Home / اسپيشل افيئر / سولار پارڪ پراجيڪٽ ڇا بجلي بحران حل ڪرڻ ۾ ڪيتري مدد ڪندو؟
above article banner

سولار پارڪ پراجيڪٽ ڇا بجلي بحران حل ڪرڻ ۾ ڪيتري مدد ڪندو؟

Zofeenپنجاب جي ريگستان ۾ 200 هيڪٽرن تي ٻڌل 4 لک سولار پئنل هڻي قائداعظم سولار پاور پارڪ ٺاهيو ويو آهي، 100 ميگاواٽ فوٽو والٽڪ سولار فارم چيني ڪمپني زِن جيانگ سَن اوسس طرفان ٽن مهينن ۾ 131 ملين آمريڪي ڊالرز جي لاڳت سان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن مان گرڊ اسٽيشن کي آگسٽ مهيني کان بجلي وڪرو ڪرڻ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.

واضح رهي ته چين-پاڪستان اقتصادي ڪاريڊور جو پهريون پراجيڪٽ 46 بلين آمريڪي ڊالرز جو آهي، جيڪو چين جي نئين سلڪ روٽ جو اهم حصو آهي، اهو روٽ ڏکڻ ۾ گوادر کان پاڪستان کي زنگ جيانگ جي اولهه ۾ ڪاشغر سان ڳنڍي ٿو.

حقيقت ۾ 100 ميگاواٽ پلانٽ، دنيا جو سڀ کان وڏو سولار فارم آهي، اهو جڏهن 2017ع ۾ مڪمل ٿي ويو ته ان جي بجلي پئدا ڪرڻ جي گنجائش 5.2 ملين فوٽو وولٽيڪ هوندي، جنهن وسيلي 1000 ميگاواٽ بجلي پئدا ٿي سگهندي، جيڪا هڪ ڪوئلي تي بجلي پئدا ڪندڙ بجلي گهر برابر هوندي. اها بجلي 3 لک 20 هزار گهرن جي استعمال لاءِ ڪافي هوندي، جڏهن ته ان جي ٻئي فيز جي تعمير جو سلسلو به جاري آهي جيڪو ڪم هڪ ٻي چيني ڪمپني زونرجي ڪندي.

18 مهينا اڳ تائين اها سائيٽ بلڪل برپٽ هئي ليڪن هاڻ ريگستان جي وچ ۾ هڪ ننڍڙو شهر آباد ٿي ويو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ ٻه هزار مزدور هيوي مشينري، پاور ٽرانسميشن لائن ۽ ٻيا ڪم ڪري رهيا آهن.

September 15 , 2015 (000)

چولستان جو ريگستان سولار پاور پلانٽ لاءِ آئيڊيل هنڌ آهي. سولار پارڪ جو آپريشنگ مئنيجر محمد حسن عسڪري چوي ٿو. علائقي ۾ 13 ڪلاڪ سج جي روشني موجود هجي ٿي ان کان سواءِ ميداني علائقو هجڻ به ڪنهن ڪمرشل پروجيڪٽ لاءِ مثبت آهي. هن چواڻي سولار پاور جو وڏو فائدو اهو آهي ته اهو تمام وڏو پارڪ هائڊرو پاور ۽ ٿرمل جي ڀيٽ ۾ تڪڙو تعمير ٿي ويندو، جڏهن ته ٻيا پراجيڪٽ وڌيڪ مينٽيننس گهرن ٿا.

سولار پارڪ پاڪستان ۾ ڪاربان جي اثرن کي پڻ گهٽائيندا. قائداعظم سولار پارڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر نجم احمد شاهه ٻڌايو. هن چواڻي سولار انرجي وسيلي 57،500 ٽن ڪوئلي جي استعمال جي بچت ٿيندي ۽ هر سال 90،750 ٽن ڪوئلو گهٽ استعمال ٿيندو. پاڪستان جي ڪوشش آهي ته هائڊرو ڪاربان، خاص طور امپورٽيڊ ڪوئلي، تيل ۽ گئس جو استعمال 2025ع تائين 60 سيڪڙو تائين ٿي وڃي جيڪو هن وقت 87 سيڪڙو آهي.

نه وسارڻ کپي ته سولار پارڪ ٺهڻ سان مقامي ماڻهن لاءِ 15 هزار کان 33 هزار نوڪرين جا موقعا پئدا ٿيندا ۽ علائقي ۾ سيڙپڪاري پڻ ٿيندي. ڪجهه ماهر ان خيال جا آهن ته پراجيڪٽ ۾ وڌيڪ لالچ وارو عنصر نظر اچي ٿو. هڪ ماهر علي حسن حبيب جو چوڻ هو ته پلانٽ پنهنجي جنريشن جي لحاظ کان سائيز ۾ ٻيڻو رکيو ويو آهي، جڏهن ته ڪافي شيون ٽيسٽ ٿيل به نه آهن ۽ منهنجي خيال ۾ پوئتي رهيل 900 ميگاواٽ جو پراجيڪٽ ڪنهن برپٽ ۾ هڻڻ بجاءِ اتي هنيو وڃي جتي بجلي سولائي سان استعمال ٿي سگهي. هن وڌيڪ چيو. هن اهو به خدشو ڏيکاريو ته سولار انرجي جا ماحوليات تي اثر به اڃا گهڻا واضح نه آهن، ان ڪري انهن جو به جائزو وٺڻو پوندو.

نه وسارڻ کپي ته سولار پاور جا ڪجهه منفي اثر به سامهون آيا آهن. مثال طور سولار پاور پاڻي وڌيڪ استعمال ڪري ٿو. ان کي مينٽيننس به گهربل هجي ٿي. هن وقت به 4 لک سولار پئنلن کي صاف سٿرو رکڻ لاءِ 300 ماڻهن کي 10 کان 15 ڏينهن لڳي وڃن ٿا. “خوشقسمتي سان هيلوڪي سال وڌيڪ مينهن پيا جنهن ڪري سولار پئنل پاڻ ئي صاف ٿي ويا.” عسڪري چوي ٿو. هن چواڻي اسان پئنلن جي صفائي لاءِ اڃا به بهتر آپشنز تي ويچاريون پيا.

جڏهن ته ريگستاني علائقي ۾ انساني سرگرميون وڌڻ سان حياتياتي ماحوليات متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي، جيئن جهنگلي جيوت ۾ چٽڪارا، تلور ۽ ٻيا ناياب نسل جا پکي ۽ جانور ان جوءِ ۾ متاثر ٿي سگهن ٿا. ٻئي طرف نجم احمد شاهه ان جو دفاع ڪندي چوي ٿو ته اسان ريگستان ۾ سولار پاور پلانٽ هڻڻ کان اڳ ماحوليات کاتي کان ڪليئرنس ورتي آهي، ان ڪري گهڻو امڪان اهو آهي ته ماحوليات کي نقصان نه پهچندو.

پاڪستان ۾ بجلي جو بحران

پاڪستان ڪيترن ورهين کان بجلي جي سخت بحران جي ور چڙهيل آهي. حالت اها آهي جو ملڪ جي ٻهراڙين ۾ ويهه ويهه ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿئي ٿي. ان ڪارڻ ئي صنعتڪار صنعتن ۾ سيڙپڪاري نٿا ڪن. ملڪ ۾ هن وقت 22،997 ميگاواٽ بجلي پئدا ڪرڻ جي طلب آهي، جڏهن ته ملڪ ۾ بجلي پئدا ڪرڻ جي گنجائش 14 هزار ميگاواٽ تائين آهي. ويجهڙ جي سالن ۾ بجلي جي طلب 19 هزار ميگاواٽ تائين پهچي چڪي آهي، ان ڪري 1000 هزار ميگاواٽ سولار انرجي جي پراڊڪشن ڪافي مددگار ثابت ٿيندي. ان کان سواءِ حڪومت طرفان ڪوئلي ۽ هائڊرو پاور جي ٻين منصوبن ۾ ڪيل لاڳت پڻ بجلي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۾ مددگار ٿيندي. عسڪري چوي ٿو.

ياد رهي ته وزيراعظم نواز شريف 100 ميگاواٽ سولار انرجي جي افتتاح جي موقعي تي هن سال ئي مئي مهيني ۾ واعدو ڪيو هو ته ملڪ مان بجلي جي کوٽ 18-2017ع تائين بلڪل ختم ڪئي ويندي ليڪن بجلي جي کوٽ ۽ لوڊشيڊنگ بدستور موجود آهن. ٻئي طرف سولار پاور پراجيڪٽ جي ناقدن جو چوڻ آهي ته ان منصوبي مان شاهوڪار ڪمائيندا، غريبن کي ڊگهي مدي لاءِ اڃا وڌيڪ ڏيڻو پوندو.

اسلام آباد جي هڪ انرجي ماهر جو چوڻ هو ته هائڊرو پاور تي سولار کان اڌو اڌ بجلي سستي پوي ٿي ۽ ونڊ پاور پڻ سولار جي ڀيٽ ۾ سستو آهي ته پوءِ سولار تي سيڙپڪاري ڇو پئي ڪئي وڃي؟ هن اهو پڻ چيو ته سولار پاور فقط ڏينهن ۾ جنريشن ڪن ٿا ۽ رات جو نٿا ڪن، ان ڪري وري به متبادل انرجي تي ڀاڙڻو پوندو ۽ اهي گهربل پراڊڪشن به نٿا ڪن.

ٻيو اهو ته سولار انرجي بجلي جي ٻين ذريعن کان مهانگي پئي ٿي. قائداعظم سولار پارڪ انتظاميا جو چوڻ آهي ته اهي گرڊ کي 0.14 ڊالر ۾ يونٽ وڪرو ڪن ٿا، جڏهن ته نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيج ڪمپني ۾ موجود ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن جو بجلي خريد ڪرڻ لاءِ ڪيل معاهدو هن ريت آهي ته اهي 0.24 ڊالر في يونٽ خريد ڪندا، جڏهن ته ستن سالن کان پوءِ جڏهن قرض ادا ٿي چڪا هوندا ته پوءِ في يونٽ جي قيمت 0.17 ڊالر في يونٽ بيهندي، جڏهن ته اها قيمت هائڊرو پاور جي ڀيٽ ۾ تمام مهانگي آهي، جنهن ۾ في يونٽ جي قيمت 0.07 ڊالر في يونٽ پوي ٿي، فيول آئل ۽ امپورٽيڊ ايل اين جي لاءِ 0.12 جي قيمت پوي ٿي.

نه وسارڻ کپي ته وزيراعظم نواز شريف جو پوئتي عرصو باقي وڃي ٻه سال بچيو آهي، ان ڪري ان جي ڪوشش آهي ته اهو پراجيڪٽ سندس دور ۾ ئي پورو ٿئي. ان پراجيڪٽ جي ڪاميابي سان مسلم ليگ (ن) پرڏيهي سيڙپڪارن کي اهو پيغام پڻ ڏيڻ چاهي ٿي ته اسان ميگا پراجيڪٽ ڪاميابي سان هلائي سگهون ٿا، جنهن جو مجموعي طرح ملڪ کي فائدو ٿيندو.

واضح رهي ته هتي سائيٽ تي 400 چيني ورڪر ۽ 2000 لوڪل مزدور ڪم ڪن ٿا، جن جي حفاظت لاءِ 800 کان 900 سيڪيورٽي اهلڪار موجود آهن، جيڪي ماحول سان ايڊجسٽ ڪري پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهن.

هي ليک ليکڪا طرفان ٿرڊ پول ڊاٽ نيٽ ۽ “افيئر” لاءِ خصوصي طور لکيو ويو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو