Home / اسپيشل افيئر / شرجيل ميمڻ ۽ پير فريد جان جي خاص خدمتگار بشير بروهي جي گرفتاري جي اصل ڪهاڻي
above article banner

شرجيل ميمڻ ۽ پير فريد جان جي خاص خدمتگار بشير بروهي جي گرفتاري جي اصل ڪهاڻي

Zahid Ishaq

وڏن وارن، وڏن شهپرن واري هڪ بُت ۾ ڀريل شخص جي سڃاڻپ بشير بروهي طور سي آءِ اي لاڪ اپ ۾ موجود هئڻ دوران سي آءِ اي انچارج انور لاکو ڪرائي رهيو هو. بشير بروهي ڪير آهي ڪٿان جو آهي؟ ڇا ڪندو آهي؟ جهڙا ڪيترائي سطحي سوال ته يڪدم سامهون اچن ٿا پر اصل معاملو ڪهڙو آهي؟ جنهن ڪهاڻي جي هن محور کي منظر عام تي اغوا جي الزام ۾ آندو ويو آهي.

بشير بروهي تي الزام آهي ته هُن سنڌ ڪابينا جي طاقتور وزير شرجيل انعام ميمڻ جي مئنيجر طور ڪم ڪرڻ دوران مشهور پوليس آفيسر ڊي آءِ جي بشير احمد ميمڻ جي ڀائٽي آصف علي ميمڻ جي اغوا واري معاملي ۾ 75 لک روپيا ڀنگ جي رقم ورتي، جيڪا هن ۽ ڌاڙيل بدڪ بروهي ورهائي کنئي. بشير بروهي جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ۽ ايس ايس پي فريد جان سرهندي سان گڏ نڪتل تصويرن سان گڏوگڏ ماڻهو هن بابت خبرن ڏانهن گهڻو ڌيان ڏئي رهيا آهن. کيس گرفتار ڪندڙ ايس ايس پي پير فريد جان سرهندي پنهنجي ٽيم جي ميمبرن انور لاکو، ذوالفقار آرائين ۽ ٻين کي پنهنجي پنهنجي مقررين تان نه رڳو هٿ ڌوئڻا پئجي ويا پر هُو سخت دٻاءُ ۾ پڻ ڦاسي پيا ته بشير کي آزاد ڇو نٿو ڪيو وڃي.

بشير بروهي بابت چون ٿا ته هُو بلوچستان جي علائقن جو رهواسي ۽ جيڪب آباد، مٽياري، سيدپور ٽڪر (ٽنڊو محمد خان)، ٺٽو، ڪراچي ۽ حيدرآباد جي علائقن ۾ رهائش، مٽي مائٽي ۽ “ڪاروبار” ڪندو رهيو آهي. هن جهيڙي جي اهم ڪردار پير فريد جان سرهندي جي ايس ايس پي طور پهريون ڪجهه سال اڳ ٺٽي ۾ مقرر ٿيڻ دوران هڪ ننڍي ڏوهه ۾ بشير گرفتار ۽ آزاد ٿيو، ان بعد پير جي حلقن ذريعي هو ڏوهارين لاءِ مُخبري ڪندو رهيو ۽ ڪجهه “ڪم ڪارن” ۾ پڻ ڪم ايندو رهيو. پير فريد حيدرآباد جو ايس ايس پي بڻيو ته بشير بروهي ساڳيون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو ۽ ان دوران کيس حيدرآباد ضلعي ۾ پوليس کاتي ۾ سپاهي جي گريڊ برابر “پيري” طور ڀرتي ڪري سرڪاري پگهاردار بڻايو ويو. جيتوڻيڪ بشير بروهي بابت جاچ لاءِ ڊي آءِ جي ۽ مشهور پوليس آفيسر خادم حسين رند جي اڳواڻي ۾ 4 ايس ايس پيز تي جوڙيل هڪ اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي. سنڌ جي گهرو کاتي پاران جوڙيل ڪاميٽي ۾ ايس ايس پي حيدرآباد عرفان بلوچ، ايس ايس پي ڄامشورو ڪئپٽن (ر) طارق ولايت، ايس ايس پي مٽياري امجد شيخ ۽ ايس ايس پي بدين ابرار نيڪوڪار شامل آهن.

September 15 , 2015 (39)

بشير بروهي جي گرفتاري کان پوءِ سنڌ پوليس جاڳي پئي، 10 مهينا اڳ اغوا ٿيل آصف ميمڻ جو ڪيس وارثن بدران (سرڪار) جي مدعيت هيٺ داخل ڪيو ويو آهي پر سڄي معاملي ۾ رڳو آصف ميمڻ جي اغوا واري معاملي سان گڏوگڏ اهي سوال ضرور اڀرن ٿا ته بشير بروهي جي گرفتاري پهرين ڇو نه ٿي؟ يا دير سان پير فريد جي ذريعي ٿيڻ واري ڳالهه پٺيان ڪي ٻيا معاملا به آهن. چون ٿا ته بشير بروهي حيدرآباد ۾ پير فريد لاءِ خدمتون سرانجام ڏيڻ دوران صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي ويجهو پهتو. ٿڌي سڙڪ تي شرجيل ميمڻ سان گڏ نڪتل تصويرن وارا پينا فليڪس لڳائڻ کان وٺي اهم معاملن ۾ صوبائي وزير جو “خدمتگار” رهيو. چون ٿا ته پوليس آفيسر کان صوبائي وزير تائين پهچڻ دوران بشير ٽنڊو محمد خان ۾ سيدپور ٽڪر، سعيد متو، ملان ڪاتيار، مٽياري جي مختلف علائقن، حيدرآباد ۾ هٽڙي، هوسڙي کان وٺي ڄامشورو تائين زمينن تي قبضن جو مُک مهرو هو پر هن جي مصيبت ۾ اچڻ جا ٻه سبب اهم چيا وڃن ٿا، هڪ هٽڙي ويجهو زمين ۽ ٻيو حيدرآباد جي هڪ تڪراري ملڪيت. هٽڙي ويجهو زمين تي بشير جي ذات وارن بروهي برادري جو قبضو هو. ذريعن موجب اها زمين ناڻي کاتي جي اڳوڻي وزير جيڪو وڏو وزير به رهيو، ان پنهنجي دور ۾ 656 ايڪڙ پنهنجي نالي ڪرائي، ان زمين تي بروهي جو قبضو هو ۽ قبضو خالي نه ٿيڻ جي صورت ۾ زمين جي ليز ۾ ان برادري کي ڀائيوار ڪيو ويو پر وزير صاحب اهڙي ڀائيواري مان بيزار هو. ليز وٺندڙ وزير بشير جي ويجهي صوبائي وزير سان گڏجي حيدرآباد ۾ مقرر “طاقتور” ايس ايس پي سان “گڏجي” قبضو ختم ڪرايو ۽ ان قبضي ۾ بشير بروهي خاص ڪردار ادا ڪيو. قبضي ختم ڪرڻ واري معاملي ۾ هڪ صوبائي وزير جي ڀائيواري ختم به ڪئي وئي پر ايس ايس پي پاران بشير جو ساٿ ڇڏڻ کان پوءِ بشير صوبائي وزير جي وڌيڪ ويجهو ٿي ويو.

ساڳي تڪراري زمين تي طاقتور پوليس آفيسر ۽ وزير وچ ۾ سرد جنگ شروع ٿي وئي. بشير بروهي جو ٻيو معاملو ساڳي طرح حيدرآباد ۾ هڪ تڪراري ملڪيت جو به آهي، جنهن ۾ ساڳيون ڌريون شامل هيون، پوءِ ان تي به ڌرين ۾ تڪرار ٿي پيو. جيتوڻيڪ بشير بروهي جي جاچ اڃا مڪمل ناهي ٿي پر هڪ اعليٰ پوليس آفيسر جي چوڻ مطابق بشير اعليٰ سطحي ڪاميٽي اڳيان اهم راز فاش ڪيا آهن، جن ۾ ڪيتريون ئي دلچسپ ڪهاڻيون آهن ته هو خدمتن ۾ ڪهڙا ڪم ڪندو هو. بشير کي گرفتار ڪندڙ ايس ايس پي پير فريد جان سرهندي پنهنجي رپورٽ آءِ جي سنڌ وٽ ڏيڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته “اڄ قانون هارائي ويو ۽ ڏوهاري کٽي ويو.” پير فريد جو اهو جملو اڄڪلهه گهڻو عام ٿي ويو آهي.

life0681@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو