Home / سياسي افيئر / عمران خان: پاڪستان جو ڊونالڊ ٽرمپ!
above article banner

عمران خان: پاڪستان جو ڊونالڊ ٽرمپ!

Parvezهن جا ساٿي ريپبلڪن به کيس جنوني چئي چڪا آهن، پر سمورن سياسي پنڊتن جي اڳڪٿين کي غلط ثابت ڪندي ريپبلڪن ووٽرز ۾ سندس وڌندڙ مقبوليت کي ڏسي ايئن ٿو لڳي ته هو آمريڪا جو ايندڙ صدر ٿي سگهي ٿو. ان لاءِ پهريون قدم جيڪو بلڪل سولو آهي اهو آهي ريپبلڪن پارٽي جي نامزدگي کٽڻ.

تمام گهڻا آمريڪي واشنگٽن جي لبرل پاليسين جي خلاف حد کان وڌيڪ ڪاوڙ ۾ آهن ۽ ٽرمپ اها ڳالهه مڪمل طرح ڄاڻي ٿو ۽ کيس معلوم آهي ته ڪاوڙ ۽ نسل پرستي جو اظهار اهڙن ماڻهن جي حمايت حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ٿٽي سگهي ٿو. هو 1960ع جي ڏهاڪي جي آمريڪي رياست الاباما جي گورنر جارج والس جي نقش قدم تي هلي رهيو آهي جيڪو ڪارن کان سخت نفرت ڪندو هو ۽ پنهنجي جلسن ۾ کليل طور ڪاري ۽ گوري چمڙي وارن ماڻهن جي وچ ۾ علحدگي جي حمايت ۾ نعرا هڻندو هو. ٽرمپ جون ڪجهه دعوائون عجيب ۽ غريب آهن. مثال طور هو چوي ٿو ته: “گهڻا تڻا ميڪسيڪن پناهگير ڏوهاري ۽ عورتن سان زيادتيون ڪندڙ آهن، جڏهن ته صدر اوباما هڪ ٻئي ملڪ ۾ پئدا ٿيندڙ مسلمان آهي.”

Sep-30-2015    15

واٽر گيٽ اسڪينڊل لاءِ مشهور آمريڪي سياسي مبصر جان ڊين ڊونالڊ ٽرمپ کي “آمر اڳواڻ” سڏين ٿا. انهن موجب هن جي شخصيت اهڙن ماڻهن جهڙي آهي جيڪي “ڊيڄارڻ، ڌمڪائڻ وارا، ڪنهن حد تائين ٻين جي حقن کي پنهنجي خوشي ۽ لذت تي قربان ڪرڻ وارا، انتقام لاءِ تيار، بي رحم، استحصال ڪندڙ، ٻين تي رعب ڄمائيندڙ، بدديانت، دوکي سان کٽيندڙ، حد کان وڌيڪ شڪي مزاج ۽ تعصب رکندڙ، خود غرض، جنگجو، قومپرست، ٻين کي پنهنجون من پسند ڳالهيون ٻڌائيندڙ، چاپلوسن کان فائدو کڻندڙ ۽ پنهنجي مشهوري لاءِ ٻين بابت غلط فهمي ڦهلائيندڙ – مذهبي به ٿي سگهن ٿا ۽ غير مذهبي پڻ.”

مٿي بيان ڪيل منظر نامي مان جيڪڏهن ٿورو ڪجهه ڪڍي ڇڏجي ته اهي ڳالهيون ٿوري گهڻي فرق سان عمران خان تي فِٽ اچن ٿيون، جنهن 2011ع ۾ لاهور ۾ تمام وڏو جلسو ڪري پاڪستان جي سياست ۾ قدم رکيو. عمران خان اسٽيج تي عوام سان چنڊ تارن جو واعدو ڪيو ۽ ڪاميابي جون دعائون گهريون.

عمران خان جي حامين ۾ ڀانت ڀانت جا ماڻهو شامل آهن، پڙهيل لکيل برگر ٻار، شاهوڪار بيگمات، اڌ پڙهيل جنوني نوجوان ۽ طالبان جا حامي. انهن سڀني کي خوش رکندي هو وقت بوقت پنهنجي سياسي مخالفن تي بداخلاقي تي ٻڌل لفظن سان حملا ڪندو رهندو آهي جيڪي مٿس ڪيس داخل ڪرڻ جي ڌمڪي ته ڏيندا آهن ليڪن پاڪستان جي گنجريل عدالتي نظام سبب ان کان پري رهندا آهن.

Sep-30-2015    14   2

ڊونالڊ ٽرمپ ۽ عمران خان ظاهري طور مختلف پر پنهنجي جوهر ۾ هڪ آهن ۽ ٻنهي نسل پرست ۽ مذهبي انتهاپسندن کي متاثر ڪيو آهي. ڪارن کان نفرت ۽ گورن جي برتري جي پرچار ڪندڙ Ku Klux klan جي اڳوڻي اڳواڻ ڊيوڊ ڊيوڪ موجب “ڊونالڊ ٽرمپ سمورن صدارتي اميدوارن کان بهتر آهي.” عمران خان کي ان کان به وڌيڪ تعريف نصيب ٿي. گذريل سال طالبان سان ڳالهين (جيڪي ملتوي ٿي ويون هيون) لاءِ طالبان کيس پنهنجو نمائندو قرار ڏنو هو. ڇو ته هن آمريڪي ڊرون حملن خلاف “امن مارچ” ڪيا هئا، طالبان تي ذميواري وجهڻ بدران عمران خان سمورو ملبو آمريڪا تي وجهندو رهيو.

عقيدت جي حد تائين حمايت ڪندڙ ماڻهن کي جارحاڻو رويو رکندڙ اڳواڻ پسند هوندا آهن. ٽرمپ جنهن کي آمريڪي تاريخ جو کُهرو سياستدان چيو وڃي ٿو. چُڀندڙ ۽ توهين آميز لفظ استعمال ڪندو آهي جڏهن ته عمران خان به اهڙي ريت ئي پنهنجي بيٽ ڦيرائيندو آهي. گندي زبان استعمال ڪرڻ تي هونئن به ڪا جهل ڪانهي. گذريل مهيني ڊونالڊ ٽرمپ انتهائي غلط انداز ۾ چيو ته “فاڪس ٽي وي جي ميزبان ميگن ڪيلي (جنهن سي اين اين لاءِ هڪ انٽرويو دوران ڊونالڊ ٽرمپ کان تُرش سوال ڪيا هئا) جي اکين ۾ رت ڀريل هو.” عمران خان ڌرڻي دوران ڊونالڊ ٽرمپ کان هڪ قدم اڳتي وڌي چيو هو ته “نواز شريف بدحواسي ۾ پنهنجي شلوار پُسائي چڪو آهي.”

اهڙن اڳواڻن کي حامي ڪيئن ٿا ملي وڃن؟ پهريون سبب اهو آهي ته اهڙا ماڻهو آرام سان دعويٰ ڪري سگهن ٿا ته اهي ڪنهن جا به غلام نه آهن ۽ سڀني کان بهتر آهن. اهي سولائي سان سياسي مخالفن کي گهٽ قد ڪاٺ رکندڙ، بدعنوان ۽ نااهل چئي سگهن ٿا. (هتي عمران خان جو ڪم ڊونالڊ ٽرمپ کان وڌيڪ سولو آهي) ڊونالڊ ٽرمپ سيلف ميڊ انسان آهي، جنهن ريئل اسٽيٽ وسيلي تمام گهڻي دولت ڪمائي آهي ۽ مئن هيٽن جي مهانگي علائقي ۾ ڪيترائي ايڪڙ زمين جو مالڪ آهي. هن جي ذاتي دولت جو ڪاٿو 4 ارب ڊالرز جي ويجهو آهي جيڪا اڄ جي دور جي ارب پتين جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي.

عمران خان به سيلف ميڊ آهي. هو دنيا جي بهترين ڪرڪيٽرز ۾ ڳڻجي ٿو، جيڪي بيٽنگ، بالنگ ۽ ڪپتاني ٽئي ڪري سگهن ٿا. هن جي ڪئنسر اسپتال پروفيشنل مئنجمينٽ جو بهترين ماڊل ۽ هڪ اهم عوامي خدمت آهي- جيتوڻيڪ اها عبدالستار ايڌي جي ڪم اڳيان ڪجهه به ناهي.

ٻيون سبب: ٻئي همراهه نهايت خود پسند آهن، ان خودپسندي کان ماڻهن کي بيزار نه ٿيڻ گهرجي؟ عام حالتن ۾ خودپسنديءَ کي شخصيت ۾ انتشار سمجهيو ويندو آهي پر سياست ۾ ايئن نه آهي. سياسي آکاڙي ۾ اهي ئي ماڻهو گهڻو ڪري سوڀارا ٿيندا آهن جيڪي پنهنجو پاڻ ۾ گم هوندا آهن ۽ اهي سمجهندا آهن ته سمورو ڌيان ۽ طاقت کين ئي حاصل هجڻ گهرجي. ايئن ڇو آهي؟ اهو ڄاڻڻ نفسيات جي ماهرن جو ڪم آهي.

سحر انگيز قسم جا خود پسند ماڻهو منهن سِر جي رٿائن کان سواءِ به عوامي جوش ۽ جذبي کي آسمان تائين پهچائي سگهن ٿا. ڊونالڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هو ميڪسيڪو سان لڳندڙ آمريڪا جي ڏاکڻي سرحد تي هڪ ديوار ٺاهيندو ته جيئن ميڪسيڪو مان ماڻهن جي آمريڪا اچڻ کي روڪي سگهجي. هن ان کي ديوار چين سان ڀيٽ ڏيندي ان کي “ديوار ٽرمپ” سڏيو آهي. هو اهو نٿو ڄاڻي ۽ ڄاڻڻ به نٿو چاهي ته منگ حڪمرانن جي 13 هزار ميل ڊگهي ديوار چين به منچورين کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي هئي.

ليڪن عمرن خان جا خيال ته ٽرمپ جي منصوبن کي به مات ٿا ڏئي ڇڏين. “اسان اقتدار ۾ اچي ڪرپشن 19 ڏينهن ۾ ۽ دهشتگردي 90 ڏينهن ۾ ختم ڪري ڇڏينداسين.” اهي 19 ڏينهن پوءِ 90 ڏينهن ۾ بدلجي ويا. واڌو 71 ڏينهن جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ ان جو ڪو جواب موجود نه آهي ليڪن ان کي هڪ پاسي رکو. عمران خان کي خيبرپختونخواهه ۾ حڪومت حاصل ڪرڻ کي 887 ڏينهن گذري چڪا آهن. هاڻي ته ڪرپشن ۽ دهشتگردي پڄاڻي تي پهچڻ گهرجي ها نه؟

ڳالهه فقط ايتري آهي ته جادوئي شخصيت رکندڙ اهي خود پسند ماڻهو فقط هڪ ڦوڪڻي وانگر هوندا آهن، جن جي اندر هوا کان سواءِ ڪجهه به ناهي هوندو ليڪن افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اهي ماڻهو تمام گهڻا خطرناڪ ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن اهڙا ماڻهو ملڪي قيادت ڪندا هجن ته ملڪ کي جنگ ڏانهن وٺي وڃي سگهن ٿا. وسيلن جو اجايو زيان ڪري سگهن ٿا، اندروني جنگاڻ ۽ تشدد کي هٿي وٺرائي سگهن ٿا.

حقيقت ۾ قيادت اعليٰ ڪارڪردگي رکندڙ ٽيم جو نالو آهي، جنهن ۾ عوامي مفادن کي ذاتي مفادن تي اوليت حاصل هوندي آهي ۽ اهليت کي خود اعتمادي تي، جيستائين عوام اها ڳالهه نه سمجهندو، تيستائين اهي خود پسند ماڻهن کي پنهنجو اڳواڻ چونڊيندا رهندا، جڏهن ته وڌيڪ بهتر متبادل ماڻهو نظرانداز ڪيا ويندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو