Home / اسپيشل افيئر / ٻوليون ڇو ٿيون مرن؟
above article banner

ٻوليون ڇو ٿيون مرن؟

shokaq loharجيڪو به لقاءُ جيڪو به سٽاءُ اوهان جي شعور لاشعور ۾ ڪا معنيٰ ٺاهي ٿو، ان کي ٻولي چئبو آهي. سرنهن ڦلار جا پيلا گل، سارين جي خوشبودار کيت جو هڳاءُ، چيڪي مٽي جي مهڪ يا ڪنهن ندي جو ميٽوڙو پاڻي سڀ هِڪ معنيٰ ئي ته آهن، جيڪي سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته؟ جيڪڏهن نه سمجهي سگهجي ته پوءِ ڪجهه به ڪين آهي، هر شيءِ بي معنيٰ آهي.

هن ندي ۾ جيڪا ناءُ هلي ٿي، جنهن ۾ مُهاڻو مڇي ماري ٿو. مڇي جنهن جا ڪئين نالا آهن، ڄار، رڇ جنهن جا اڻ ڳڻيا حوالا آهن، اهي ئي ته اصلي زبان آهن.

ڄانڀي ۽ ڍوڍي سان ڀريل ڏڌ جو وٺو هِڪ پوري ثقافت جو اهڃاڻ ٿئي ٿو. اوهان جو کائڻ، پيئڻ، هلڻ، روئڻ کلڻ سمهڻ، اٿڻ سڀ ڪجهه ٻولي ئي ته آهي. جيڪڏهن ڪا شيءِ جاندار آهي، تڏهن به ٻولي آهي، جيڪڏهن ڪا شيءِ بي جان آهي، تڏهن به ته ٻولي آهي. اوهان جي ٻاهرين دنيا جيڪا هزارين، لکين ڪروڙين لقائن جو حسناڪين ڀريو مظهر آهي ۽ ان مظهرن جو اظهار ڪو ٻيو نه، ٻولي ئي ته آهي. اوهان جي اندروني دنيا يا داخلي دنيا جيڪا انهي برفيلي پهاڙ Iceberg جيئن ٿئي ٿي، جيڪا تمام گهڻي اونهي هوندي آهي، جنهن جو گهڻو حصو سمنڊ ۾ ٻڏل هوندو آهي ۽ ٿورو حصو زمين تي ڪنهن جزيري جي جاءِ وٺندو آهي. انهي آئس برگ جي دنيا ۾ هزارين دنيائن جون هزارين معنائون آهن. هي دنيا ساهه سڳي جي تنل تنوار تائين جاڳندي رهي ٿي ۽ پنهنجي هجڻ جي مڌرتائن کي ڇيڙيندي رهي ٿي. اوهان ڏٺو آهي ڪڏهن ڪڏهن اوهان اڪيلائي ۾ هزارين ميلن ڀريل ماڻهن جي پيهه کان وڏو شور ٻڌندا آهيو، اِها آهي اندر جي دنيا جتي رڙيون، سڏ، وراڪا، جتي روئڻ، کلڻ، جتي پڙاڏا جتي جبلن جون چوٽيون جتي هزارين ميلن تائين ڦهليل چراگاهه ٿين ٿا. اها ئي ته آهي دنيا جڏهن اوهان اڪيلا هوندي به اڪيلائي کي هِڪ نعمت کان گهٽ محسوس ڪو نه ڪيو ٿا ۽ ان دنيا ۾ اوهان وٽ هزارين الفاظ، جملا راڳ آلاپ، جهونگارون سلامي ڏين ٿيون.

Sep-30-2015    44

۽ ڪڏهن اوهان محسوس ڪيو آهي ته هزارن جي مجموعي ۾ هوندي به پاڻ کي ڪنهن وسيع رڻ ۾ محسوس ڪيو. اوهان ڀري محفل ۾ ائين محسوس ڪيو، جيئن ڏور آسمان تي ڪو اڪيلو ٿيل تارو هجي، اوهان مڇي مارڪيٽ جي لڙ ۽ غوغاءُ ۾ به موت جهڙي خاموشي ۽ ڪاريهر جي ڏنگ جهڙي اڪيلائي محسوس ڪري سگهو ٿا، اِهو سڀ ڪجهه ئي ته ٻولي آهي. اوهان جي داخلي ۽ خارجي دنيا لفظن سان جڙيل عاليشان محلات آهي، جنهن ۾ ڪيئي ڪسر ۽ هزارين ڳڙکيون آهن، ڪڏهن اوهان اڪيلائي جو هجوم ته ڪڏهن ڀري بزم ۾ اڪيلا هوندا آهيو. لفظ جيڪي ڪڏهن ڀالا بڙڇيون، بم ۽ گولا ٿي پون ٿا، لفظ ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن جي وارن ۾ لڳل گلاب بڻجي پون ٿا. لفظ جيڪا ساهه کڻن ٿا. جن کي آڱريون ٿين ٿيون ۽ اهي آڱريون جڏهن ڪنهن جي ذلفن کي وائلن بڻائي وڄائين ٿيون ته ان مان سوين سراٽ ڪڍائيندڙ سُر ڇڙي پون ٿا، پر ساڳي وقت جڏهن انهن لفظن جي حرمت تين وال ٿئي.

ٻولي جيئي ٿي ته قوم جيئي ٿي، جيڪڏهن ٻولي مري ٿي ته قوم به مري وڃي ٿي. قومن جي مرتبي کان کانپوءِ ان جي باقيات تي صرف چٻرن جا آکيرا اڏجي وڃن ٿا.

قومن جي زندگي جو وهنوار ٻولي ٿئي ٿي ۽ ٻولي تڏهن زندهه رهي ٿي، جڏهن ان جي مان شان، شوڪت ان جي عزت ۽ عظمت ۽ اڏولتا جون قومون خيال رکنديون آهن، جڏهن ان جو واهپو عام هوندو آهي، جڏهن بغير ڪنهن متڀيد جي ان جو استعمال ٿيندو آهي، پر ٻوليون تڏهن مرنديون آهن، جڏهن قومون انهن کان منهن موڙينديون آهن. جڏهن ڳالهائيندڙ يا ته ڪنهن آفت ڪري مري کپي وڃن يا ڪنهن ٻاهرين يلغار ڪري پنهنجي ٻولي جي نڙي تي ننهن رکي فيشن طور نئين ٻولي جو واهپو ڪم آڻين يا ماڻهن جي گهڻي لڏپلاڻ طور ائين ممڪن ٿي پوي جو ماڻهو ڇڙوڇڙ ٿي وڃن ۽ پوءِ اها ٻولي آهسته موت جي منهن ۾ هلي وڃي.

لسانيات جي ماهرن لاءِ ڪنهن به ٻولي جو مرڻ Language Death شروع کان وٺي وڏي دلچسپي جو مضمون رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته دنيا ۾ کوڙ اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي مري چڪيون آهن، جيڪي مرڻ جي ويجهو آهن، جيڪي لاغر آهن، جيڪي هيڻيون آهن.

ٻولي جو مرتيو، يقينن هڪ عجيب لقاءُ آهي. ٻولي جو موت به ائين آهي، جيئن ڪنهن ماڻهو ڪو موت ٿيندو هجي. ٻولي ائين ڪونه ٿي مري، جيستائين ان ۾ آخري ماڻهو جيڪو ٻولي ڳالهائي ٿو، اهو زنده آهي ته ٻولي جيئي ٿي پر جڏهن اِهو مري ٿو ته ٻولي به ان سان گڏ مري وڃي ٿي.

”لسانيات جي جڳ مشهور ماهر ڊيوڊ ڪرسٽل پنهنجي لکڻي (Language death 1999) هِڪ مثال ڏيئي ٻولي جو مرتيو سمجهائي ٿو.

هڪ لسانيات جو ماهر بروس ڪونيل Bruce Connell جڏهن ڪيمرون جي ممبيلا علائقي ۾ ڪنهن موضوع تي تحقيق ڪري رهيو هو، تڏهن ۽ اِهو واقعو اولهه آفريڪا ۾ 1995ع ۾ واقع ٿيو. جڏهن کيس هِڪ ٻولي ”ڪسابا Kasaba“ مطالعي جو مرڪز بڻي، جيڪا پهرئين ڪنهن به ڪونه ٻڌي هئي. ان ٻولي ڳالهائڻ جو فقط هِڪ ماڻهو جنهن کي بوگون Bogon چئجي ٿو، وڃي زنده بچيو هو، ڪو نول کي ان وقت ايتري فرصت ڪونه ملي جو هو ان ماڻهو سان ملي ۽ سندس ٻولي بابت ڪجهه پڇي ۽ هن ئي سال ڪيمرون اچي ان ٻولي بابت تحقيق ڪرڻ جو سوچيو پر ايندڙ سال جڏهن هو واپس وريو ته اهو ماڻهو مري چڪو هو ۽ ڪسابا ٻولي به ان آخري ماڻهو جي مرڻ جي ڪري ان سان گڏ دفن ٿي وئي. پنج نومبر تي اِهو هڪڙو ماڻهو جنهن وٽ اِها ٻولي زنده هئي، جڏهن هو زنده هو، پر جڏهن هو مئو ته سندس ٻولي به هن ڌرتي تان ختم ٿي وئي.“

ٿئي ائين ٿو ته ماڻهو جي مرڻ کانپوءِ به ان جي شاندار قبر جا نشان يا ان جون ڇڏيل شيون ان جو اولاد، ان جا وارث ان ماڻهو جون يادون زنده رکن ٿا، پر ٻولي سان وري ٻيو معاملو آهي، ٻولي مرڻ سان سڀ ڪجهه ختم ٿيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ٻولي جا پٽ ۽ ان جا وارث جڏهن ان کي ماري ڇڏين ٿا ته پوءِ ان جو نالو نشان ڪو نه ٿو بچي.

هِڪ محتاط اندازي مطابق دنيا ۾ هِن وقت ڳالهائجندڙ ٻولين جو تعداد 6 هزار آهي، جن مان 3 هزار ٻولين کي مرڻ جو خطرو آهي.

Languages in danger of extinction انهن ٽن هزارن مان هِڪ هزار اهڙيون ٻوليون آهن، جيڪي ايندڙ پنجاهه سالن ۾ مري وينديون “Extreme danger” دنيا جي ڪل ڳالهائجندڙ ٻولين مان 96 سيڪڙو اهڙيون ٻوليون آهن، جن جو واهپو محدود آهي. يعني دنيا جي ڪل آبادي روزانو 4 سيڪڙو ٻولين جو تمام گهڻو واهپو ڪري ٿي.

اِهو سوال هاڻ حيرت جهڙو ڪونه آهي ته تقريباً هر هفتي يا سراسري طور پندرنهن وار هِڪ ٻولي جو موت ٿي رهيو آهي. تقريبن هِڪ سؤ سالن تائين دنيا جي نقطي تان ئي هزار کان مٿي ٻوليون ختم ٿي وينديون. يعني انهن جو موت ٿي ويندو. ڊيوڊ ڪرسٽل ۽ فشرمين ان کي Language genocide يا Linguicide جو نالو ڏين ٿا. سوال آهي ته ٻوليون ڇو مرن ٿيون؟ ٻوليون ان ڪري مرن ٿيون جو انهن جو استعمال گهٽ ٿي وڃي ٿو، ختم ٿي وڃي ٿو. توهان پاڻ پنهنجو پاڻ کان سوال پڇو ته جنهن ٻولي ۾ اوهان کي امڙ لولي ڏني، جنهن ۾ اوهان پهريون اکر، پهريون لفظ اچاريو، جنهن کي اسين ماءُ ٻولي چئون ٿا. اڇا اوهان هاڻ اِها ڪڏهن ڳالهايو ٿا يا اوهان گهڻو وقت اڳ ۾ اِها ٻولي ڳالهائي هئي؟ جڏهن مون اِهو سوال پنهنجي حلقي ۾ اٿاريو هو ته جواب اِهو مليو ته اسان کي اِها ٻولي ڳالهائيندي لڄ اچي ٿي يا اسان کي هاڻ انهي ٻولي جي ضرورت ڪونه آهي وغيره.

صحيح آهي انهي ٻولي ڳالهائڻ سان اوهان کي ڀل نوڪري نه ملي، اوهان جي سماجي مقام ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا نه ٿئي پر خبر اٿو ته اوهان جي ڳالهائڻ ۽ زبان جي حرڪت ۽ جُنبش ۾ اچڻ جو ڪارڻ اِها پهرين ماءُ ٻولي ئي بڻي هئي. اِهو ڪو جذباتي دليل ناهي پر هِڪ مڃيل تحقيق آهي، جنهن لاءِ اوهين مشهور آمريڪي ماهر لسانيات نام چومسڪي جو (CPH) يعني (Critical period hypothesis) مطالعو ڪري ڏسو. ٻولين جو استعمال ڇو گهٽجي ٿو ۽ ان جو بگاڙ ڇو پيدا ٿئي ٿو، اِها هڪ الڳ لکڻي جو مطالعو ڪندڙ موضوع آهن.

جڏهن ڳالهه سنڌي ٻولي جي لسانياتي ساخت جي اچي ٿي ته ان لاءِ عرض اِهو آهي ته اِها ٻولي هر حوالي سان ڪامل ۽ اعليٰ ٻولي آهي، ان ۾ هِڪ ئي وقت لکي، ڳالهائي ۽ جهونگاري سگهجي ٿو. اِها ڪروڙن سنڌين جي نمائنده زبان آهي. خانگي اسڪولن ۾ ان جو استعمال نه ٿيڻ، مارڪيٽ سيڪٽر ۾ ان جو گهٽ استعمال ٿيڻ صرف ۽ صرف قانوني گهرجن جا مطالبا آهن. ان کي ادارن ۾ لاڀائتي بنائڻ لاءِ ڪم ٿيڻ گهرجي، جنهن ۾ سڀ کان وڏي ۾ وڏو ڪم ۽ سنڌي ٻولي جو جيئندان ترجمي نگاري Translation ۾ آهي. يعني دنيا جو ادب، سائنس ۽ ٻيو مواد سنڌي ۾ اچي ۽ سنڌي جو ٻين ٻولين ۾ ۽ اِهو صرف سرڪار جي وس آهي.

shoukatali.lohar@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو