Home / ڪور افيئر / مارڪ سيگل جي بيان کان پوءِ بينظير ڀٽو قتل ڪيس ڪهڙو رخ اختيار ڪندو؟
above article banner

مارڪ سيگل جي بيان کان پوءِ بينظير ڀٽو قتل ڪيس ڪهڙو رخ اختيار ڪندو؟

Razak Khatiاسلام آباد ۾ هن وقت هڪ طرف ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جي حوالي سان ن ليگ پاران هڪ دفعو وري راءِ عامه هموار ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪيون ويون آهن ته ٻئي طرف جنرل راحيل شريف جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ وارا معاملا به ڳالھين جو مُک موضوع آهن. پيپلزپارٽي پنهنجي خفي ۾ آهي، هڪ طرف پارٽي جي پيرن هيٺان نڪتل زمين کي واپس پيرن هيٺان آڻڻ لاءِ ڪوششون شروع آهن ته ٻئي طرف محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ مارڪ سيگل ويڊيو لنڪ تي بيان ڏئي ڇڏيو آهي، جرح جي تاريخ 5 آڪٽوبر مقرر ڪئي وئي پر ان ڏينهن مارڪ سيگل موجود نه هو، ان ڪري هاڻي هڪ دفعو وري مارڪ سيگل کان تاريخ وٺي ان کان ويڊيو لنڪ تي جرح ڪئي ويندي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي 8 سينيٽرن پاران ڏنل استعيفائن تي به چيئرمين سينيٽ ميان رضارباني رولنگ ڏئي ڇڏي آهي، جنهن جي ڪري اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق جي پوزيشن به خراب ٿي وئي آهي.

ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ن ليگ جي مُک قيادت کانسواءِ پنجاب سان تعلق رکندڙ باقي سمورا ليگي پهرين ڏينهن کان ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ نه رڳو دليل ڏيندا رهيا آهن پر اهي پارليامينٽ جي فورم تي به ڳالھائيندا رهيا آهن. ڪالاباغ ڊيم وارو اشو، جنهن جي جيڪڏهن باقي ٽنهي صوبن پاران منظوري به ملي وڃي (جيڪا ممڪن ناهي) تڏهن به انهي ڊيم جي تعمير ممڪن ناهي، ڇاڪاڻ ته هن ڊيم جي لاڳت هاڻي ايتري وڌي وئي آهي جو ان لاءِ ڪو به عالمي مالياتي ادارو قرض ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي پر ان باوجود اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ڪيو وڃي ٿو جيئن پنجاب ۾ پنهنجي ووٽ بئنڪ کي سنڀالي سگهجي. 15 آڪٽوبر تي پنجاب کي ارسا ۾ چيئرمين شپ ملڻي آهي، رائو ارشاد علي خان جيڪو پنجاب جو ارسا ۾ ميمبر آهي اهو هاڻي چيئرمين بڻجڻ وڃي رهيو آهي. تازو 30 سيپٽمبر تي ارسا جي ايڊوائيزري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اهڙا اجلاس اڳ به ٿيندا رهيا آهن پر هن اجلاس جي خصوصيت اها هئي ته ان ڏينهن ميڊيا جون ذري گهٽ اڌ ڊزن ڊي ايس اين جيز ارسا جي هيڊ ڪوارٽر پهتيون هيون. اها ڳالھه مون لاءِ به حيرت جو سبب هئي، ڇاڪاڻ ته ان کان اڳ ۾ ايڊوائيزري ڪميٽين جون گڏجاڻيون ٿينديون رهيون آهن پر ميڊيا جي ان قسم جي سرگرمي ڪڏهن به نظر نه آئي آهي. ڪميٽي جي گڏجاڻي بعد ٿيل بريفنگ ۾ جيڪي سوال ڪيا ويا، ان مان صاف ظاهر هو ته اهو سڀ ڪجهه اڳواٽ بندوبست جو نتيجو هو. اتي موجود صحافين جي دلچسپي ان ڳالهه ۾ نه هئي ته پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيندڙ سيزن ۾ پاڻي جي ورڇ ڪيتري ٿي آهي، پر زور رڳو ان ڳالهه تي هو ته سمنڊ ۾ هن سال ڪيترو پاڻي ضايع ٿيو آهي، ارسا چيئرمين جنهن جو تعلق خيبرپختون خواھ سان آهي، ان اِن حوالي سان جواب ضرور ڏنا پر هن ڪالا باغ ڊيم جي سفارش ڪرڻ جي حوالي سان پڇيل سوال تي چيو ته هو ڪالاباغ ڊيم جي ڳالهه نٿو ڪري پر پاڻي جا ذخيرا تعمير ڪرڻ سرڪار جو ڪم آهي. پنجاب جي ميمبر رائو ارشاد علي خان ان معاملي تي مداخلت ڪندي جواب ڏنا، هن اڻ سڌي طرح ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ جي ڪري سمنڊ ۾ کربين روپين جو پاڻي ضايع ٿيڻ جا تفصيل ٻڌايا. هن جي پاران ڏنل انگن اکرن جي پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ جي زميني حالتن سان ڀيٽ نه پئي ڪري سگهجي، هن سال ٻوڏ دوران ارسا جي چوڻ موجب ته 36 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي سمنڊ ۾ ويو آهي ۽ عالمي ادارن جي سروي موجب هڪ ملين ايڪڙ فٽ جي قيمت هڪ ارب ڊالر آهي پر سوال هي آهي ته ڇا هڪ ملين ايڪڙ فٽ پاڻي جي قيمت پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ ايتري ممڪن آهي؟ جيڪڏهن انهن انگن اکرن کي ٿوري دير لاءِ درست به سمجهي وٺجي ته پوءِ پاڪستان ۾ زمين جو اگهه ته آسمان تي وڃي پهچندو پر ڇاڪاڻ ته اهي سندن ڪم جون ڳالھيون آهن، ان ڪري انهن کي پنهنجي دليلن جو حصو بڻايو وڃي ٿو. هن دفعي پنجاب ۾ ن ليگ کي تحريڪ انصاف مان وڏو خوف آهي، پنجاب جي ووٽ جو گهڻو تڻو آڌار ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ مهم مٿان به آهي. پر ن ليگ پي ٽي آءِ جي خوف سبب هاڻي سنڌ ۾ به ڪم ڪرڻ چاهي ٿي، ٻه گدرا هڪ مُٺ ۾ رکي هو اهو ڪم نٿي ڪري سگهي، ان ڪري هو ڪالاباغ ڊيم جي نعري کي پنهنجي حق ۾ جيترو استعمال ڪندي اهو ٻين صوبن ۾ هن جي خلاف ويندو.

Sep-30-2015    20

محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ مارڪ سيگل جو بيان سامهون اچي چڪو آهي، مارڪ سيگل محترمه جي آخري ڪتاب جي ايڊيٽنگ به ڪئي هئي. هو محترمه ڀٽو جو پراڻو واقف ڪار ۽ اعتماد وارو پرڏيهي صحافي هو. بنيادي طور هن جو ڪم لابنگ ڪرڻ آهي، هن جي بيان ۾ جيڪا اهم ڳالهه آهي اها هي ته جنهن مهل جنرل پرويز مشرف جو محترمه ڀٽو کي ڌمڪي وارو فون آيو هو، ان وقت سندس گهر وارو آصف علي زرداري به اتي موجود هو. سوال هي آهي ته جيڪڏهن زرداري اتي موجود هو ته پوءِ هن کي به انهيءَ عدالت ۾ گهرايو وڃي ۽ ان کان نه رڳو بيان ورتو وڃي پر آڏي پڇا به ٿيڻ گهرجي، خاص ڪري مشرف کي محفوظ رستو ڏيڻ جي حوالي سان. محترمه جي قتل جي حوالي سان مختلف ڳالھيون هلنديون رهيون آهن، خاص ڪري قانوني ماهر هن وقت تائين ان راءِ جا آهن ته جنهن قانون تحت هن وقت هي ڪيس هلندڙ آهي، ان ۾ اي ميل يا ٻي اليڪٽرانڪ شاهدين جي ڪابه حيثيت ناهي. هن ڪيس کي ساڍا ست سال ٿي ويا آهن پر ان ۾ جيڪا اڳڀرائي ٿيڻ گهرجي ها. اها نه ٿي سگهي آهي. مشرف تي ڪيترائي الزام ڇو نه هنيا وڃن پر ڳالهه گهمي ڦري واپس زرداري مٿان اچي بيهي ٿي ته هن سڄي ڪيس ۾ بحيثيت ملڪ جي صدر جي جيڪو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها هن اهو نه ڪيو، ان حد تائين جو گڏيل قومن جي مشن کي به حقيقتن تائين رسائي نه ڏني وئي. هتي سوال هي به پيدا ٿئي ٿو ته جيڪڏهن بيت الله محسود محترمه جي قتل ۾ ملوث هو ته پوءِ جنرل پرويز مشرف محترمه بينظير ڀٽو کي وطن اچڻ کان ڇو روڪيو، جن ماڻهن مان محترمه پنهنجي حياتي جي خطري جي خدشي جو خط لکي اظهار ڪيو هو، انهن مان هڪ کي خود زرداري حڪومت آئين کان مٿانهون ٿي ڊپٽي وزيراعظم جو عهدو ڏنو. ان ڪري ايندڙ ڏينهن ۾ مارڪ سيگل جي بيان ۽ ان مٿان ٿيندڙ جرح ۾ سامهون ايندڙ حقيقتون ڇا به هجن پر زرداري ۽ ان جي ڪاروباري دوستن مٿان پريشر وڌندو.

جڏهن ته ٻئي طرف تازو دبئي ۾ پيپلزپارٽي جي اهم گڏجاڻي ٿي آهي، ان بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته هي پهريون ڀيرو هو جڏهن سڀني کليل طور ڳالھايو. پارٽي جي 18 اڳواڻن کي دبئي گهرايو ويو هو، هن اجلاس ۾ پهريون بحث ئي اهو ته پارٽي پهرين اهو طئي ڪري ته ڪهڙي قسم جي سياست ڪرڻي آهي، ان بعد فيصلو ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي. چون ٿا ته ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي، جيڪا ان بابت سمورن اهم اڳواڻن سان ملي سفارشون ڏيندي پر هي پهريون ڀيرو هو جڏهن زرداري کي اڻسڌي طرح ان ڳالھه جو احساس ڏياريو ويو ته هو هاڻي پاسيرو ٿئي. ذريعن موجب زرداري سان ٽن ڏينهن ۾ 23 ڪلاڪ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ زرداري پاڻ چيو ته هو پنهجو عهدو ڇڏڻ ۽ سرپرست ٿيڻ لاءِ تيار آهي، اطلاع آهن ته نومبر تائين معاملا ڪافي واضح ٿي ويندا.

سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ايم ڪيو ايم جي 8 سينيٽرن جي استعيفائن تي پنهنجي رولنگ ۾ واضح ڪيو آهي ته استعيفائون رضاڪاراڻي بنياد تي ڏنيون وينديون آهن پر هنن پارٽي پريشر ۾ احتجاج طور استعيفائون ڏنيون آهن، ان ڪري اهي آئيني طور تي قبول نٿيون ڪري سگهجن. هن وقت سينيٽ مان ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي پگهارون جاري ٿي رهيون آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي مان پگهارون بند آهن، ان جو سبب اهو آهي ته قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر اياز صادق احتجاج طور آيل استعيفائن تي 80 سيڪڙو تصديق جو عمل مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آئيني طور تي هو اهڙين استعيفائن تي ڪا به اڳڀرائي نٿو ڪري سگهي. 12 آگسٽ واري ڏينهن رڳو چئن ڪلاڪن ۾ هن 80 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري هن جي ان عمل کيس مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو آهي. رضارباني جي رولنگ ايندڙ ڏينهن ۾ اياز صادق لاءِ گهڻا مسئلا پيدا ڪري ڇڏيندي. خاص ڪري ان صورت ۾ جڏهن هو لاهور واري چونڊ ۾ ڪامياب ٿي ٻيهر قومي اسيمبلي جو اسپيڪر بڻبو

Email:razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو