Home / اسپيشل افيئر / موسيقي جو نه ڪوئي مذهب نه ڪائي زبان!
above article banner

موسيقي جو نه ڪوئي مذهب نه ڪائي زبان!

Noor Ahmed Jinjheڪائنات جي جوڙ ۽ جنسار تي ويهي ويچاربو ته سموريون تخليقون ڪنهن نه ڪنهن ترتيب ۽ تال ميل سان نظر اينديون. بلئڪ هول کان وٺي سانجهي تاري تائين، هماليه جبل کان وٺي ٿر جي جهرڪلي ڀٽ تائين، وينزويلا جي آبشار کان وٺي ننگر پارڪر ۾ارڙاٽا ڪري وهندڙ ڀٽياڻي نديءَ تائين، مغرب جي مٺڙي هوا کان اتر جي ٿڌڙي هير تائين. ڪڪرن جي گسڻ سان ٿيندڙ گجگوڙ ۽ کنوڻ جي کجڪي کان وٺي معصوم کير پياڪ ٻڪري جي ڦر جي ٻيٻراٽ تائين، نظر ايندڙ اڻ کٽ مظهر هڪڙي ترتيب جي ثابتي واري ڪاغذ تي پنهنجي وجود سان مهر ثبت ڪندي پوري جهان تي اهو واضح ڪن ٿا ته اسان ۾ ڪا نه ڪا ترتيب آهي ۽ انهي ترتيب جي ڪري اسين دنيا لاءِ اهڙي اجهل ڇڪ رکون ٿا جنهن مان ڪو به ذي شعور پنهنجو پاند ڇڏائي نه ٿو سگهي. انهي ترتيب ۽ تال ميل جي ڪري اسان جي هيءَ سموري ڪائنات قائم ۽ دائم آهي، جنهن ۾ ڪروڙين ڪهڪشائون آهن هر ڪهڪشان ۾ سوين ستارا آهن، هر ستاري جي چوڌاري ڪيئي گرهه يا سيارا عاشقن وانگر طواف ڪندي نظر اچن ٿا ۽ انهن گرهن جي چوڌاري ڪيئي اپگرهه چڪر هڻي چڪور ۽ چنڊ وانگر هڪٻئي جي تعلق کي چٽو ڪري رهيا آهن. ان کان سواءِ بلئڪ هول نالي خال نما آسماني جسم ۾ به هرڻ ۽ هُماءَ وانگر سنسار ۾ سرگردان آهن، انهن ۾ جيڪا ڪشش ۽ جيڪو قرب آهي، انهي پويان جيڪا ترتيب ۽ تال ميل ڪار فرما آهي، تنهن کي موسيقي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو، ڇو ته موسيقي جنهن کي سُر سنگيت به چيو وڃي ٿو، تنهن جي پر پيچ فني باريڪين کان هٽي ڪري جيڪا واکاڻ ڪئي ويندي ته سٺي ترتيب Composition جو نالو ئي مناسب رهندو.

ٿر جو سريلو فنڪار ۽ ان کان وڌ رسيلو انسان مرحوم صادق فقير چوندو هو ته هيءَ سموري ڪائنات موسيقي سان ٽمٽار آهي. ڪائنات جي سڀني رنگن سان سُر جو سنگ ساٿ رهيو آهي ۽ اها ئي سريلائي آهي جيڪا هڪڙي جينيئس کان وٺي اٻوجهه ماڻهو تائين هر ماڻهو کي موهي پنهنجي مٺڙي منڊ ۾ منڊي متاثر ڪندي رهي آهي. شينهن جڏهن گجگوڙ ڪري ٿو ته ان سان به هڪڙو سُر پيدا ٿئي ٿو پر سُر جي انهن آلاپن ۾ دهشت ۽ دٻدٻو سمايل آهي، جيڪو هر ٻڌنڌڙ کي ڌوڏي وجهي ٿو تڏهن ئي ته شينهن کي جهنگل جو بادشاهه، چندن جي وڻ کي ٻيلي جو بادشاهه، سورهيه کي سينا جو سر موڙ ۽ سپوت کي راڄ جو سرواڻ چوندي، ڪنهن هندي شاعر ڪهڙي نه عقل واري ڳالهه ڪندي چيو آهي ته:

شينهان کا کالو نهين، نهين چندن ڪا باغ

سور ماڪي سينا نهين، نهين سپوتان ڪا راڄ

“يعني شينهن جو ولر نه هوندو آهي، چندن جو باغ نه ٿيندو آهي، ٻه وڻ به هڪ ٻئي جي سرهاڻ جي سٽ نه سهندي ، سڙي خاڪ ٿي ويندا، اهڙي طرح سپهه سالارن يا بهادرن جي فوج نه هوندي ۽ هر راڄ ڀاڳ ۾ سپوت به ڪي ڳاڻ ڳڻيا هوندا. ڳالهه هلي پئي سُر سنگيت جي ته سُر يا موسيقي دنيا جي هر وٿ ۾ موجود آهي، پوءِ ڪٿي اها سُريلي آهي ته ڪٿي بي سُري ۽ ڪٿي وري اها ڪُسري صورت اختيار ڪري ٿي، توهان مان جن ٿر کي مينهن جي مند ۾ مشاهدي جي اک سان مناڙيو هوندو انهيءَ تي موسيقي جي موسيقيت بلڪل واضح ٿي ويئي هوندي. جڏهن اتر ۾ ڪڪر سهڻيون سهڻيون ڪنڊرون ٺاهي، برج ڪڍي مانڊاڻ منڊي وسڻ جا ويس ڪن ٿا ته اهي اڀ جي اڇي اڱڻ تي قدرت جي ڪار سازي واري قلم سان لکيل انتهائي حسين موسيقي جي لکت محسوس ٿين ٿا، پوءِ جڏهن اهو مانڊاڻ عروج تي پهچي ٿو ته بادل پاڻ ۾ ڀاڪر پائڻ شروع ڪن ٿا ۽ گوڙن جا گجگاٽ ٿيڻ شروع ٿي وڃن ٿا ۽ کنوڻ جي کجڪي کي ڏسبو ته اهو ان چُميءَ جهڙو نظر ايندو ، جيڪا چاهيندڙَ، پيار جي پهرين پنج ڪڻي ونڊيندي هڪ ٻئي ۾ ورڇيندا آهن تنهن کان پوءِ وڏ ڦڙو وسڻ شروع ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ ڇنڊُن (ڦڙين) کي غور سان ڏسبو ته اُهي به باجي جي ڪارن ۽ اڇن سرن وانگر ترتيب ۾ نظر اينديون، انهي سموري عڪس کان پوءِ جڏهن وسندڙ مينهن دوران ڪٿان سج جي روشني اک ڪڍي ٿي ته ڏانگڙو يا انڊلٺ ٺهي ٿو، جنهن جا ست ئي رنگ ايئن ته پيارا محسوس ٿيندا آهن ڄڻ تان سين فتح پور سيڪريءَ جي اڪبري مجلس گاهه ۾ ڪا تان لڳائي هجي. اها سموري تصوير موسيقي نه آهي ته ٻيو ڇا آهي.؟

September 15 , 2015 (46)

سنڌو ندي هماليه جبل کان نڪرندي ارڙهن سو ميلن جو مفاصلو طئي ڪندي تانون ۽ پلٽا هڻندي، کاري ڇاڻ وٽ جڏهن سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي ته تنهن وچ ۾ انهي البيلي دريا جا ڪيئي رنگ نظر اچن ٿا، ڪٿي اها چاندي جي پٽيءَ جهڙي ڏسڻ ۾ اڇي ٿي ۽ ڪٿي، انهي ۾ هيبت ۽ دهشت آهي ته ڪٿي انهي جي سُر کي ڪُسر ڪرڻ لاءِ ڪالاباغ ڊيم جهڙا بد سُر لڳايا وڃن پيا ۽ ڪٿان وري ان جي پوتر پاڻي کي پوليوٽ ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي انداز ۾ ڪن ڪچرو اڇلائيندي سُر جي سنگ کي بي آهنگ ڪيو ويو آهي، جنهن اهو شير درياهه يا اباسين پنهنجي مٺي نور جي مشاهدي سان تصور جي ٽجوڙيءَ ۾ محفوظ ڪيو هوندو. اهو ئي سمجهي سگهي ٿو سنڌو جي وهڪري ۾ به ڪا موسيقي آهي.

دنيا ۾ جڏهن هوا لڳي ٿي ته پن پن چُرِي ڪو نه ڪو پڙلاءُ پيدا ڪري ٿو، انهي پڙلاءَِ تي به غور ڪبو ته اها سر سراهٽ به موسيقي محسوس ٿيندي ۽ انهي واڄٽ جي وڄت ۾ اهڙو ته سحر ۽ نشو آهي، جو هر جيءُ انهي جو هيراڪ ٿي پيو آهي. ٿورو وقت هوا نه ٿي لڳي ته ماڻهو جو ساهه ٿو ٻوساٽجي ۽ من ۾ مونجهه ٿيڻ لڳي ٿي. اهڙي طرح مصور جو قلم ۽ بت تراش جو هٿوڙو جڏهن متحرڪ ٿين ٿا ته ڪاغذ ۽ پٿر به منجهس موسيقي ٿي پون ٿا، ڪٿي موناليزا ٺهي ٿي ته ڪٿي وري اجنتا ايلورا ۽ کجوراهو جهڙا من موهيندڙ ڏيک ظهور پذير ٿي پون ٿا. هڪ رازي جي ڪاريگري ۽ انجنيئرنگ جڏهن موسيقي جو روپ ڌاري ٿي ته تاج محل تخليق ٿي پوي ٿو، پوءِ ان کي ساحر جهڙو سهڻو شاعر غريبن جي محبت جو مذاق سڏي ته ڀلي سڏي پر ان جي سونهن تي ۽ سُريلائي تي سڀئي سهمت آهن. اها ئي موسيقي جڏهن تندن ۽ تارن جي اوٽ مان ليئا پائڻ لڳي ٿي ته اها بيٿوون ۽ باخ جي لافاني ڌُنن جو روپ ڌاري ٿي، جڏهن بسم الله خان جي شهنائي جا سر گونجڻ لڳن ٿا ته هي سموري ڪائنات ستيم، شوم ۽ سُندرم جو جيئرو جاڳندو مثال بڻجي پوي ٿي. حضرت نظام الدين اولياءِ جي مقرب ماڻهو امير خسرو جي معرفت موسيقي نڪري نروار ٿئي ٿي ته ڪيئي مٺڙا ٻول ۽ سهڻيون بندشون وجود وٺن ٿيون. جيڪي زماني جي مڙني حادثن کان بي نياز پنهنجي دامن ۾ اها دستگيري سانڍيو اچن، جيڪا سوين سال اڳ منجهن هئي. جن جي ٻڌڻ سان روح جو روڳ ۽ اندر جو ايذاءُ ختم ٿي ويندو آهي. پنڊت وري شنڪر جي ستار جا سريلا سر اڄ به ٻڌجن ٿا ته دل جي ڌڙڪن وڌي پوي ٿي ۽ پير ازخود چرپر ڪري چرڻ لڳن ٿا، اهي سُر ئي هئا جنهن جي سگهاري شمشير کي ڪم آڻيندي ٻيجل جهونا ڳڙهه جي سخي بادشاهه ۽ سورٺ جي سهاڳ راءِ ڏياج جو سِر ورتو هو. انهي سُر جي سٽا بابت ننڍي کنڊ جي بهترين غزل سنگر استاد مهدي حسن جو چوڻ آهي ته سر جي فريڪوئنسي جيڪڏهن ٻي ڪنهن شي جي فريڪوئنسي سان ملي ويئي ته اها شيءَ ايئن ٽٽي پوندي جيئن پچڻ کان پوءِ گوندر ول ٽٽي پوي ٿي تڏهن ئي ته ڀٽائي سسئيءَ واتان چيو آهي ته :

سورن سانڍياس، پورن پالي آهيان

سکن جي سيد چئي، پکي آئون نه پيايس

جيڪر آئون هياس، گري گوندر ول جي

موسيقي ۾ وڏو اعجاز ۽ ڪمال آهي اها پنهنجي اثر سان ماڻهو کي بي خود ڪندي ۽ پاڻ ڀُلائي ڇڏائيندي آهي، انهي بيخودي واري انگ سان تعلق رکندڙ هڪڙو واقعو ياد اچي ٿو: ڪجهه سال اڳي پاڪستان جي مشهور ڪلاسيڪل ناچڻي شيما ڪرماني ٿر گهمڻ آئي، سندس مقصد ڀٽائي جي سر راڻي تي ناچ ترتيب ڏيڻ هو، مٺيءَ ۾ هڪڙي مختصر محفل جنهن ۾ صادق فقير ”راڻي“ کي ڳائي رهيو هو، شيما ڏاڍي ڌيان سان ان کي ٻڌي رهي هئي، شيما تمام سادي عورت آهي، سندس وار مٿي تي چوٽي جي صورت ۾ سادي نموني ٻڌل هئا، پر جڏهن رات جي پوياڙي ۾ صادق راڻي جا سر ڇيڙيا ۽ ان جاءِ مٿان تڪيندڙ اڀ تي مومل جو بيچين روح لهي آيو ته شيما ان ۾ ايترو بيخود ٿي ويئي جو هن هيترن ويٺل ماڻهن کان بي نياز ٿي پنهنجا وار ڇوڙي ڇڏيا هيا ۽ سندس پير مسلسل هڪڙي تال ميل سان لڏي رهيا هئا، اهو آهي موسيقي جو اثر جيڪو ماڻهو کي ليڪا لنگهائي نت نيون دنيائون گهمائي ٿو، تڏهن ئي ته چيو ويندو آهي ته راڳ ويراڳ آهي، پر راڳ ويراڳ هئڻ سان گڏوگڏ روح جو پسنديده کاڌو پڻ آهي ۽ ان کاڌي ۾ جيڪڏهن پريم رس کي ملايو وڃي ٿو ته بنهه بهترين ٿيو وڃي ڇو ته پيار بنا دنيا جي هر شي ٻوکي ٻوکي ۽ اسونهين ڀاسي ٿي، جيئن هي ٻول ٻڌائين ٿا :

ان مڌ، ڌن مڌ، راڄ مڌ، وديا مڌ انهد

جا ڪوتن آيو راڳ مڌ، اور مڌ سڀ رد

ان مڌ، ڌن مڌ، راڄ مڌ، وديا مڌ انهد

پريم مڌ بن اي گُني، راڳ مڌ ڀي هي رد

تنهن ڪري اڄ تائين پريم رس وارو ڳائڻ اربين ماڻهن کي متاثر ڪندو رهيو آهي، تڏهن ئي ته فرانسيسي ۽ ٻيا يورپي ماڻهو خميسي خان ۽ مصري خان جي الغوزي تي مست الست ٿي پون ٿا، عابده پروين جي جهومڻ، نصرت فتح علي خان جي جديد قديم واري سنگم ۽ استاد مهدي حسن جي غزل تي لکين دليون ڌڙڪي، بي خود ۽ بي سڌ ٿي پون ٿيون. اڄ به برصغير ۾ ملڪه پکراج بيگم اختر، استاد بڙي غلام علي خان، سلامت علي خان، امانت علي خان، اسد امانت علي خان، استاد محمد جمن، محمد يوسف، اقبال بانو۽ نيره نور جا لکين متوالا ۽ مداح آهن. نئين ٽهي ۾ وري صادق فقير، علي حيدر، ٽيناثاني، بنجمين ڀينرون، زوهيب ۽ نازيه حسن جي سُر لاءِ سوين ماڻهو سڪن ٿا. عوامي آکاڙي جا اهم ڪردار ڊرائيور، هوٽلن وارا ۽ ٻيا عام ماڻهو جلال چانڊيو، فوزيه سومرو، شازيه خشڪ، تاج مستاني ۽ ٻين انيڪ لوڪ فنڪارن لاءِ عقيدت رکن ٿا، انهي سموري عقيدت پويان موسيقي جو معجزو ڪار فرما آهي. موسيقي جيڪا نه هندو آهي نه مسلمان نه سنڌي نه غير سنڌي، موسيقي موسيقي آهي ۽ جيڪا بين الاقوامي زبان آهي، جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو موسيقي هڪڙو آفاقي قدر آهي، جيڪو ازل کان وٺي سموري ڪائنات کي متاثر ڪندو رهيو آهي ۽ ابد تائين متاثر ڪندو رهندو

.سنڌ ۾ ڪافي ،بيت،ڏوهيڙي ۽ لوڪ گيت جو راڄ رهيو آهي. اڄ تائين ڳائڻ جا اهي رُوپ سنڌي ماڻهوءَ مان سيسراٽ ڪڍي ٿا ڇڏين.انهي ميراث کي اڳتي ايندڙ نسلن تائين وڌائيندڙ فنڪارن جو تعداد به ڏينهون ڏينهن گھٽجندو وڃي پيو،نتيجي ۾اهو شاهوڪار سماجي ورثو منتقل ٿيڻ مشڪل ٿيندو پيو وڃي.اڳي سنڌي راڳ روح جي راحت هُوندو هو پر هينئر مختلف چئنلز تي راڳ جي نالي ۾ هلندڙ مسخري ڏسي لڳندو آهي ته ڪا جسمن جي نمائش آهي يا ڪپڙن جوڪاروبار آهي.اڳي اُستاد هوندا هئا جيڪي محنت ۽ رياض ڪرائي شاگردن کي ڪندن بنائي ڇڏيندا هئا.

هينئر هرهڪ پاڻ استاد بنجي محنت ڪري راڳ پچائڻ جي بجاءِ رپيا ڪمائڻ جي ڪل وارو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن اها مشق جاري رهي ته سنڌي موسيقي وڃي ريڊيو پاڪستان جي لائبريريءَ ۾ رهندي ۽ اسان کي ٻُڌڻ لاءِ جيڪي ٻيو ڪجهه ملندو اُهو موسيقي بجاءِ ٽي ڪا وٿ هوندي پر موسيقي نه هوندي يا علي احمد بروهي مرحوم جي لفظن ۾ موسيقيءَ سان نه رڳو پاپ بلڪه مها پاپ هوندو.

تنهنڪري خريد ۽ فروخت جي هن خوني دور ۾ انهن سڀني ڌرين جو جيڪي موسيقي جي اوسر ۾ ڪونه ڪردار نباهي رهيون آهن اهو فرض ٿو بنجي ته اُ هي پنهجي پنهنجي ميدان ۾ خيال کان ڪم وٺندي،سنڌي موسيقيءَ کي بگاڙڻ کان بچائين ۽ پنهنجي پنهنجي پيشڪش ۾ ڪواهڙو رنگ رکن جنهن جي سنگ سُر سنگيت جو هي سرور بخش سفر سڦلو بنجي ۽ اسين پنهنجي وٿن کي وڃائن کان بچون.ان ڪم ڪار ۾ سنڌي ٽي وي چئنلز جو سڀ کان اهم ۽ نازڪ ڪردار آهي .اُهي چاهين ته سنڌي موسيقيءَ کي سنواري ۽ سڌاري سگهن ٿا،جيڪڏهن انهن هن ڪم ۾ خيال نه رکيوته سنڌ انهن سُرن کي سڪندِي جيڪي سنڌ جي سڃاڻپ آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو