Home / پروفائيل / موتي پرڪاش، سنڌ جو جلاوطن شهزادو
above article banner

موتي پرڪاش، سنڌ جو جلاوطن شهزادو

Younis Maharحشو کاٻي ڌر جو وطن دوست انقلابي هو. انگريزن خلاف جدوجهد ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪندو هو. ساڳيو ئي حشو ڪيولراماڻي هئو جيڪو اڳ “هند ڊفينس آرڊيننس” جو قيدي هو، سو پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ “ڊفينس آف پاڪستان ريگيوليشن” جو قيدي بڻيو. ساڳيو قيدي، ساڳي غلامي فقط آقا مٽيو هو، هو جڏهن 1948ع ۾ قيد مان آزاد ڪيو ويو ته سڌو حيدر منزل تي آيو، سائين کي چيائين سڀ مٽ مائٽ هليا ويا پر آءُ سنڌ نه ٿو ڇڏڻ گهران، سنڌ منهنجي ڪاشي ۽ ڪعبو آهي، منهنجي جيجل ماءُ آهي، مون کي هن کان جدا نه ڪيو. سائين وراڻيس ته حيدر منزل تنهنجو گهر آهي. هي سيد تنهنجو ڀاءُ آهي. ڪير ٿو تو کي چئي ته تون سنڌ ڇڏ، وقتي ڏکيو وقت آهي گذري ويندو، پر انهيءَ ئي هفتي حشو وري گرفتار ڪيوويو ۽ جيل کان زبردستي جلاوطن ڪيو ويو، هن جيڪي ڏينهن سنڌ کان جدا گذاريا اهي سڀ پل رقم ٿيل آهن.هو پنهنجي حال کان بي حال رهيو ۽ چرين وانگر بمبئي جي روڊن تي گهمندو رهندو هو، ڪنهن به دوست وٽ ٿانيڪو ٿي ويهي نه سگهندو هو، جنم ڀوميءَ کان جدائي سندس جيءُ جهوري ڇڏيو هو، سندس روح بيچين رهيو. پنج منٽ ويهي ۽ وري اُٿي هليو ويندو هو، دوست چوندا هيس ته حشو ويهه، ساهي پٽ، ماني کاءُ پر بغير ڪو جواب ڏيڻ جي هو هليو ويندو هو. سنڌ جو هي ڏاهو پٽ جديد علمن جو ماهر، بمبئي جي فوٽ پاٿ تي لاوارث مري ويو، ۽ بمبئي ميونسپل ڪارپوريشن کيس لاوارث دفنائي ڇڏيو. هي لاوارث نه هو پر پنهنجي جيجل ماءُ سنڌ کان زبردسي جدا ڪيو ويو. حشو جيڪڏهن بمبئي ۾ آباد ٿيڻ گهري ها ته هن جهڙو پڙهيل لکيل، جديد علمن جو ماهر ضرور پنهنجي چوکي جاءِ پيدا ڪري وڃي ها، پر “جلاوطني” جي درد منجهس بيگانگي جو رويو پيدا ڪيو هو ۽ هي هند جي سماج ۾ جوڳي جاءِ جوڙي نه سگهيو.

موتي پرڪاش شاعر، نثر نويس، ڊراما رائيٽر، ڪلاڪار، تعليمدان، براڊ ڪاسٽر 18 مئي 1931ع تي ڳوٺ دڙي، ضلعي ٺٽي هاڻوڪي ضلعي سجاول جي برهمڻ پريوار ۾ شري سکرامداس ڀڳوانداس مهراج جي گهر ۾ پيدا ٿيو. سندس پورو نالو موتي لعل سکرامداس شرما هو ۽ ادبي تخلص “پرڪاش” هيس، ڪجهه مهينا ڳوٺ دڙي جي اسڪول ۾ پڙهيو. ان کان پوءِ پرائمري تعليم جاتي جي اي وي اسڪول ۾ پڙهيو، جتي هن جا ناناڻا رهندا هئا. سيڪنڊري تعليم لاءِ ڪراچي سٽي اسڪول ۾ داخل ٿيو، ۽ 1947ع ۾ ميٽرڪ پاس ڪيائين، جتي سندس پڦيءَ جو گهر هو، ان کان پوءِ هندستان جو ورهاڱو ٿيو ته بمبئي لڏي ويو، بمبئي جي جئه هند ڪاليج ۾ بي اي (آنرس) جي ڊگري 1956ع ۾ ورتائين، بمبئي يونيورسٽي مان ئي 1962ع ۾ بي ايڊ پاس ڪيائين.

September 15 , 2015 (50)

1981ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ئي پروفيسر رام پنجواڻي جي رهبري هيٺ پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين، هن جي ٿيسز جو عنوان هو “سنڌي شعر ۾ استري جو چٽ”.

ملازمت جي شروعات ڪاسمو پوليٽن هاءِ اسڪول، ڪي جي کلناڻي هاءِ اسڪول ۾ ماستري سان ڪيائين، بعد ۾ پنهنجي قابليت سان ڪي جي کلناڻي هاءِ اسڪول جو پرنسپال بڻيو. ان کان پوءِ انڊين هاءِ اسڪول دبئي جي پرنسپال طور خدمتون ڏيئي 1989ع ۾ رٽائرڊ ٿيو.

تيرنهن سالن جي عمر کان موتي پرڪاش ان وقت جي ٻارن جي بهترين مخزن گلستان ۾ ڇپجڻ شروع ٿيو.

1959ع ۾ موتي جي شاعري جو پهريون مجموعو “آءُ ته چوريون چنگ” ڇپيو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته موتي جي ننڍ پڻ ۾ سوچ ۽ ذهني لاڙو ڇا هو.

هن ورهاڱي جي درد ۾ ڪيئي ڪهاڻيون لکيون، جيڪي مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيون، 1954ع کان 1967ع ڪهاڻيون “ماستر ديارام” ۽ “گهر گهر جي ڪهاڻي” هن جي مثالي ڪهاڻيون آهن، هن ڪافي پرڏيهي ٻولين جي ناولن جو ترجمو به ڪيو ۽ ان کان پوءِ هڪ ناول “انڌيرو اجالو” 1954ع ۾ لکيو. هن ناول ۾ به هڪ نوجوان جو ورهاڱي وارو درد سمايل آهي، هن جا ترجمو ٿيل ٽي ناول ادينا (1952ع)، ڪالندي (1953ع)، ۽ ڪاڪو ڪلو 1957ع) شايع ٿيا، هن ٻين موضوعن تي به ڪافي مضمون لکيا جي ادبي گل (1957ع) نالي ڪتاب ۾ گڏ ڪيل آهن، سندس مضمون “پوءِ ڍاون جي کوکلائپ” ذڪر لائق آهي.

ان کان پوءِ (1967ع) هڪ تمام وڏو اسٽيج ناٽڪ موتي پرڪاش لکيو ۽ جنهن جو ڊائريڪٽر به هي پاڻ هو، جنهن هند ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي، اُهو هو “رات هڪ طوفان جي” (1975ع) ۾ پردي اڳيان ۽ پردي پٺيان ڊرامو پڻ پيش ڪيو، ان کان اڳ 1965ع ۾ موتي پرڪاش ٻين ٻولين جا ناٽڪ به ترجمو ڪيا، جيڪي سڀ اسٽيج تي پيش ڪيا ويا.

1972ع ۾ يادگيرين تي مشتمل ڪتاب “دل جون ڳالهيون”، ۽ 1983ع ۾ هن جي شاعري جو ٻيو ڪتاب “چڻنگ وچ چولي” ۽ 1986ع ۾ شخصيتن بابت قلمي خاڪا “ڏٺي ڏينهن ٿيام” شايع ٿيا.

1987ع ۾ سنڌ جو سفر نامو “سي سڀ سانڊيم ساهه سان” شايع ٿيو، هن ئي ڪتاب تي موتي پرڪاش کي 1988ع ۾ هندستان جي مرڪزي سرڪار جو ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ عطا ڪيو ويو.

موتي پرڪاش ۽ سندس شريڪ حيات ڪلا پرڪاش سنڌي اديبن مان واحد خوشنصيب جوڙو هو، جنهن کي ساهتيه اڪيڊمي ايوارڊ نصيب ٿيو.

1947ع ۾ جڏهن هندستان انگريزن کان آزاد ٿيو ته انهيءَ آزادي جي منشور ۾ ڪٿي به اهو لکيل نه هو ته مذهب جي بنياد تي ڌرتي ڌڻين کي ڌڪاريو ويندو، ۽ نه سنڌ جي هندن کي ڪا سمڪ هئي ته کين آزادي جي نانءَ تي پنهنجي ماتر ڀومي ڇڏڻي پوندي، پر پاڪستان ٺهڻ وقت مذهب جي نالي تي اهڙي خوف جي فضا پيدا ڪئي وئي جو لاچار سنڌي هندن کي پنهنجو وطن ڇڏي جلاوطن ٿيڻو پيو. هنن راتو واهه خوف ۾ پنهنجن گهرن کي قلف هڻي چاٻيون پاڙي وارن کي ڏنيون ته هو جلد موٽي ايندا، پر موٽڻ جو رستو بند هو، ڪو به موٽي نه ٿي سگهيو، سڄا ڀريا تريا گهر ٿانوَ، فرنيچر، لٽا ڪپڙا سڀ ڪجهه ڇڏي وطن کان بي وطن ٿيا.

پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب “دل جون ڳالهيون” ۾ پنهنجي ٻاراڻي دور کي ياد ڪندي موتي پرڪاش لکي ٿو ته “ جڏهن هو ڪياماڙي بندر تي گهمڻ ويندو هو، تڏهن سامونڊي جهاز ڏسي کيس به دل ٿيندي هئي ته هو ڪڏهن ڪنهن جهاز ۾ چڙهي سمنڊ جي گجڪار ٻڌندو”، هن نه ٿي ڄاتو ته هڪ ڏينهن کيس پنهنجو وطن ڇڏڻو پوندو، جهاز ۾ ويٺي سنڌ ڇڏيندي هن جذباتي ٿي چيو هو “اي سنڌ منهنجي ماءُ، مون کي آسيس ڪر ته ڪڏهن منهنجو نصيب ٿئي جو جڏهن پيشاني جا گهنج گهرا ٿي وڃن، وار اڇا ۽ اکيون ڌنڌليون ٿي وڃن، تڏهن ئي سهي، مان وري موٽان، هڪ رات هڪ ڏينهن نه سهين هڪ پل ئي سهي تنهنجي ڇاتي سان لڳي روئان”.

موتي پرڪاش ترقي پسند رومانوي شاعر هو، هن سنڌ، هند جي ڪلاسيڪل شاعري ۽ خاص طور ڀٽائي جي شاعري جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو، موتي اميد ۽ مسلسل جدوجهد جو شاعر هو.

موتي سنڌ جو شيدائي هو، هن جو سنڌ سان نينهن جو ناتو هو، سنڌ هن جي وجود ۾ سمايل هئي، وطن جي جدائي ۾ هن سانڀر جا سڀئي سال ڳوڙها ڳاڙهيا هئا. انهيءَ عقيدت مان لکيل سندس هڪ گيت سڄي هند سنڌ ۾ سندس سڃاڻپ ٿي ويو ۽ هي هن جو امر گيت آهي، ايتري حد تائين جو ان گيت کي ساهتيڪارن جي پهرين وڏي سنسٿا اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهتيه سڀا سنڌين جو قومي ترانو قرار ڏنو، هي سڄو ترانو ٻڌڻ لائق آهي پر ان جو هڪ بند پيش ڪجي ٿو:

آنڌي ۾ جوت جلائڻ وارا سنڌي،

۽ خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي،

موهن جي دڙي جيان، دٻجي اوچا رهندا،

طوفان، زلزلا، سور ۽ سختيون سهندا،

هيمون جيان ڦاسي کائيندا،

ته به مرڪي مرڪي ڳائيندا،

هي ڪڏندي ڪنڌ ڪپائڻ وارا سنڌي.

۽ خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي،

جڏهن هو سنڌ گهمڻ آيو ته هن سنڌ جي سفر نامو “سي سڀ سانڍيم ساهه سان” لکيو، انهيءَ سفر دوران هن جي دل ڇلڪي پيئي هئي، بي اختيار جذبن جو وهڪرو وهي هليو هو ۽ هن جا ڳوڙها ڳڙهي پيا هئا، هن سوچيو هو.

“ڪاش منهنجا اِهي ڳوڙها، سنڌ جي گمنام شهيدن جي رت سان ريٽي ٿيل ڌرتي تي ڪرن ۽ ان جي زرخيز مٽي سان ملي وڃن، انهن ڳوڙهن ۽ رت سان ريج ڏنل زمين تي سنڌو جي ڪا ڇول پهچي……بهار جي موسم ۾ ان تي چهچ سائي ڇٻر ڇانئجي، ٻوٽا ۽ وڻ ٽڻ اڀرن….گلاب، موتئي، چنبيلي ۽ سورج مکي جا گل ٽڙن، وقت گذرندو وڃي، اسان جا پوٽا پوٽيون، ڏوهٽا ڏوهٽيون انهن جي آڙ ۾ لڪ ڇپ رانديون رمن ۽ ڪا مند اچي، جو اسان مان ڪنهن هڪ جو پوٽو يا ڏوهٽو، ڪنهن جي پوٽي ۽ ڏوهٽي جي ڊگهن، ڪارن گهنڊيدار وارن ۾ گلاب جو هڪ گل وجهي چوي: آءُ تو کي پيار ڪريان ٿو. تڏهن سنڌو ۾ نئون ڇوهه ايندو، آسمان ۾ منڊل منڊبا، گوڙ ۽ گاج ۾ ڪنهن پٽ تي وري شاهه پيدا ٿيندو.

سنڌ جون ساروڻيون لکندي ٻئي هنڌ چئي ٿو:اهو ڪهڙو درد هو جنهن مون کي ستٽيهه سال گهاڻي جيان پيڙهيو هو؟ اها ڪهڙي تار هئي جيڪا ڏينهن رات، پل پل روح کي تاڻيندي رهي هئي، اهو ڪهڙو احساس هو، جيڪو پنهنجن سان گهيريل هوندي به دل کي اڪيلائي جي بوجهه هيٺ دٻائيندو رهيو هو.

مون وڏا وڏا شهر ڏٺا آهن، آسمان سان گسندڙ عمارتن جي اوچائي، پنهنجي نظر سان ماپي آهي، ڪيترين قومن جي ڪيتريون ئي ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن سان گفتگو ڪئي آهي……..پوءِ به دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ اڪيلائي جي اهڙي گهگهه اوندهه آهي جو مان شهرن ۾ رهي به نه رهيو آهيان، عمارتن جي آسائش ڀريل ڪمرن ۾ رهندي به بي آرام رهيو آهيان، پنهنجن سان ڳالهائيندي به ڌاريو رهيو آهيان، سک ملندي به بيچين رهيو آهيان، پڃاري واهه جي ڪنڌي تي منهنجو ننڍڙو ڳوٺ دڙو، دنيا جي نقشي تي هڪ ٻڙي جي حيثيت به نٿو رکي، نه ان جي هوا ۾ عطر جي خوشبو آهي ۽ نه ان جي کوهه ۽ واهه جي پاڻي ۾ امرت اوتيل آهي، نه ان جون گهٽيون ڪشاديون ۽ صاف سٿريون آهن ۽ نه اُن جي اَڪ يا ٻير جي وڻن ۾ رنگا رنگي گل آهن، پوءِ به ڄاڻان ٿو ته اهو منهنجو ڳوٺ آهي، اها منهنجي مٽي آهي، اها منهنجي هوا آهي ۽ اهي منهنجا وڻ آهن، منهنجو روح بادل بڻجي انهن مٿان ڇانوَ ڪندو آهي ۽ برسات جون سنهيون بوندون ٿي، ٻنين ٻارن، رستن چارن تي ڇڻڪار ڪندو آهي، اڄ اهو منهنجو ڳوٺ نه آهي اهو نه منهنجو من ٿو مڃي ۽ نه منطق. مون اتي ئي پنهنجو پهريون ساهه کنيو هو ۽ مون کي ڪير ٿو روڪي سگهي ته مان اها چاهنا ڪريان ته منهنجو آخري پساهه به اُتي کڄي؟

سالن کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ جڏهن پنهنجو ننڍپڻ جو اسڪول گهمڻ آيو ته لکي ٿو ته ڪار بيٺي سراج چيو: “هي تنهنجو اسڪول” سراج هن جو هم ڪلاسي ۽ ڳوٺ جي سفر جو ساٿي هو.

ڀڳوانداس چيو “هاڻ پنهنجو ڪلاس سڃاڻ” ڀڳوانداس هن جو سوٽ آهي، جيڪو سنڌ ۾ رهندڙ آهي، ڳوٺ گهمائڻ لاءِ هن سان گڏ آهي. جڏهن اسڪول ۾ داخل ٿيو ته هن محسوس ڪيو ته

“اسڪول جي ڪاريڊار منهنجي پيرن کي جڪڙي ڇڏيو، مان بيٺو رهيس، خالي خالي نظرن سان ڪمرن جي درن، ديوارن کي ڏسندو رهيس”.

ڀڳوانداس، سراج، اقبال ۽ ڪلا مون کي تڪيندا رهيا، مون ڳورن قدمن کي اڳتي وڌايو، هڪ ڪمري جي سامهون بيهي چيم “هي هيڊماستر جو ڪمرو هوندو هو”.

سراج چيو “هينئر به اها ئي هيڊماستر جي آفيس آهي”. ايتري ۾ هڪ بندرو سفيد وارن وارو، شلوار ۽ قميض پهريل شخص پري کان تڪڙو تڪڙو هلندو اچي پهتو، ڀڳوانداس هن سان واقفيت ڪرائي، سائين نثار علي ميمڻ، اسڪول جو هاڻوڪو هيڊماستر.

مون جهڪي سائين جا پير ڇهيا. سائين هي آهي موتي، ڀڳوانداس منهنجي واقفيت ڏني. سائين چيو مان سمجهي ويس مون کي خبر هئي ته اچڻ وارو آهي. هيءَ سندس گهر واري ڪلا، سراج ڪلا جي واقفيت ڪرائي، سائين نثار علي ڪمري جو تالو کوليو ۽ اسين ڪمري اندر گهڙياسين، هيڊ ماستر جي ڪرسي ۽ ٽيبل ساڳي هنڌ پيل هيون، جنهن جي سامهون هڪ ٻه پراڻيون ڪرسيون هيون، هڪ طرف پراڻو ڪٻٽ هو ۽ سامهون ڇوڪرن جي ويهڻ جون بينچون پيون هيون.

سائين ڪرسيون سيري، اسان کي چيو ويهو آءُ هيترن سالن بعد تنهنجي ڳوٺ اچڻ تي ٻي ته ڪا سوکڙي نه ٿو ڏيئي سگهان اوهان کي، پر جهوني رڪارڊ ۾ موتي جو نالو ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم.

سائين ڪٻٽ کولي اسڪول جا جهونا جنرل رجسٽر ڪڍيا هڪ ٻه چار پنج الائي ڪيترا، هن رجسٽر کولي منهنجي اڳيان رکيو، ان جا ورق اٿلائڻ لڳو.

منهنجي دل ڌڙڪڻ لڳي، اٽڪل اڌ صدي اڳ انهن مان هڪ ورق تي جيڪو تڏهن نئون نڪور ڪاغذ هوندو ۽ هاڻي بدلجي ميرانجهڙو ۽ ناسي ٿي ويو آهي، ان وقت جي هيڊماستر منهنجو نالو لکيو هوندو، ڇا اهو ورق اڃا رجسٽر ۾ هوندو؟ ڇا منهنجو نالو اڃا به لکيل هوندو؟ ڇا منهنجي ننڍپڻ جي اها يادگيري ڪنهن ڪنڊ ۾ ڌنڌلي روپ ۾ ئي سهي اڃا لڪل هوندي؟

سائين وچ ۾ نشان پيل هڪ ورق منهنجي سامهون رکيو.

منهنجو سڄو جسم ۽ روح اکيون اکيون ٿي ويو.

مون ڏٺو……….وري وري ڏٺو، اکين کي پوءِ به اعتبار نٿي آيو، لکيل هو:

جنرل رجسٽرڊ نمبر 607

نالو شاگرد جو پورو………“موتي لعل سکرامداس”

ڄمڻ جو هنڌ…….دڙو

جنم جي تاريخ انگن ۽ اکرن ۾…………….1931-5-15….پندرنهن مئي اوڻويهه سئو ايڪٽيهه.

اسڪول ۾ داخل ٿيڻ جي تاريخ………. 1936-5-22

درجو ٻاراڻو

ڳوڙهن سبب منهنجو اکيون ڌنڌليون ٿي ويون، 22 مئي 1936ع تي جڏهن منهنجو بابو مون کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ وٺي آيو هوندو، تڏهن به مان رنو هوندس. اڄ ان ڪري روئي رهيو هوس جو اهو اسڪول مون کي ڇڏڻو پيو هو، مون ور ور ڪري پنهنجو نالو پڙهيو موتي “لعل سکرامداس” ها، “موتي لعل سکرامداس”……..جيڪو هن ئي ننڍڙي ڳوٺ ۾ ڄائو هو، ڀارت يا دنيا جي ڪنهن شهر ۾ سندس چکيا جلندي.

جنهن جي خبر نه سندس ڳوٺ وارن کي ۽ نه اسڪول جي رجسٽر کي پوندي….۽ شايد اهو نالو ٻيهر ڏسڻ لاءِ هو زندهه به نه رهي.

زندگي ۾ پهريون ڀيرو مون کي پنهنجو نالو نهايت پيارو ۽ مٺو لڳو، ڀرسان ڪلا روئي رهي هئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو