Home / ويندي ويندي / ضيا جي باقيات
above article banner

ضيا جي باقيات

پنجاپ جي اڳوڻي گورنر سلمان تاثير قتل ڪيس ۾ ممتاز قادري جي موت جي سزا سپريم ڪورٽ نه رڳو بحال رکي پر سندس سز ا ۾ دهشتگردي جو قلم به لاڳو ڪري ڇڏيو. معني هاڻ سلمان تاثير جا وارث ڀل ممتاز قادري کي قصاص ۽ ديت جي قانون هيٺ معاف به ڪن ته به کيس ان ڪري نه ڇڏيو ويندو جو هاڻ رياست به ان ڪيس ۾ دهشگردي روڪ قلم شامل ٿيڻ سبب ڌر آهي.

پر اسان کي هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي. ممتاز قادري سلمان تاثير کي گستاخ هجڻ جي تهمت هڻي قتل ڪيو. کيس دنياوي ذميواري اها مليل هئي ته هُو سلمان تاثير جي حفاظت ڪري پر هُن پنهنجي دنياوي ذميواري سان خيانت ڪندي بجاءِ گورنر تاثير جي حفاظت ڪرڻ جي, بقول سندس جي ديني فرض جي تڪميل ڪندي سندس جان ورتي. ۽ اعلانيه، مبارڪون وٺندي سندس قتل قبوليو. مسلمانن جو ديني عقيدو آهي ته خدا مومن کي نيڪ ڪم جو اجورو ڏيندو ۽ جنت ۾ جايون ڏيندو. ۽ اهو به مومنن جو عقيدو آهي ته هي جهان فاني آهي، اصل زندگي موت بعد ئي شروع ٿئي ٿي. ممتاز قادري پارن کي سندن مذهبي اڳواڻن ته جنت جي بشارت ڏيئي ڇڏي آهي. ته پوءِ موت کي ٽارو ڪرائڻ لاءِ اپيلون ڇا جون؟ هن فاني دنيا ڇڏڻ کان ڇاجي گهٻراهٽ؟ هجڻ ته ائين گهربو هو ته هن جنهن فخر سان قتل قبوليو هو ان ئي فخر سان سولي قبولي ها پر الائي ڇو سولي کان انڪاري آ. ويٺو اپيلون ٽپيلون ڪري.

Sep-30-2015    58

سلمان تاثير جي قتل بعد هڪ پاسي مولوي هيا جن قادري کي گلن جا هار پئي پارايا ۽ ٻئي پاسي سندس جماعت پيپلز پارٽي هئي جنهن جي قيادت سندس تڏي تي وڃڻ لاءِ به تيار نه هئي.ممتاز قادري کي قاتل مان هيرو ڪندڙ همراه بعد ۾ عدالت جي ڪرسي وڃي ويٺا. جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف وارن لاءِ هيرو بڻجي ويو.

پر سلمان تاثير جي قتل کانپوءِ زرداري اينڊ ڪو ايترا ته ڊنل هيا جو نه سلمان تاثير جي وارثي ڪرڻ لاءِ تيار نه هيا. ڪورٽ ۾ ڪوبه سرڪاري وڪيل ڏيڻ لاءِ تيار نه هيا. اها ته شابس سندس خاندان وارن ۽ دوستن کي آ جن ڪيس وڙهيو، ڪيس جي پوئيواري ڪئي. نه ته پ پ جي اها حالت هئي جو سلمان تاثير بعد سندن هڪ ٻيو وزير شهباز ڀٽي عيسائي هجڻ جي ڏوه ۾ اسلام آباد ۾ قتل ٿيو پر زرداري ليگ جي مذهبي جنون سان به مفاهمت جي پاليسي جاري رهي.

سلمان تاثير هڪ عيسائي عورت آسيه بيبي جي مٿي تي هٿ رکڻ جي ڏوه ۾ پنهنجي ئي محافظ هٿان ماريو ويو. آسيه بيبي مٿان توهين رسالت جي قانون هيٺ ڪيس داخل آهي. اهو قانون جنرل ضيا جي دور جي يادگار آهي. پيپلز پارٽي هونئن ته اٿندي ويهندي ضيا جي باقيات جو مهڻو ڏيندي آهي، هي قانون ان مرد مومن جي باقيات ئي ته آهي. پاڪستان ۾ انساني حقن جون تنظيمون ان قانون تي نظرثاني جي ڳالهه ڪنديون رهيون آهن. هجڻ ته ائين کپي ها ته ممتاز قادري ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ ان قانون تي به ڳالهائي ها، فيصلو ڏئي ها. پر ائين نه ٿي سگهيو. سلمان تاثير جنهن آسيه بيبي جي مٿي تي هٿ رکڻ جي ڏوه ۾ مارجي ويو سا مائي ڦاهي جي ڦندي جي منتظر آهي. انصاف ته تڏهن ٿئي جڏهن سندس ڪيس به اهڙي ئي هڪ جسٽس جي عدالت ۾ پيش ٿئي جهڙو جسٽس سلمان تاثير جي قاتل کي روبرو ٿيو . پر ان جسٽس آڏو ڪيس کڻي وڃڻ لاءِ سندس پارٽي ڪو وڪيل ته ڪري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو