Home / پروفائيل / سيد عالم شاهه: سون سَريکو ماڻهو
above article banner

سيد عالم شاهه: سون سَريکو ماڻهو

Yousif Sindhiسيد عالم شاهه جي سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ کانپوءِ مونکي جن ٻن ڳالهين مٿس لکڻ جي لاءِ اُتساهيو، انهن مان پهرين سندس سياسي ڪمٽمينٽ ۽ ٻي هن پاران پنهنجي اولاد جي ڪيل سهڻي تربيت. عالم شاهه خوشنصيب آهي ته هن جون ڌيئرون ۽ پُٽ نه رڳو سياسي شعور سان مالامال آهن، پر هو سٺي تعليم حاصل ڪري پنهنجن پنهنجن ميدانن ۾ مڃتا ماڻي رهيا .

سيد عالم شاهه سياسي شعور سنڀالڻ کان پوءِ جن ساٿين سان سياسي طور تي سلهاڙيو، هن جنهن پارٽي ۽ نظريي کي صحيح سمجهيو، اڄ ڏينهن تائين ان ئي پارٽي، ان ئي نظريي ۽ انهن ئي ساٿين سان سلهاڙيل آهي، ان عرصي ۾ گهڻائي لاها ۽ چاڙها آيا، سياسي ڀڃ ڊاهه ٿي، نظرين چولا بدلايا، نظرين جي چولن بدلائڻ تي ماڻهن خسيس مفادن جي حصول لاءِ پنهنجا رهبر ۽ پارٽيون بدلايون، ۽ اهي دوست جن جي صحبت ۾ اچي سيد عالم شاهه سياسي ۽ نظرياتي واٽ ورتي، انهن مان به ڪيترائي ٿڪي ۽ مايوس ٿي ويهي رهيا يا ڪن وري سياسي واٽ بدلائي ڇڏي، پر سيد عالم شاهه ورچي نه ويٺو، جتي تو ڇڏيو، اتي ئي آهن وانگر رهيو ۽ رهندو پيو اچي ۽ نه رڳو رهندو پيو اچي، پر باقاعده سرگرم به آهي. ان سياسي ۽ نظرياتي واٽ ۾ سيد عالم شاهه جيل به ويو، چونڊن ۾ به بيٺو، جهر جهنگ جاڳيو، ڳوٺ ڳوٺ، وستي وستي ۽ واهڻ واهڻ ويو. نه رڳو سنڌ، پر سنڌ کان ٻاهر ٻين صوبن ۾ به وڃي پنهنجا هم خيال دوست ۽ ساٿي تلاش ڪيائين .

سيد عالم شاهه جو جنهن طبقي سان واسطو آهي، اهو ابن الوقت، پنهنجي سياسي ڪمٽمينٽ ۾ بنهه ڪچو، گيدي، هر دور جي حڪمران طبقي جو سلامي، سون تي سيڻ مٽائڻ وارو ۽ عوام دشمن رهندو پيو اچي، پر ڪڏهن ڪڏهن ان وڏيرڪي طبقي مان ڪجهه املهه ماڻڪ ۽ هيرا موتي پڻ پيدا ٿي پوندا آهن.

سالگرهه واري ان تقريب ۾ جڏهن سيد عالم شاهه چيو ته ”آئون سيد هئڻ جي ناتي پير ۽ مرشد ۽ سياست ۾ هئڻ جي ڪري، فائدن وٺڻ تي اچان ها ته ارب پتي نه ته ڪروڙ پتي ضرور بڻجي پي سگهيس.“ ته مونکي سندس ان ڳالهه سان سؤ سيڪڙو اتفاق ڪرڻو پيو، واقعي به سيد عالم شاهه ٿورو پٽڙي تان لهي ها، ٿاٻو کائي ها، ٿورو اکيون پوري ها ته الائجي ڪٿي وڃي پهچي ها، پر سيد عالم شاهه انهيءَ جي ابتڙ بهادر، عوام دوست ۽ ترقي پسند خيالن جو رهندي، پنهنجي ڪلي تي مضبوط بيٺل رهيو.

September 15 , 2015 (49)

گذريل صديءَ جي سٺ، ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن ۾ ٺٽي ضلعي جي ميرپور بٺوري تعلقي ۾ عوامي سياست، اڌ بٽئي تحريڪ ۽ هارين جي حقن جي جدوجهد جي دوران ڪيترائي ڪردار اڀري آيا ۽ انهن ڪردارن مذڪوره جدوجهد جي ميدان ۾ اهڙا ته ڪارناما سرانجام ڏنا ۽ ماڻهن جي ذهنن ۽ دلين ۾ اهڙا ته سوجهرا پيدا ڪيا، جو انهن ڪردارن تي لکجي ته جڳ مشهور روسي ناولن جهڙوڪ: جب کيت جاگي، پهاڙون ڪي بيٽي، دارو رسن ڪي آزمائش، قافله شهيدون ڪا ۽ چراغ جلتا رها وغيره جهڙا ڪيترائي شاهڪار ناول سرجي پون، اهي ڪردار نه رڳو پاڻ اڪيلي سر پر پنهنجن سڄي ڪٽنب، ڀائرن، ڀائٽن، ڌيئرن ۽ پٽن سميت جدوجهد جي ميدان ۾ ڪاهي پيا، اهڙن ڪردارن ۾ قاسم پٿر، سيد اڪبر شاهه، شير خان لنڊ، ابوبڪر لنڊ، علي محمد پرويز، محمد يوسف ڪيڙانو، علي محمد سوڍو، ڏاڏا قادر رانٽو، ساٿي جبل ڏيٿو، پنهون زنئور، غلام حسين شورو، محمد بخش راهو، مرحوم نجم ميمڻ، حاجي عباسي، زٽو رنگيزو، ڪاڪا ايوب منڇري، ڪامريڊ ابو ملاح ۽ ٻيا انيڪ نالا آهن، جن جي ادا ڪيل ڪردار ۽ جدوجهد جي پويان سنڌي پورهيتن، هارين، نارين، مزدورن، ڪمين ۽ ڪاسبين جي خوشحالي، سک ۽ سلامتيءَ جا خواب هئا.

مون ۾ جڏهن ادبي ۽ سياسي شعور سرجڻ شروع ٿيو ته ان وقت مونکي جيڪي ڪتاب ۽ رسالا پڙهڻ جي لاءِ مليا، انهن ۾ هڪ رسالو ”تحريڪ“ به هو، ان جو ايڊيٽر سيد عالم شاهه هو. رسالا ته ٻيا به گهڻائي نڪرندا هئا، پر تحريڪ رسالي جو پنهنجو هڪ ڌار نقطئه نظر هو، منجهس جيڪو مواد ڇپجندو هو، اهو حب الوطنيءَ جا درس ڏيندو هو ۽ ذهنن جي آبياري ڪندو هو، تحريڪ ۾ ڇپيل مواد ۾ عوام دوست نقطئه نظر جي ترجماني هوندي هئي، تحريڪ ۾ ڇپيل سياسي تجزين، ڪهاڻين، شعرن، مضمونن ۽ خطن جي هڪ هڪ سٽ، هڪ هڪ لفظ منهنجي ذهن جي بند ٿيل تاڪين کي کڙڪائڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ انهن تاڪين کلڻ شروع ڪيو ۽ مستقبل ۾ منهنجي لاءِ فڪري ۽ ادبي واٽ تعين ڪرڻ ۾ تحريڪ جي مواد رهنمائيءَ جو ڪم ڪيو.

وقت گذرڻ سان گڏ سيد عالم شاهه سندس جهڙن ٻين انيڪ ڪردارن سان ملڻ جلڻ ٿيو، بحث مباحثا ٿيا ته ڳالهين کي سمجهڻ ۽ وڌيڪ سکڻ جو موقعو مليو، ان وقت جي سياسي ماحول ۾ مون جهڙن ڪيترن ئي دوستن کي اهڙن ڪردارن گهڻو متاثر ڪيو ۽ هو انهن جي رهنمائي ۽ رهبريءَ ۾ اڳتي وڌيا، مونکي هتي اهو چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ ڪونهي ته سنڌ ۾ آيل سياسي سجاڳيءَ ۾ سيد عالم شاهه پنهنجي حصي جو ڪم نهايت ايمانداري ۽ خلوص سان ڪيو، اهو ئي سبب آهي جو اسان سڀني جي دلين ۾ سيد عالم شاهه لاءِ عزت ۽ احترام وارا جذبا آهن ۽ کيس ”سرخ سلام“ ڪندي اطمينان پيو ٿئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو