Home / اسپيشل افيئر / ميان مٺي سان مِلو ڀرچونڊي: رنڪل ڪماري کان سپنا ۽ پوڄا تائين!
above article banner

ميان مٺي سان مِلو ڀرچونڊي: رنڪل ڪماري کان سپنا ۽ پوڄا تائين!

Sameerڪراچي کان ڏهرڪي نڪرڻ وقت ميان مٺو جو خيال صرف رنڪل ڪماري جي واقعي تائين محدود هو. اُهو ئي ذهن ۾ آيو جيڪو اخبارن ۾ پڙهيو هو. سوچيم ته وڏو خطرناڪ مُلو هوندو هڪ ڊزن گارڊ گهٽ ۾ گهٽ اڳيان پويان هوندس، ڪي آڏا سوال پڇنداسين ته ڳاڙهيون ٿيندڙ اکيون ساهه منجهائي وجهنديون. جيڪو چوندو صرف اُهو ئي ٻُڌڻو پوندو. سوال اُتي ئي ٺاهبا، گفتگو اسان جي مطابق نه هوندي وغيره .

پر ايئن نه هو. سموري صورتحال مختلف نڪتي. پنجاب ڏانهن ويندي سندس ڳوٺ ۽ اوطاق روڊ جي ساڄي پاسي ساون وڻن ۾ گهيريل هئي. سندس ماڻهن (مُريدن) کلي کيڪاريو پر سندس پُٽ کي اسان (صحافين) مان ڪافي شڪايتون هيون. هو چوي ته هڪ طرفي اسٽوري هلائڻ ٺيڪ ناهي. “اسان کان به موقف ورتو وڃي ٿو پر اهو پيش نٿو ڪيو وڃي.” هن پنهنجي ناراضگيءَ جو سبب ٻُڌايو.

مڇي ۽ ڀينڊي کائي بس ڪئي سين ته ميان مٺي سان ملاقات ٿي وئي. وڏيون اکيون، وڏو نڪ ۽ ڀريل ڳٽا اڇن نوڪدار وارن ۾ لڪل هئڻ ڪري چهري تي رعب هيو. ڳاڙهين اکين ۽ ڪنن جي مٿان نڪتل سڌن وارن پنهنجو ڌيان پڻ ڇڪايو ٿي. سيني کان چاڪ ٿيل قميص جي مٿئين حصي ۾ ڏوري سان هڪ بٽڻ سبيل، سادن ڪپڙن ۾ ملبوس قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر، رنڪل ڪماري ڪيس جي حوالي سان مشهور ميان مٺي تي رکي رکي ڪاوڙ ٿي آئي ته هي ايئن ڇو ٿو ڪري. مهمان نوازي، قرب ۾ سچو سنڌي هئڻ باوجود هو ڪنهن جي ايجنڊا هيٺ سنڌ جي صوفي ڪلچر کر ختم ڪرڻ چاهي ٿو؟ هن سان ملڻ کان اڳ وارو هُن جو خاڪو مسلسل ذهن تي غالب رهيو، جيڪو مون کي بار بار محسوس ٿيندو رهيو. پاڻي جو ٿڌو گلاس پي وڏو ساهه کڻي سوچيم ته اهڙي قابض ذهن کان ڪا نئين شيءِ نه ملندي.

ڪجهه دير کان پوءِ ڪيترن ئي سوالن جا جواب سپنا ۽ پوڄا ڏنا. سترهن کان ارڙهن سالن جي نوجوان ڇوڪرين نه صرف مون کي شرمندو ڪيو بلڪه اهو سوچڻ تي به مجبور ڪيائون ته اسان جي نام نهاد سول سوسائٽي سوشل ميڊيا تي رڳو ڊاڙون هڻڻ کان سواءِ عملي طرح ڪجهه نه ٿي ڪري. زوري مذهب مٽائڻ وارو رڳو ڊرامو آهي هي سماجي اڻ برابري جو مسئلو آهي. رنڪل ڪماري جو واقعو ۽ ڀوري ڀيل جي لاش سان ٿيندڙ تذليل کي مذهبي انتهاپسندي ڪوٺي پاڻ کي سيڪيولر ۽ منارٽي جو وڏو همدرد سمجهندڙن گهڻن ڀيلن، ڪولهين، ريٻاڙين ۽ انتهائي مسڪين هندن جي سهائتا ڪئي آهي؟ فيس بُڪ تي ماڊلنگ ڪندڙ ۽ پريس ڪلبن اڳيان سن گلاسز ۾ مظاهرا ڪندڙ ڪيترن همراهن انتهائي غريب نياڻين جو ڏک پنهنجو ڏک سمجهي ڪڏهن انهن جي مٿي تي هٿ رکيو آهي.؟

مون گذريل چئن سالن ۾ ڪيترن ئي مذهب مٽائيندڙن کان انٽرويوز ڪيا آهن. ڪو به ڪنهن به مذهب مان متاثر ناهي. هو سڀ سماج جا متاثر ٿيل ماڻهو آهن. ميان مٺو ۾ اُها جرئت ئي ناهي ته هو ڪنهن کي بنا مرضي جي مذهب مٽائي يا هُن کي پاڻ وٽ رهائي سگهي. هي سماجي اڻبرابري جو نتيجو آهي، جيڪڏهن زوري مذهب مٽائڻ واري ڳالهه ٺيڪ هُجي ها ته ميان مٺي جي ڀرپاسي ۾ هڪ به گهر ڪنهن هندو خاندان جو هن وقت تائين موجود نه هُجي ها.

September 15 , 2015 (26)

پُڇيومانس ته “ڇا توهان مذهب تبديل ڪرڻ جي تبليغ ڪندا آهيو ڇا؟” “نه. بلڪل نه” جواب ڏنائين. “پوءِ هي ماڻهو توهان وٽ اسلام قبول ڪري پنهنجو مذهب ڇو ٿا ڇڏين؟” وري سوال ڪيومانس. “مون کان ڇو ٿا پُڇو. هنن کان پڇو.” هن سپنا ۽ پوڄا ڏانهن اشارو ڪيو جيڪي اسان جي وڃڻ کان ڪجهه هفتا اڳ پنهنجو سڀ ڪُجهه ڇڏي اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيون هيون.

“اسلام ڇو قبول ڪيو آهي توهان؟” سپنا کان پڇيم.

“مون کي اسلام سٺو لڳو.” هن مسڪرائيندي، اکيون ڇنڀندي جواب ڏنو. مون سان ڳالهائيندي هو مسلسل پگهر ۾ پُسيل آڱرين کي مهٽيندي رهي. سڄي مهيني ۾ سواءِ ڪلمي جي اڃا هن ڪجهه نه سکيو هو.

“اسلام مان متاثر ڪيئن ٿيا؟” ٻيو سوال ڪيم. چيائين ته ٽي وي ڏسي. پڇيم ته مائٽ ڪٿي آهن ۽ ڇا انهن کي خبر آهي ته تون هتي آهين يا انهن کي ٻُڌائي هتي آئي هئين؟ “مائٽ روهڙي جي ڀرسان ڳوٺ ۾ آهن. انهن کي خبر آهي ته مان هتي آهيان پر منهنجو هاڻ انهن سان ڪو تعلق ناهي.”

سپنا ميان مٺو ۽ سندس ٻين خاندان جي فردن ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايو ته هو ئي هاڻ هن جا مائٽ آهن. سوچيم ته سترهن سالن جو رشتو هڪ پل ۾ ٽوڙڻ لاءِ ڪي مضبوط دليل هجن. “توهان کي اسلام ۾ ڪهڙي سُٺي ڳالهه لڳي؟” پاڻ کي سمجهائڻ لاءِ هن کان سوال ڪيم. “بس اسلام سُٺو آهي.” هن مون کي جواب ڏنو. ڪو باشعور ماڻهو ڪنهن سٺي وجود مان ته متاثر ٿي سگهي ٿو پر ڪنهن Ideology کي سٺو چئي قطعي به قبول نه ٿو ڪري سگهي. هي ڪو ٻيو معاملو آهي. هڪ سپنا جو قصو ناهي. ڀرسان ويٺل پوڄا جي ڪهاڻي به ساڳي نڪتي. هوءَ به اسلام مان متاثر هئي پر جنهن متاثر ڪيو هُئس ان جي باري ۾ ڪک پتو هيس.

“منهنجو تعلق صادق آباد سان آهي” هن ٻڌايو. سوچيم ته ميان مٺو ته پنجاب ۾ به سڃاتو وڃي ٿو. سوال ڪيم ته ڀرپاسي ۾ ڪنهن مولوي صاحب وٽ وڃو ها ۽ مذهب مٽايو ها. هتي ڇو آيا آهيو؟ “بس هتي پناهه ملي ٿي. عزت ملي ٿي، پيٽ ڀري ماني کائي سگهان ٿي.” هن جي سادن جوابن سنڌي سيڪيولر سماج جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. معنيٰ بُک جا متاثر مذهب مٽائين ٿا.

انهيءَ دوران هڪ هندو (غريب هندو) جوڙو اسان جي سامهون آيو. هنن جي شادي کي ڪجهه هفتا ٿيا هُئا. اهي به اسلام مان متاثر نڪتا. حيرت جهڙي ڳالهه هئي ته هنن کي اسان جي سامهون مذهب ته تبديل ڪرايو ويو پر سندن اسلامي نالا نه رکيا ويا. ڪير هُئا، ڪٿان آيا هُئا ۽ ڇو مذهب مٽايائون ٿي، سڀ سوال ئي رهيا. هڪ ڏينهن يا هفتي ۾ انهن رازن کي سمجهي نٿو سگهجي. ڪي مهينا انهن مذهب مٽائيندڙن سان رهجي ته خبر پوي ته اصل ماجرا ڇا آهي؟ پر اسان واري سنگت ته فون تي ئي هڪ طرفو بيان ٻُڌي ڪهاڻيون گهڙي ٿي ڇڏي ۽ پوءِ باقي سڀ قصو اڳتي ٿا وڌائين.

اُهي هندو دوست جن رنڪل جي ڪيس کي کڻي سڄو مُلڪ مٿي تي کنيو هو ڇا ڪڏهن هو ڪنهن سپنا ۽ پوڄا لاءِ به ٻاهر نڪتا آهن؟ انهن حساس سماجي (مذهبي نه) مسئلن تي سڀ سياست پيا ڪن، ٻيو ڪجهه به نه.

جيڪي دوست رنڪل سان همدردي ۾ ميان مٺو سان سخت نفرت ٿا ڪن اُهي ڪڏهن ماتلي شهر ۽ ڀرپاسي وڃي ڏسن ته ڪيئن هيٺئين طبقي جا هندو “لڪشمي” ڪاڻ پنهنجو مذهب ڇڏين ٿا. انهن دوستن کي ان ڳالهه تي ڪاوڙ ڇو نٿي اچي ته ڪيئي خاندان مذهب مٽائي عيسائي به بڻيا آهن؟ اهي به عيسائيت مان متاثر ناهن. هو به سماجي اڻبرابري جا متاثر آهن.

September 15 , 2015 (54)

ميان مٺو سان گڏ روڊ جي ٻئي پاسي درگاهه تي وياسين. درگاهه سان گڏ وڏو مدرسو ۽ اسڪول پڻ قائم آهن، جتي ٻارن کي انگريزي پڻ سيکاري وڃي ٿي. درگاهه جي ڀرسان هڪ وڏي ڪتابن سان سٿيل لائبريري پڻ موجود هئي. حيرت جي ڳالهه ته بهترين اسپيڊ سان واءِ فاءِ جي سهولت پڻ موجود آهي. مولانا عبيدالله سنڌي پڻ هن ئي درگاهه تي اسلام قبول ڪري چُڪو آهي. ميان مٺو ٻُڌايو ته رنڪل ڪماري ڪا پهرين ڇوڪري ناهي جنهن هنن وٽ اسلام قبول ڪيو هُجي. “اهو سلسلو ته گذريل تقريبن ٻه سئو سالن کان جاري آهي.” هن ٻڌايو. “اسان کي چيو وڃي ٿو ته اسان زوري مذهب مٽرايون ٿا پر ايئن ناهي.” هن وضاحت ڪئي. “جيڪو اسلام ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ پوءِ اسان کان پناهه وٺي ٿو ته هن جي حفاظت اسان جو فرض آهي.” هن دليل ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.

رنڪل ڪماري واري ڪيس ۾ خورشيد شاهه، قائم علي شاهه، فريال ٽالپر ۽ آصف زرداري به زور لڳايا پر ميان مٺي ڪنهن جي به نه ٻُڌي. “هنن پناهه ورتي، اسان پناهه ڏني سين.” هن جواب ڏنو.

مريدن ۽ سندن انتهائي روايتي مذهبي رويي سبب ميان مٺي ۽ سندس خاندان جو سڄي علائقي ۾ وڏو رعُب ۽ دٻدٻو آهي. ڏهرڪي، گهوٽڪي، پنوعاقل، سکر ۽ شڪارپور تائين جن جن دوستن سان رابطو ممڪن بڻجي سگهيو کان پڇيم انهن ٻُڌايو ته ملڻ جلڻ ۾ بهترين آهن پر هن خاندان جي وڏيرڪي روئي سبب هڪ وڏو انگ هنن همراهن کي پسند نٿو ڪري.

هڪ ٻي ڳالهه جي وضاحت ڪندو هلان ته جيڪا سنگت ميان مٺي تي جبري مذهب تبديل ڪرائڻ جو الزام هڻي ٿي انهن سان آئون سئو سيڪڙو متفق آهيان- فرق صرف ايترو آهي ته هو دوست Force Conversion مان مراد طاقت وٺن ٿا. جڏهن ته اصل ۾ اها سماجي تنگدستي، لاپرواهي، اڻبرابري، تنگ نظري آهي جنهن جي ڪري ماڻهو “مجبور” ٿي مذهب مٽائين ٿا. چاهي هو هندو مان مسلمان ٿين يا عيسائي.

2003 ع ۾ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هڪ هندو دوست پنهنجي گرل فرينڊ جي ان شرط کي ٺڪرائي ڇڏيو ته جي هو اسلام قبول ڪري ته هوءَ هن سان شادي لاءِ راضي آهي. 2005ع ۾ هُن دوست اسلام قبول ڪيو. لاهور مان اسلام آباد اچي هن سان ملي، سبب پڇيم ته ٻُڌايائين ته هو اڳ ئي اسلام مان متاثر هو. “ڪافي وقت کان مذهب جو مطالعو ڪندو رهيس پر جڏهن هڪ ڇوڪري مذهب مٽائڻ وارو شرط شادي لاءِ رکيو ته انڪار ڪيم” هن بيان ڪيو. “هڪ ڇوڪري جي ڪري مذهب تبديل ڪرڻ لالچ ۽ حوس جي زمري ۾ اچي ٿو.” هن دوست ان گرل فرينڊ جي شادي کان ڳچ عرصو بعد اسلام قبول ڪيو.

هن سان ڳالهيون ڪندي سج لهي چُڪو هو. گهري ٿيندڙ اونداهه ۾ وري سندس ڳوٺ موٽياسين، جتي ڪيئي هندو اسان سان ملڻ لاءِ ويٺا هُئا. جن کي شايد گهرايو ويو هو. هنن سان ملڻ جو ڪو جواز سمجهه ۾ نه آيو. اجازت ورتي.

سکر ڏانهن رخ ڪندي سوچيم ته ميان مٺو اسان کان ڪيترا ڀيرا سٺو آهي. مذهب جي نالي تي ئي سهي پر پناهه ته ڏي ٿو. پيٽ جي باهه اُجهائڻ لاءِ ماني ته ڏي ٿو ۽ وري جي ساڳيو سماج پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو ته هي ڍال پڻ بڻجي ٿو.

پوءِ جي ميان مٺو کي مون Great لکيو ته ڏوهه ٿي پيو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو