتبار لائق سمجھي ٿي ـ نتيجي ۾ نه پوليس وٽس موجود انٽيليجنس رپورٽون رينجرس کي ڏيڻ لاءِ تيار آھي ۽ نه ئي رينجرس پنھنجي جاسوسيءَ واري نيٽ ورڪ ذريعي حاصل ڪيل ڪنھن به معلومات ۾ پوليس کي حصيدار بنائڻ گھري ٿي ـ”

پوليس آفيسر رينجرس سان سندن عدم تعاون لاءِ جواز ڏيندي چيو: “رينجرس کي پوليس جا اختيار ملڻ سان سنڌ پوليس پاڻ کي بي اختيار سمجھي ٿي ـ ھڪ ٻيو احساس به مٿن سوار آھي ته اڳتي ھلي اھا ئي رينجرس پوليس ۾ نه ھٿ وجھي ـ مستقبل بابت اھي وِسوسا پوليس کي رينجرس کان پري رکيو بيٺا آھن ـ” ساڳئي پوليس آفيسر چيو: “پوليس ڪيترو به بدنام ھجي پر کين ڪيسن جي جاچ جي سکيا مليل آھي ۽ اھي ڏوھارين خلاف قانونن جا ڄاڻُو به آھن ـ ان جي ڀيٽ ۾ رينجرس وارن کي نه ڪيسن جي جاچ جي خبر آھي ۽ نه ئي قانون جي ڄاڻ اٿن ـ نتيجي ۾ ڪيترائي دھشتگرد قانون جي پڪڙ ۾ نه اچي سگھيا آھن ـ”

“ڪراچيءَ ۾ امن بحال ٿي ويو آھي وارين دعوائن ۾ ڪيتري سچائي آھي؟” منھنجو سوال ھو ـ “صرف ڪنھن حد تائين ٺاپر ٿي آھي ـ ھڪ ڪارڻ ھيءُ آھي ته ڪيترائي دھشتگرد ملڪ مان فرار ٿي ويا آهن ۽ جڏھن باقي بچيلن جي رستا روڪ ڪئي وئي ته اھي ڪراچيءَ مان نڪري ملڪ جي ٻين علائقن ۾ وڃي لڪا آھن جن ۾ سکر شھر به شامل آھي ـ توھان ڏسو ته تازو ھڙتال جي ڏنل سڏ تي سکر ۾ سانت رھي نه ته عام طور ايئن نه ھوندو آھي،” آفيسر ٻڌايو، جيڪو سکر ۾ گھڻو وقت رھي چڪو آھي ۽ اُتان جي حالتن کان گھڻو واقف آھي ـ “ھونئن به اھي دھشتگرد عام ماڻھن جي وچ ۾ موجود ھوندا آھن، ڪي ڪاسائيءَ جو ڌنڌو ڪن ٿا ته ڪي ريڙھا به ھلائين ٿا ۽ جڏھن کين اشارو ملي ٿو ته وارداتون ڪري وري عام ماڻھن ۾ گُم ٿيو وڃن،” ھن ٻڌايو ـ

پوليس آفيسر جو خيال ھو ته ايم ڪيو ايم يا ٻيون تنظيمون دفاعي پوزيشن ۾ ناھن پر حقيقت ۾ انھن سوچيل سمجھيل رٿا تحت في الحال خاموشي اختيار ڪري پاڻ کي پوئتي رکيو آھي جنھن کي Well planned retreat چئي سگھجي ٿو ـ “رينجرس پاران شروع ڪيل آپريشن مستقل ڪونه ھلندو ۽ نيٺ ختم ٿيندو، تڏھن وري اھي دھشتگرد سرگرم ٿي ويندا ـ”

پوليس آفيسر مڃيو ته پوليس جوبه واقعي ان سڄي صورتحال ۾ ڪو چڱو ڪردار نه رھيو آھي جو ان ۾ ايم ڪيو ايم جا ماڻھو ڀريل آھن ـ “حڪومت ۾ ھجڻ دوران ۽ خاص طور ھوم منسٽري پنھنجي ھٿ وس ڪرڻ کانپوءِ ايم ڪيو ايم سدائين وڏي تعداد ۾ پنھنجا ماڻھو پوليس ۾ ڀرتي ڪندي رھي آھي ـ اڄ حالت اھا آھي ته ڪنھن ايس ايس پي جو اردلي به اصل ۾ ايم ڪيو ايم جو ماڻھو آھي ۽ ڪنھن به ائڪشن جي فيصلي جو اطلاع اڳواٽ ايم ڪيو ايم کي پھچي وڃي ٿو ـ رينجرس اھڙي صورتحال کان بچيل آھي جو ان ۾ ايم ڪيو ايم جا خابرو ڪونھن ـ”

پوليس جي اُوڻائين جو ھڪ ٻيو پھلُو ھيءُ آھي ته ان جي آفيسرن ۾ وي آءِ پي ڪلچر پيدا ٿي ويو آھي ـ پوليس سروس آف پاڪستان (پي ايس پي) جا آفيسر سنڌ ۾ ايس ايس پي جي عھدن تي اچڻ کانپوءِ وي آءِ پي پروٽوڪول وٺڻ لڳن ٿا ۽ عام پوليس آفيسرن سان سندن روش خراب ھجڻ سان گڏ ساڻن رابطو به نٿو رھي ـ اھڙي طرح ڪو عام شھري به ساڻن آسانيءَ سان ملي نٿو سگھي ـ نتيجي ۾ خود پوليس جو پنھنجو اندروني ڍانچو ۽ ان جي ڪارڪردگي به متاثر ٿي آھي ـ ڪنھن به ايس ايس پي جي ماتحتيءَ واري علائقي ۾ ٿاڻن جي پوليس جي ڪارڪردگي بس رُڳو اھا وڃي بچي آھي ته ايس ايس پيءَ جي حڪم تحت ڪجھه گرفتاريون ڪرڻيون آھن، ڪجھه مقابلا ڏيکارڻا آھن ۽ پوءِ بس سمھي پوڻو آھي ـ “رينجرس کي پوليس جا اختيار ملڻ کانپوءِ اھڙي سوچ ۾ اڃان وڌيڪ اضافو ٿيو آھي جو پوليس اھلڪار علائقي جي رائونڊ تي وڇڻ بدران ٿاڻن تي ويھي پنھنجي جان بچائڻ کي بھتر سمجھن ٿا،” پوليس آفيسر ٻڌايو ـ

منھنجي پڇڻ تي ھن چيو :“پوليس کي لکت ۾ ته نه پر زباني ۽ غير رسمي طور ھدايتون مليل آھن ته رينجرس کان پري رھو ـ”

مونکي 1994 وارو ميجر ڪليم ڪيس ياد آيو جڏھن رينجرس جي انٽيليجنس ونگ جي ميجر ڪليم ۽ ڪجھه ٻين اھلڪارن کي ايم ڪيوايم وارن اغوا ڪري تشدد ڪيو ھو ـ ان ڪيس ۾ دھشتگرديءَ خلاف جوڙيل عدالت الطاف حسين، سليم شھزاد، عمران فاروق ٻين ڊزن کن ماڻھن کي 27 کان 30 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي ـ عدالت جي 47 صفحن واري فيصلي ۾ ھڪ ڳالھه اھم ۽ سوچڻ جھڙي ھئي ـ عدالت لکيو: “ميجر ڪليم ۽ ٻين اھلڪارن جو ڪيس داخل ڪرڻ کان پوليس انڪار ڪيو ھو ـ آرميءَ جي دٻاءَ کانپوءَ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي پر ان مان ڪجھه ڳالھيون پوليس خارج ڪري ڇڏيون ـ انکانپوءِ به ايس ايس پيءَ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي حڪم ڪيو ته ان ڪيس ۾ ڪابه ڪارروائي نه ڪئي وڃي ـ”

عدالتي فيصلي ۾ ڄاڻايل اھا ڳالھه واضح ڪري ٿي پوليس ۽ رينجرس ۾ ڇڪتاڻ جي تاريخ پراڻي آھي ـ پر ساڳئي وقت رينجرس جو آپريشن به پراڻي طرز جو “محدود” ٽارگيٽ وارو آھي ـ اڄ به ڪجھه ڪونه بدليو آھي ـ

ليکڪ سينيئر صحافي ۽ دانشور آهي، هي ليک خاص طور “افيئر” لاءِ لکيائين

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو