Home / شوبز / فلم جي بهتر رٿابندي ڪئي وڃي، ته اها ڪڏهن ناڪام نه ٿيندي: ايشوريا راءِ
above article banner

فلم جي بهتر رٿابندي ڪئي وڃي، ته اها ڪڏهن ناڪام نه ٿيندي: ايشوريا راءِ

 Sep-30-2015    58                        بالي ووڊ جي سهڻي اداڪارا ايشوريا راءِ چيو آهي ته جيڪڏهن فلم جي رٿابندي بهتر نموني ڪئي وڃي ته اها ڪڏهن به ناڪام نه ٿيندي، خابرو ادارن موجب اڳوڻي مس ورلڊ ايشوريا راءِ چيو ته فلم ٺاهيندڙ جي بزنس لاءِ هي وقت بهتر آهي، فلم انڊسٽري ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ تيزي سان اها ترقي جا ڏاڪا چڙهي رهي آهي، جيڪو سيڙپڪاري لاءِ گهڻو ڪارائتو آهي، سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڪنهن به پراجيڪٽ جي رٿابندي سٺي ٿيل هوندي ته ان جو ناڪام ٿيڻ ناممڪن آهي، هن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ فلم جي رڳو هٽ ٿيڻ بابت سوچيو ويندو هو، پر هاڻي پروڊيوسرن کان معلوم ٿيو آهي ته ڪنهن به فلم جي ڪمائي ۾ ملندڙ پئسو حاصل ڪرڻ ۾ 2 سال لڳي وڃن ٿا، ايشوريا چيو ته فلم ٺاهڻ لاءِ گهڻا ئي مضمون آهن، پر انهن لاءِ سموري ٽيم جي رٿابندي مضبوط ۽ بهترين هوندي ته شايد فلم کي وڌيڪ ڪاميابي ملندي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو