Home / اسپيشل افيئر / مکي لال چند ساروڻيون اوري ٿو سانگهڙ ۾ حُرن جي عورتن ۽ ٻارڙن کي پاڻي پيئارڻ به ڏوهه هو
above article banner

مکي لال چند ساروڻيون اوري ٿو سانگهڙ ۾ حُرن جي عورتن ۽ ٻارڙن کي پاڻي پيئارڻ به ڏوهه هو

Ustad Nizamariسانگهڙ جي تاريخ ۾ حُرتحريڪ دوران نه صرف سنڌي مسلمانن (حُر فقيرن) قرباني ڏني پر سانگهڙ ۾ ان تحريڪ جو اثر ٻين مقامي ماڻهن تي به پيو، سانگهڙ ۾ رهندڙ هندو برادري خاص طور مالهي برادري به حُر جماعت جو هميشه ڀرپور ساٿ ڏنو آهي. هو هميشه پنهنجي پاڻ کي حُرجماعت جا فقير سڏائڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. انگريزن جي دور ۾ جن به حُرن جي حمايت ٿي ڪئي يا ساٿ ٿي ڏنو انهن کي به ايترو ئي سرڪاري عتاب هيٺ گُذرڻو پيو، جيترو حُرجماعت جي ماڻهن کي ڀوڳڻو ٿي پيو. ان جو اثر هتي جي مالهي برادري تي به پيو. آئون، مالهي برادري جي اهڙي بزرگ جي ڳولا ۾ هُيس، جنهن کان اڻ ڇپيل، اڻ لکيل تارخ جون اهم ڳالهيون معلوم ڪيان، انهي ڳولا ۾ هندو مالهي برادري جي معزز شخص مُکي لال چند ولد مُکي پريم چند سان ڪيل گُفتگو جو متن اوهان پڙهندڙن جي سامهون آهي.

س: توهانجا وڏا اصل ڪٿان جا هُئا، سانگهڙ ۾ ڪڏهن آيا؟

لال چند: سنڌ ۾ ته اسان انگريزن جي دور کان اڳ ۽ ٽالپرن جي دور جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ آياسين، اسان جي هي تيرنهين پيڙهي آهي جيڪا هتي سانگهڙ ۾ رهي پئي. اسان جا وڏا پوڪرڻ راجستان مان آيا، اسان پهريان ٽنڊي مٺا خان ۾ رهندا هُئاسين؛ جتي اسان جا پندرنهن کن گهر هُئا. اسان جو راڄڙ زميندا هو جنهن جي ٻني کيڙيندا هُئاسين، اسان جو ڪم هو گُل پوکڻ، باغ سنڀالڻ، ڀاڄيون وڪڻڻ. زميندار طبيعت ۾ ڏاڍو سخت هوندو هو. ان دور ۾ سانگهڙ جا نظاماڻي ڪنهن ڪم سانگي ٽنڊو مٺا خان ايندا رهندا هُئا، جڏهن اهي اسان جي حال کان واقف ٿيا، تڏهن اسان کي چيائون هلي سانگهڙ ۾ رهو، اسان جا وڏڙا لڏي اچي سانگهڙ ۾ نطاماڻين جو هارپو ڪرڻ لڳا. هُرلا هوندا هُئا، ڪي ايترا فصل ڪون ٿيندا هُئا، اها ٻاجهر، ڪڻڪ، سنڌي ووئنڻ ٿيندا هُئا، پوءِ اسان نظاماڻين کان زمين خريد ڪئي، تڏهن اهي پٽن جا پٽ ائين پيا هوندا هُئا، ماڻهو ايترو هو ڪون سو نظاماڻين خوشي سان وڪري ڪري زمين ڏني جتي هي سانگهڙ جو شهر وڌي پيو. سانگهڙ جي سموري ايم اي جناح روڊ جي پاسي ۾ اها زمين اسان جي ٿي وئي. پوءِ اسان مُکي؛ مستقل گهر ٺاهي ويهي رهياسين. رمضان نظاماڻي ۽ مُکي پريم چند ٿڃ ڀاءُ هُئا. مطلب اسان ڄڻ پاڻ ۾ ڀائر هُئاسون. ان کان علاوه رحيم نظاماڻي سان گهڻو واسطو هو.

س: ٻڌو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ڪجهه ماڻهن اوهان جي شهر واري ٻني تي قبضو ڪيو هو؟

لال چند: هي سامهون بلڊنگ ڏسين ٿو باجوه منزل، (ان وقت مُکي لالچند سان دڪان تي ويٺو هُئيسن، مُکي جو دڪان ايم اي جناح روڊ تي انهي باجوه منزل سامهون آهي.) اهو باجوه فتح علي قبضو ڪرايو هو. هن ڇا ڪيو جو ٽي (3) چڪ مان پنهنجا ماڻهو آڻي رات جي پيٽ ۾ اسان جي ٻني تي خيما هڻي ماڻهو ويهاري ڇڏيائين، هڪڙي عارضي مسجد به ٺاهي ڇڏيائون، اتي هڪڙو پنجابي جيڪو ڪروڙپتي سڏائيندو هو چڱو مڙس ٿيو ويٺو هُجي، هو ته ڪنگلو پر پنهنجي پاڻ کي ڪروڙ پتي سڏائيندو هو. مون چيو، ڀائو زمين مُنهنجي آهي اوهان اچي هتي ويهي رهيا آهيو؟ ان همراه چيو، پاڪستان ٺهي ويو آهي هاڻي هي زمينون ملڪيتون اسان جون آهن اوهان هلو هتان. هاڻي اسان اچي پريشان ٿياسون، ان وقت سانگهڙ جو ڊي سي ڪو افغاني هو، مُنهنجو والد دانهن کڻي ان ڊي سي وٽ ويو، سڄو قصو ٻُڌايائين، ڊي سي چيو فڪر نه ڪر مان سرزمين تي اچان ٿو اُتي ئي فيصلو ڪنداسين. پوءِ ڊي سي صاحب آيو، اهي باجوا وارا به آيا، انهن وٽ زمين جو ڪو ثبوت هو ڪون، ڪاغذ اسان وٽ هُئا، پوءِ ڊي سي چيو، اهي خيما ختم ڪيو، ڪروڙ پتي گوڙ ڪيو، تنهن تي ڊي سي ان کي مار ڏني، چيائينس ته پراين ملڪيتن تي ٿا قبضا ڪيو، اوهان جي پيءُ جي زمين آهي ڇا. مسجد جو معاملو آيو، مُفتي عبدالقادر لغاري هو يا ڪو ٻيو هو ان کان فتويٰ پُڇي وئي، ان چيو، پرائي زمين تي مسجد ٺاهڻ جائز ناهي ان ۾ نماز ڪون ٿيندي جيستائين مُکي پنهنجي ملڪيت جو ڪجهه معاوضو نه ٿو وٺي. ڊي سي چيو مُکي مان اوهان کي زمين سڪني ڪرائي ٿو ڏيان، ائين اسان پوءِ پلاٽ ڪري زمين کپائيسون، فتح علي باجوه اهو پلاٽ ورتو جتي اها جاءِ ٺهيل آهي.

س: توهان پنهنجي سانڀر ۾ سانگهڙ کي ڪهڙي نموني جو ڏٺو؟

لال چند: مُنهنجي پيدائش آهي 1935ع جي آهي، سنه 1944ع ۾ مان گهڻو سمجهدار هُيس، هي شهر هڪ ننڍڙو شهر هو، انگريز مارشلا جا اثر واضح هُئا، فوج جا سپاهي گهوڙن تي پيا گشت ڪندا هُئا، هڪڙو خوف وارو ماحول هوندو هو شام جو پنجين بجي کانپوءِ ڪو به ماڻهو گهرن مان ٻاهر ڪون نڪرندو هو، اسان هارپو ڪندا هُئاسون، ڀاڄيون کڻي اچي هتي وڪڻندا هُئاسون، ايتري آبادي ڪون هُئي.

هتي ان وقت صرف ٻه هوٽلون هيون هڪ ڏيون واڻئي جي، ٻيو ڳاڙهو شا پٺاڻ جي هوٽل هُئي. ان دور ۾ هن شهر ۾ دڪان فقط چار هئا، پهرين پهريون هتي ڪپڙي جو دڪان روچي رام کوليو، جيڪو اُن وقت وڏو سيٺ هو، هن جي تمام وڏي حويلي هُئي، جنهن جي اندر ننڍڙو گُلن جو باغ هو، هن جو گهر مٿي دڙي تي هو جتي پُراڻي حبيب بينڪ هُئي، هتان کان رستو ويندو هو. پاڪستان ٺهڻ بعد ان حويلي ۾ مهاجر اچي رهيا. جن انهي حويلي کي ديوارون ڏيئي ننڍڙين کُڏين ۾ بدلائي عمارت جي شڪل ئي بگاڙي ڇڏي ٻيو هتي وڏو سيٺ هوندو هو سُگنو مل جيڪو وڏو واپاري هو، هندستان ۾ دنگا پئي هليا، واڻيا پيا سُگنو مل کي چون جاءِ نه ٺهراءِ متان لڏڻو پوي، پر انهن ڏينهن ۾ سُگنو وٽ واپار جو پئسو جام هو سو رهيو ڪون رهڻ لاءِ ٽه منزله عاليشان گهر ٺهرايائين، جڏهن پاڪستان ٺهيو هيڏانهن سُگنو مل جي جاءِ به ٺهي تيار ٿي، واڻين ۾ به اچي ڀاڄ پئي، پاڻ اندر جاءِ ۾ هڪ رات به آرام نه ڪري سگهيو صرف ايترو ڪيائين جو تيار ٿيل جاءِ کي تالو ڏيئي هندستان روانو ٿيو، انهي اُميد سان ته موٽي اچي رهندس. سُگنو ته ڪون موٽيو پر اها جاءِ به خالي ڏسي ٻين اچي قبضو ڪيو، پهريان هتي مري اچي ويٺا پوءِ مهاجر اچي ويٺا، سنڌين کي اهو شعور ئي ڪون هو جو جاين ۽ زمينن تي قبضه ڪن؛ ٿيو ائين جو اها پنهنجي زمين، پنهنجا گهر، پيرن هيٺان نڪري ويا.

30-sep-2014    48

س: لڏ پلاڻ ٿي اوهان سوچيو ته هاڻ هي ملڪ ڇڏي هندستان هليا وڃون.

لال چند: هتي ڪو اهڙو دنگو فساد ڪون ٿيو پر جيئن ته واڻيا لڏيا پئي ان ڪري اسان به سوچيو ته هتان لڏي وڃون، اسان ٽي دفعا جهول اسٽيشن تي لڏو کڻي وياسين، پر ريل گاڏي ۾ چڙهڻ لاءِ ڪابه گنجائش نه ڏسي موٽي ٿي آياسين، ائين ئي ڳڻتي ۾ هُئاسون، عمر خاصخيلي، صحيح ياد نه ٿو اچي ته ٻيا ڪهڙا حُر جماعت جا فقير هُئا، هٿن ۾ هٿيار هُين جيڪي اچي مُنهنجي والد (مُکي پريم چند) سان مليا، کين چيائون، اسان کي خبر پئي آهي اوهان لڏيو پيا وڃو، هي شهر توهان جو آهي، توهان اسان جو حصو آهيو، توهان کي ڪيئن وڃڻ ڏينداسين، باقي توهان کي هتي ڪير به نقصان ڪون پُهچائيندو ان جو ذمو اسان تي آهي. جماعت جي فقيرن ۾ پنهنجائپ جو اهو جذبو ڏسي، بابا چيو، پاڻ هتي ان جماعت سان ڏک هُجي يا سُک ۾ گڏ رهنداسين. پوءِ اسان لڏڻ جو ارادو ترڪ ڪيو. جماعت جي فقيرن جي اها ڳالهه اسان کي ڪم آئي اسان وٽ شهر جي زمين اڳي ئي گهڻي هُئي ويتر جو واڻيا لڏي ويا، اسان ڪاروبار ۾ آياسون.

س: حُر تحريڪ دوران ڪو واقعو توهان جي سامهون ٿيو هُجي؟

لال چند: سانگهڙ ۾ مارشلا جا ڏينهن هُئا، جماعت جون ڪجهه عورتون اسان جي گهر آيون، چون پيون، اسان کي پاڻي پياريو ماني اسان وٽ آهي، پوءِ مُنهنجي والده انهن مائن کي ويهاري پاڻي پياريو، هي ويچاريون وڃڻ لڳيون ته گشت ڪندڙ سپاهين انهن عورتن کي ڏسي ورتو، مُنهنجي والده کي چيائون ته توهان جو مرد ڪٿي آهي؟ توهان حُرن کي ماني پاڻي ٿا ڏيو، مُنهنجي والده ٻڌايو ته مُنهنجو مڙس باغ ۾ ويل آهي، هو ويا مُنهنجي والد کي گرفتار ڪيائون. مُنهنجي والد کين چيو، اسان مالهي مسڪين ماڻهو، ڀاڄيون پوکيون ۽ وڪڻون، اسان جو ته سرڪار سان جهيڙو ڪونهي، پوءِ اُتي هڪڙو سِک سپاهي هو ان چيو ڇڏيوس، پوءِ ڇڏي ڏنائون. حالت اها هوندي هُئي جو حرجماعت جي ٻارن کي پاڻي پيارڻ به ڏوهه هو.

ٻيو واقعو اهو ٿيو جو مان ننڍو هوس پر سمجهه هُئي، موجوده جمعي حلوائي جي دڪان وٽ حُرن اچي چُغلن تي بندوقن جا فائر کوليا، هر طرف ڀڄ ڀڄان ٿي وئي، خوف مان ماڻهن کي سمجهه نه اچي ڪيڏانهن وڃون، ڪو ڪٿي پيو ڪري ڪو ڪٿي پيو لڪي مان به رڙيون ڪري وٺي گهر ڏانهن ڀڳس، امان اڳي ئي پريشان ويٺي هئي، مان جيئن ئي گهر ۾ داخل ٿيس يڪدم درازو اندريان بند ڪري ڇڏيائين. اهي فقير رات اچي اسان جي باغ ۾ رهيا هُئا، ننگر ماڇي، سرڪار جو پيري هو جنهن اسان جي باغ تائين پيرا کنيا، نتيجو اهو ٿيو جو اسان جي والد کي گرفتار ڪري باکوڙو ڪئمپ تي وٺي ويا، جتي اڳي ئي سرائي سانوڻ خان قيد ٿيل هو. جڏهن مُنهنجي والد کي سرائي سانوڻ خان ڏٺو حال احوال ٿيا، سرڪاري ماڻهن ٻنهي جي ويجهڙائپ ڏسي مُنهنجي والد تي اچي تشدد ڪيائون، سچي ڪر ته ڪير ڪير هُئا جيڪي توهان جي باغ ۾ رهيا. ڪهڙا ڪهڙا حُر توهان وٽ اچن ٿا، بابا وري به اها ساڳي ڳالهه ڪئي ته مُنهنجو حُرن سان ڪهڙو واسطو اسان مالهي هارپو ڪيون ۽ کائون، ايترو تشدد ڪيو ويو جو بابا هلي نه سگهي چيلهه جي سور جي ڪري نو مهينا کٽ تي پيو هو.

هڪ دفعي مان به بابا سان گڏ سانگهڙ ۾ جتي پادري اسپتال آهي انهي لوڙهي ۾ وياسين اندر جهُڳيون ٺهيل هُيون، جماعت جون عورتون مُکي باغ مان پاڻي ڀرڻ وينديون هُيون، مونکي ياد نه آهي ته لوڙهي اندر پاڻي جو بندوبست هو يا نه پر جماعت جي فقيرن کي گهڻو تڪليف ۾ ڏٺوسون، ان واقعي کانپوءِ به بابا حُر ڪئمپ ۾ فقيرن سان ملڻ ويندو هو. باقي نالي وارن حُر فقيرن کي جيلن ڏانهن موڪلي ڇڏيندا هُئا گهڻو وقت ڪئمپن ۾ ڪون رکندا هُئا.

س: هتي اها ڳالهه مشهور آهي ته اوهان جي والد مُکي پريم چند جي آخري رسمن تي ڪو اختلاف هو.

لال چند: هي 1964ع جي ڳالهه آهي مُنهنجي والد کي دل جي تڪليف ٿي پئي، اسان عبدالله جان پٺاڻ، جي گاڏي ۾ حيدرآباد کڻي وياسين ڊاڪٽر ڀاڳچند به گڏ هو. تڏهن دل جي ڊاڪٽر محمد صالح ميمڻ چيو، مُکي جو بچڻ مشڪل آهي، اسان پريشان هُجون، رئيس دلبر خان نظاماڻي کي خبر پئي سو رات جو ٻارنهين وڳي ميمڻ اسپتال پُهتو، ان به چيو علاج هلندو، هفتو کن علاج هليو، ڇنڇر جو ڏينهن هُجي اسان جي والد چيو، مان بچندس ڪون مونکي ڳوٺ گهر کڻي هلو، صبح جو وقت دلبر خان ناشتو کڻي به آيو هجي، تنهن چيو ته اهڙي حالت ۾ ڳوٺ ڪيئن هلبو. خير ڊاڪٽر آيو جنهن چيو، مُکي جي اهڙي حالت نه آهي جو ڳوٺ پُهچي سگهجي وري به جيڪڏهن اوهان ضد ٿا ڪيو ته مان ڊرپ لڳايان ٿو پوءِ ڏسون ٿا، مُنهنجو والد ڊرپ لڳائڻ نه ڏي، اسان جو والد علاج ۽ سُين کان گهٻرائيندو هو، ان مهل ڊرپ لڳي به ڪون مُنهنجو والد پساه ڏيئي ويو . اسان دلبر خان جي گاڏي ۾ مڙه کي کڻي آياسين، دلبرخان اڳي ئي سانگهڙ ۾ فون ڪري ڇڏيو هو، ڳالهه شهر ۾ هلي وئي جڏهن اسان سانگهڙ پُهتاسين ته ماڻهن جا ڪٽڪ اچي گڏ ٿيا، حالت اها هُئي جو هجوم جي ڪري اسان ٻن ڏينهن تائين آخري رسمون ادا نه ڪري سگهياسين. مُنهنجي والد وصيت ڪئي هُئي ته منهنجي مرڻ تي روئجو نه، مونکي کڻجو ته ويهاري کڻجو، جنازو هلي ته بينڊ باجا وڄندا هلن. مونکي پيرصاحب جي ٿلهي جي زيارت ضرور ڪرائجو، ٿيو به ائين اسان بابا جي مڙه کي کڻڻ لاءِ ٻيڪوٽي ٺهرائيسين، ڇهه وال چائنا جي بوسڪي جو پٽڪو بابا کي ٻڌوسون، تنهن دور ۾ بينڊ باجا هڪڙا هُئا پوليس لائن ۾ ٻيا هُئا پادرين وٽ، خاتون فاطمه هاءِ اسڪول ۾ پوءِ رئيس دلبرخان اهي بينڊ باجي وارا گهُرايا، هاڻ اڳيان بينڊ باجا وڄندا وڃن،

بابا جو مڙه وڏي هُجوم جي شڪل ۾ شهر جي رستن تان ٿيندو ٿلهي شريف تي پُهتو، جماعت سان گڏ شهر جي برادري به هُئي، ٿلهي شريف تي جماعت جي ڪجهه ماڻهن چيو مُکي کي دفن ڪيو وڃي، اتي دلبر خان چيو، بابا پيرصاحب جو حُڪم آهي ته مُکين کي پنهنجي رواج مُطابق رسمون ادا ڪرڻ ڏيو وارث جيئن کپي تيئن ڪن، پوءِ اسان مڙه کڻي مُکي باغ ۾ آياسين، چتا ۾ چندن جون ڪاٺيون ۽ ٻارڻ ۾ گيهه استعمال ٿيو. اهو پهريون دفعو هو جو ڪنهن هندو جو مساڻ کان هٽي ڪري شهر جي ويجهو اگني سنسڪار ٿيو.

ڪانڌپو رئيس دلبر خان ڪيو هو، اسان کي ياد آهي ان وقت سٺ ديڳيون ڪانڌپي جون لٿيون هُيون. ان بعد اسان جڏهن ماني ڪرڻ ٿي چاهي ته برادري وارن چيو، اها فضول خرچي ڇو ٿا ڪيو، ٻيو ته اسان جي مُکين جي پنچائت چيو اوهان وٽ نجي گيهه جا سو دٻا هُجن پوءِ اوهان کي اجازت ملندي.

اسان جو نانو پهلاج راءِ جيڪو مختيارڪار هو، ان گهڻو بندوبست ڪيو، ماني جي ڪم ڪار جي نگراني رئيس دلبر خان ڪئي، تنهن وقت ڪارخانن جا تنبو آندا ويا اُهي لڳاياسين. پليٽون هيون ڪون رئيس دلبر خان ٽنڊي آدم جي ڪيلن جا پن وڍائي آيو، ڀوڄن ڪيلن جي پنن تي رکي ماڻهن کي ڏنوسين، پورو هفتو ماني هلي. بابا جي سماڌي جيڪا انهي باغ ۾ هُئي تنهن جي تعمير لاءِ قيمتي پٿر ۽ ڪاريگر به رئيس دلبر خان گهُرايا هُئا. سماڌي وڻن جي ڇانو ۾ هُئي جنهن جي پاسي کان کجين، نمن، جا وڻ هُئا، رات جو ڏيئا ٻاربا هُئا، پر افسوس جُمعي پٺاڻ (هزارن) ڪجهه ٻين جي ٻارن ان سماڌي کي گهڻو نقصان ڏنو. هاڻي رڳو مٽي، سرن جو ڍير آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو