Home / اسپيشل افيئر / نالي ۾ نهال تعليمي سڌارا ۽ اسڪولن ۾ داخلا فارم جي اڻهوند!
above article banner

نالي ۾ نهال تعليمي سڌارا ۽ اسڪولن ۾ داخلا فارم جي اڻهوند!

Sikandar Gulab“افيئر” ۾ لکيل پنهنجي گذريل مضمون “رڪارڊ ڪيپنگ جا مونجهارا­_نسل ڀوڳين ٿا” جي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي هن ليک ۾اسان سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا فارم جي اڻ موجودگي تي ڪجهه ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. پنهنجي گذريل ليک ۾ هڪ دوست جي حوالي سان ڳالهه پئي ڪئي سين ته هو جڏهن پنهنجي ٻار جي داخلا لاءِ اسڪول انتظاميه سان لهه وچڙ ۾ آيو ته هن کي هي معلوم ٿي حيراني ٿي ته جنهن شيءِ جي هن همراهه کي ضرورت آهي اها هن اسڪول ۾سري کان ئي موجود ڪانهي. يعني داخلا فارم! اسڪول انتظاميه پاران هن کي اهو چئي مطمئن ڪيو ويو ته “توهان صرف ٻار جي ڄم سند جمع ڪرايو داخلا ٿي ويندي.” هيءَ ڳالهه هن دوست انهيءَ ڪري به ڪئي ته ڪنهن به ٻار جو ڪنهن به اسڪول ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪڏهن ڪو پهريون ڊاڪيومنٽ آهي ته اهو آهي داخلا فارم، ڇاڪاڻ ته داخلا فارم ۾ ٻار بابت ڪافي مگر شروعاتي ۽ ضروري معلومات ڏنل هوندي آهي ۽ ان داخلا فارم آڌار ان جو پورو ڪيريئر آسان ٿي پوندو آهي. هي ڪا ننڍڙي ڳالهه ناهي. اسڪول ۾ ان ٻار جي رڪارڊ کي اڳتي وڌائڻ ۾ داخلا فارم هڪ بهترين سهارو هوندو آهي. سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾داخلا فارم جو نه هجڻ هڪ افسوسناڪ صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو. اهوئي سبب آهي جو ڪنهن ٻار جو نالو غلط لکجي ويو ته ان کي درست ڪرائڻ ۾ سال لڳي وڃن ٿا. ان دوست وڌيڪ چيو ته سڀاڻي اگر مون کي پنهنجي ٻار جي اسڪول ڊيٽا جي ضرورت پئي ته اها اڻلڀ هجي ۽ مان “جيئي ڀٽو”چئي ماٺ ڪري ويهي رهان.

دنيا جا سڌريل ملڪ پنهنجين ناڪامين، خامين ۽ تجربن آڌار هڙني شعبن/ادارن/بنيادي ڍانچن ۽ چوءطرف جي ماحول ۾ سڌارا آڻڻ سان گڏ پنهنجي تعليمي نظام ۽ حڪومتي ڪاروهنوار ۾ سڌارا آڻي اڳ کان اڳرا ٿي ويا آهن ۽ اسان اڃا “ڦرڦر سونٽو دٻلي درياءَ تي” واري ڪار ۾ ڦاٿل آهيون. داخلا فارم ڪيڏو ضروري عنصر آهي نه صرف ٻار لاءِ پر ان اسڪول جي لاءِ به جنهن ۾ ان ٻار جي داخلا ٿي رهي هجي، پر هن ڳالهه جو فڪر نه والدين کي، نه اسڪول کي ۽ نه ئي وري حڪومتِ وقت کي. داخلا فارم جي اسڪول مان غير موجودگي اهو ٻڌائي ٿي ته اسان جي سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا پاليسي نالي ڪا به شيءِ ڪانهي جيڪا هن ڳالهه کي يقيني بڻائيندي آهي ته اسڪول ۾ داخلا جو ڪهڙو مقررمعيار آهي ۽ جيڪڏهن اسڪول مان ٻار کي نيڪالي ڏني وڃي ته ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن، ٻار کي امتحان ۾ ويهارڻ لاءِ ڪهڙن ڪهڙن مرحلن مان گذرڻو پوندو جنهن جي اسڪول سان گڏ ٻار جي والدين کي به خبر هجڻ گهرجي. سنڌ ۾اسان انسانن جو ڪنهن نه ڪنهن جو غلام ٿي رهڻ، ان نشي ۾ زندگي گهارڻ پاڻ لاءِ نه صرف عزت، مان، مرتبو لڳندو آهي پر بهشت کي حاصل ڪرڻ جي ضمانت پڻ لڳندي آهي. اهڙي قسم جي پيري مريدي، سياسي غلامي ۾ انسان ڪڏهن به آزاد ٿي نه سوچيندو آهي اهوئي سبب آهي جو هن جي قسمت کان وٺي هن جي ٻچن جي زندگي جا فيصلا به هو پاڻ نه بلڪه ڪوئي ٻيو ڪندو آهي. سنڌ جي اسڪولن ۾ هونئن ته ڪافي سڌارا ٿي رهيا آهن پر ٻار جي رڪارڊ ڪيپنگ جي حوالي سان سڌارن جي اڻهوند آهي.

September 15 , 2015 (42)

توهان اگر ڪنهن خانگي اسڪول ۾ ٻار داخل ڪرائڻ لاءِ ويندئو ته توهان کي هڪ پوري عمل مان گذرڻو پوندو. يعني سڀ کان پهريان پنهنجي ٻار لاءِ رجسٽريشن فارم وٺو ان کانپوءِ داخلا فارم خريد ڪريو، ٻار کي ٽيسٽ ڏياريو، ٻار پاس هجڻ جي باوجود جيڪڏهن ميرٽ تي ناهي ته داخلا کان کتو جواب. پر سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا جي لاءِ ڪو به مقرر معيار نه هجڻ ڪري ٻار داخل به ٿي وڃي پر ان جا والدين ان کي اوترو سنجيده نه وٺندا جيترو هو هڪ خانگي اسڪول ۾ داخل ٿيندڙ ٻار لاءِ ٿيندا. سبب هي آهي ته سرڪاري اسڪول ۾ ڪو پڇاڻو ڪونهي، جڏهن ته خانگي اسڪول ۾ پڇا جو سخت ماحول آهي، نوڪري ڪرڻ واري لاءِ به، ته ٻار لاءِ به، والدين لاءِ به، ته خود اسڪول لاءِ به.

سرڪاري اسڪول ۾ داخلا صرف ۽ صرف ڄاڻ سڃاڻ، ذاتي لاڳاپن يا صرف ڄم سند تي ٿي وڃي ته مطلب هي ٿيو ته ٻار لاءِ اسڪول کي جيڪا گهربل معلومات کپي ٿي ان جي ضرورت اسڪول کي نه آهي. داخلا فارم کان بغير ٻار جو اسڪول ۾ داخل ٿيڻ ڪنهن به اسڪول جي معيار کي وائکو ڪري ٿو ۽ اسين اهو مڃي به وٺون ته داخلا وقت ٻار جي متعلق معلومات ۾ غلطيون ڄاڻي ٻجهي نه به ڪيون ويون هونديون پر ان ۾ اهڙيون ڪافي ڪوتاهيون رهجي ويون هونديون جن جو ڪيتو اسڪول نه، پر ٻار کي خود ڀوڳڻو پئجي ٿو، يعني ٻار جي نالي ۾ اسپيلنگ جي غلطي يا ڄم تاريخ جو غلط اندراج وغيره يا ذات جو نه لکجڻ. اسڪول ۾ ٻار جو نالو جنرل رجسٽر۾ هجڻ ڪافي ناهي پر ان لاءِ ضروري آهي ته ٻار جي رڪارڊ کي درست ۽ برقراررکڻ لاءِ اسڪول جي هڪ مضبوط ۽ مربوط داخلا پاليسي جو هجڻ به هڪ لازمي امر آهي.

داخلا فارم ڇو ضروري آهي؟ داخلا فارم جو هجڻ نه صرف ان ٻار لاءِ ضروري آهي بلڪه ان اسڪول لاءِ به ضروري آهي جنهن ۾ ان ٻار جي داخلا ٿي رهي آهي ڇاڪاڻ ته داخلا فارم ڀرڻ جي ذميواري ان ٻار جي والدين جي هوندي آهي ان ۾ ڪا به ڦير ڦار/غلطي وغيره هوندي ته اسڪول ان کان آجو رهندو. داخلا فارم ذريعي اسڪول انتظاميه کي ٻار، والدين ۽ ان جي رجحان جي ڄاڻ پئي ٿي. داخلا فارم اهو پهريون مگر ضروري دستاويز هوندو آهي ٻار متعلق شروعاتي معلومات پهچائڻ جو. داخلا فارم ذريعي ٻار جو پرسنل فائيل تيار ٿئي ٿو. جيڪو اڳتي هلي ٻار جي شخصيت جوڙڻ ۾ مدد ڪري ٿو. يعني ٻار کي اهو خوف رهندو ته جيڪڏهن مان ڪا غلطي ڪئي ته منهنجو پرسنل فائيل خراب ٿيندو! هو محنت ڪندو نمبر وڌيڪ کڻندو ته ان کي انعام ملندو ۽ پرسنل فائيل ۾ ان انعام جون ڪاپيون هن جي شخصيت تي سٺو اثر ڇڏينديون. خوش ٿيندو ته هن جي پرسنل فائيل ۾ ڪا به اهڙي شيءِ ڪانهي جنهن جي ڪري هن کي هن جي مائٽن اڳيان شرمندو ٿيڻو پوي. سٺن اسڪولن ۾ داخلا فارم کانسواءِ داخلا ملڻ هڪ مشڪل ڪم آهي. داخلا فارم کي تيار ڪرڻ وقت هيٺين پر ڪجهه ضروري شين جو خيال رکڻ ضروري آهي.

ٻار/شاگرد متعلق معلومات: يعني ٻار جو نالو، پيءُ جو نالو، ڄم تاريخ، ڪهڙي ڪلاس ۾ ۽ ڪهڙي تاريخ تي اسڪول ۾ داخل ٿيو.

ٻار جي خاندان متعلق معلومات: والد جو ڌنڌو/ نوڪري، تعليمي لياقت، پيءُ جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر، ماءُ جو نالو، تعليمي لياقت، نوڪري جي ڄاڻ، وغيره

لکپڙهه لاءِ / رابطي لاءِ معلومات: گهر جو پتو، ٽيليفون گهر/ موبائل، هنگامي رابطو يا نمبر وغيره

ٻار جو لاڙو/ رجحان / دلچسپي: ٻار ڪهڙي راند ۾ دلچسپي رکي ٿو، ڇا ٿيڻ/ڪرڻ چاهي ٿو وغيره

آفيس استعمال لاءِ: داخلا فارم جو ڪجهه حصو صرف ئي صرف آفيس جي استعمال لاءِ به مخصوص ڪيو وڃي ته جيئن ان ۾ اسڪول پنهنجي گهربل ڪم کي پورو ڪري. يعني داخلا ٿي يا نه ٿي وغيره.

داخلا فارم جو پٺيون صفحو: هن تي داخلا لاءِ هدايتون لکو ته ڪيئن هن فارم کي ڀرڻو ۽ ڪنهن وٽ جمع ڪرائڻو آهي. وغيره.

داخلا فارم جي ملڪيت: فارم تي سنڌ گورنمنٽ جو مونوگرام ۽ ان سان گڏ ان جي هيڊنگ، سب هيڊنگ جو هجڻ به لازمي آهي.

ٻار لاءِ ٻيا به ڪجهه رهبر اصول: هي ۽ هن کان سواءِ ڪافي ٻيو به اهڙو مواد تيار ڪرڻ گهرجي جيڪو ٻار ۽ ان جي والدين لاءِ رهبري جو سبب بڻجي اسان وٽ اسڪول ۾ ڪو به اهڙو جوڳو انتظام ڪونه هوندو آهي جنهن جي مدد سان اسان ڪنهن به سرڪاري اسڪول بابت ڪو سٺو تاثر جوڙي سگهون. اسڪول ۾ وڃڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو ته هتڙي ته ڍينگو ڍير لڳو پيو آهي. جيڪا معلومات گهربل هوندي اها ڪانه ملندي، ها جڳاڙي طريقا کوڙ ملندا. داخلا لاءِ بهتر آهي ته هر سال هڪ مهم هلائي وڃي ته جيئن وڌ ۾ وڌ ٻار اسڪولن ۾ داخل ٿين، پڙهن ۽ سنڌ جو نالو روشن ڪن.

sikandarkns@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو