Home / اسپيشل افيئر / پاڪ-آمريڪا دوستي: وزيراعظم انجڻ ڊرائيور!
above article banner

پاڪ-آمريڪا دوستي: وزيراعظم انجڻ ڊرائيور!

Akhtar Balochمحمد علي بوگرا اها شخصيت هئي جنهن کي جڏهن پاڪستان جو وزيراعظم نامزد ڪيو ويو ته ان وقت هو آمريڪا ۾ پاڪستان جو سفير هو. گورنر جنرل غلام محمد خواجه ناظم الدين جي برطرفي کان پوءِ کيس وزيراعظم نامزد ڪيو ويو هو. هُن جي نامزدگي بابت مشهور هو ته کيس آمريڪا جي حمايت حاصل هئي. محمد علي بوگرا غلام محمد سان ڪيتري عقيدت رکندو هو ان جو اظهار نعيم احمد جي ترتيب ڏنل ڪتاب “پاکستان کے پھلے سات وزرائےاعظم” جي صفحي نمبر 73 تي لکيل آهي. هو “پاڪ-آمريڪا دوستي: وزيراعظم انجڻ ڊرائيور” جي عنوان سان لکي ٿو ته:

“آمريڪا هڪ ڀيري پاڪستان کي دوستي هيٺ ريلوي جون ڪجهه انجڻيون ڏنيون هيون، انهن انجڻين جي وصوليءَ جي رسم ادا ڪرڻي هئي. دراصل گورنر جنرل کي اهي انجڻيون وصول ڪرڻيون هيون ان ڪري گورنر جنرل صاحب باقاعده پنهنجي گاڏي ۾ ان جاءِ ڏانهن روانو ٿيو. ليڪن بوگرا صاحب هڪ فوجي جي موٽرسائيڪل پاڻ هلائڻ لڳو ۽ گورنر جنرل جي گاڏي جي اڳيان اڳيان پائلٽ جو ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ريلوي اسٽيشن، جتي انجڻيون بيٺيون هيون اتي پهتو ته انجڻ جي اندر پهچي ويو، انجڻ جي ڊرائيور کان ٽوپي وٺي پنهنجي مٿي تي پاتي ۽ انجڻ هلائڻ شروع ڪري ڇڏي.”

خواجه ناظم الدين جي برطرفي پنهنجي جاءِ تي پر بوگرا جي نامزدگي ۾ ان جي قابليت جيڪا هوندي سا هوندي. سفير کان وزيراعظم تائين سندس ترقيءَ جو اهو پهلو به خاص حيثيت رکي ٿو. آمريڪا ۾ سفارتڪاري دوران هُن جو هڪ ڪارنامو اهو به هو ته هن سان گڏ هڪ لبناني ڇوڪري به هئي جنهن جو خاندان ڪيناڊا ۾ آباد هو. بوگرا صاحب جي ان سان ڄاڻ سڃاڻ ڪيناڊا ۾ ٿي وئي هئي. ان ڇوڪري جو نالو عاليه هو ۽ هوءَ سندس اسٽينو گرافر هئي. پوءِ جڏهن بوگرا کي آمريڪا ۾ سفير مقرر ڪيو ويو هو ته هو ان ڇوڪريءَ کي پاڻ سان گڏ نيويارڪ وٺي آيو.

عاليه بيگم سان ڄاڻ سڃاڻ جو اهو سفر اتي ئي ختم نه ٿيو بلڪه بوگرا صاحب کي جڏهن پاڪستان جو وزيراعظم مقرر ڪيو ويو ته پاڪستان اچڻ کان پوءِ عاليه بيگم جي مقرري وزيراعظم جي سوشل سيڪريٽري سان ٿي. وزيراعظم محمد علي بوگرا وٽ جيڪي به فائل ايندا هئا انهن جو معائنو عاليه بيگم وزيراعظم جي ڪمري ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي ڪندي هئي. عاليه بيگم جي ان محنت جو ڦل هن کي ان شڪل ۾ مليو ته هوءَ بوگرا سان شادي کان پوءِ پاڪستان جي خاتونِ اول بڻجي وئي. وزيراعظم هائوس جي پٽيوالي مجيد موجب بوگرا صاحب جي پهرين گهرواري بيگم حميده اڪثر ڪري هُن کي پاڻ وٽ ويهاري ڳالهيون ڪندي هئي. هوءَ اڪثر چوندي هئي ته اسان هن کي (يعني ٻي زال کي) نوڪرياڻي ڪري رکيو هو پر اڄ هن اسان سان ڇا ڪيو.!

Sep-30-2015    48

عاليه بيگم ۽ بوگرا جي ان عمل کي مقتدر حلقن جي عورتن طرفان سٺي نظر سان نه ڏٺو ويو. عورتن کي اهو خطرو هو ته بوگرا جي پيروي ڪندي جيڪڏهن ٻين مقتدر حضرات به هڪ کان وڌيڪ شاديون ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو ته سندن مستقبل جو ڇا ٿيندو؟ رافعه ذڪريا پنهنجي ڪتاب “The Upstairs Wife” جي صفحي نمبر 45 تي لکي ٿي ته:

“انهن عورتن اهڙن سمورين سرڪاري تقريبن جو بائيڪاٽ شروع ڪري ڇڏيو جن ۾ خاتونِ اول گهرايل هوندي هئي. انهن تقريبن ۾ غير ملڪي سفيرن جي اعزاز ۾ ڊنر، نيشنل يونيورسٽي جو افتتاح، پاڪستان سيڪريٽريٽ ۾ نئين شاخ جي شروعات ۽ اهڙين سمورين تقريبن ۾ نئين مس بوگرا جي موجودگي معنيٰ مقتدر عورتن ۽ سندن ڌيئرن جي غير حاضري هوندي هئي. اهي عورتون اشرافيه طرفان منعقد ٿيندڙ تقريبن جون ميزبان هونديون هيون ۽ انهن بلڪل صحيح اندازو لڳايو هو ته انهن کان سواءِ مرد جي حيثيت اهڙي موٽر ڪار جهڙي آهي جيڪا تيل ۽ گريس کان سواءِ هلي رهي هجي. انهن جي روايتي ڳالهه ٻولهه ۽ لطيفن دوران دٻيل دٻيل کل ڀوڳ مان ان ڳالهه جو اظهار ٿيندو هو ته جيڪڏهن هو مسٽر بوگرا جي ان غلط قدم کي تسليم ڪري وٺن ته اهو ڪنهن حد تائين محدود نه رهندو. هڪ کان وڌيڪ شادين خلاف سوشل بائيڪاٽ سندن ان سلسلي ۾ پهريون قدم هو.”

محمد علي بوگرا ۽ غلام محمد جي لاڳاپن ۾ ڇا بگاڙ پيدا ٿيو جو بوگرا صاحب جيڪو غلام محمد جي محبت ۾ ان جي موٽر ڪار جي پائليٽ ۽ انجڻ ڊرائيور تائين فخر سان فرض سرانجام ڏئي چڪو هو، ان کان زبردستي استعيفيٰ ورتي وئي؟ مرحوم فوجي آمر پاڻ هُرتو فيلڊ مارشل بقول شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي “بنا ڪنهن جنگ وڙهڻ جي” پنهنجي ڪتاب “Friends Not Masters” جي اردو ترجمي “جس رزق سے آتی ہو پرواز میں کوتاہی” جي صفحي نمبر 84 تي لکي ٿو ته:

“محمد علي بوگرا غلام محمد جي منظورِ نظر جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيو، جڏهن ان جا پير ٿورو ڄمي ويا ته هُن پاڻ کي گورنر جنرل جي ٻنڌڻن مان آزاد ڪرڻ چاهيو. ٻئي طرف فضل الرحمان، هاشم گزدر ۽ عبدالستار پيرزادي جهڙا ماڻهو هُن جا ڪن ڀري رهيا هئا ته ياد رک جيڪڏهن تو احتياط کان ڪم نه ورتو ته تنهنجو حشر به اهڙو ئي ٿيندو جهڙو تو کان اڳ تنهنجي هم منصب جو ٿي چڪو آهي. انهن جي خيال ۾ ان جو بس هڪ ئي علاج هو، اهو اِهو هو ته انڊين انڊپينڊنس ايڪٽ 1947 ۾ ترميم ڪري گورنر جنرل جا اختيار محدود ڪيا وڃن.”

پوءِ اڳتي هلي ايئن ئي ٿيو. وزيراعظم محمد علي بوگرا ۽ ان جي ساٿين هڪ منصوبو ترتيب ڏنو ته اسيمبلي جي اجلاس ۾ اهڙي قرارداد منظور ڪرائي وڃي. اهڙي حڪمت عملي هيٺ آئين ساز اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ قرارداد سمورن اسيمبلي ميمبرن جي ڊيسڪن تي آڌيءَ رات جو رکرائي وئي. قرارداد موجب انڊيا ايڪٽ جي شقن 9، 10، 10 الف، 10 ب ۽ 17 رد ڪيون ويون هيون. ان قرارداد جي منظوري ۾ لڳ ڀڳ 10 منٽن جو وقت لڳو، گهڻو ڪري ان روايت جي پيروي ڪندي پاڪستان جي 67 سالن جي تاريخ ۾ قراردادون ۽ قانون اسيمبلي ۾ ان تيزي سان منظور ٿيندا رهيا آهن. اهو گورنر جنرل غلام محمد لاءِ محمد علي بوگرا ۽ سندس ساٿين طرفان واضح اشارو هو ته هاڻي هو ايترو بااختيار ناهي رهيو جو پنهنجي آئيني اختيارن جي بنياد تي ڪنهن به حڪومت کي هڪ لمحي ۾ هٽائي سگهي. اها قرارداد منظور ٿيڻ کان پوءِ مطمئن ۽ خوش وزيراعظم محمد علي بوگرا، ايوب خان، سر ظفر الله خان ۽ چوڌري محمد علي سان گڏ آمريڪا جي دوري تي روانو ٿي ويو. کين آمريڪا کان سواءِ ڪيناڊا جو دورو به ڪرڻو هو. دوري دوران هن کي گورنر جنرل غلام محمد جو پيغام مليو ته هو ترت وطن واپس موٽي اچي. ان پيغام محمد علي بوگرا کي پريشان ڪري ڇڏيو. ايوب خان پنهنجي ڪتاب “Friends Not Masters” ۾ لکي ٿو ته:

“لنڊن ايئرپورٽ تي گورنر جنرل مون کي ٽيليفون تي گهرايو پر ان جي ڳالهه پهريان مون کي سمجهه ۾ نه آئي. مون ٽيليفون اسڪندر مرزا کي ڏئي ڇڏيو، مون کي بس اهو سمجهه ۾ آيو ته هو مونکي ترت پاڪستان گهرائڻ چاهي ٿو. هُن کي ٻين سان مطلب نه هو. وزيراعظم کي ان ڳالهه تي تمام گهڻي ڳڻتي هئي ته واپسي تي سندس حشر ڇا ٿيندو. مون وڏي مشڪل سان کيس سمجهائي پاڻ سان گڏ وطن هلڻ لاءِ تيار ڪري ورتو. رستي ۾ مون اسڪندر مرزا ۽ چوڌري محمد علي کي چيو ته ڪراچي پهچڻ شرط ئي وزيراعظم کي گورنر جنرل وٽ وٺي هلڻ مصلحت جي خلاف هوندو. اهڙو ٽاڪرو بدمزگي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. وزيراعظم پنهنجي بنگلي تي وڃي ۽ اسان جي اشاري جو انتظار ڪري.”

“محمد علي بوگرا ظاهري طور ته وڏي جرئت جو اظهار ڪيو پر منهنجو خيال آهي ته هو دل ۾ ڏاڍو خائف هو. هُن لنڊن مان پيغام موڪليو هو ته ڪراچي پهچڻ تي هُن لاءِ فوجي حفاظت جو انتظام ڪيو وڃي. اسڪندر مرزا، چوڌري محمد علي ۽ آئون (ايوب خان) اسان ٽيئي گورنر جنرل جي بنگلي تي پهتاسين، هو ڪاوڙ ۾ ڀريو پيو هو ۽ گارين جي رئي لائي ڏنائين، خاموش ٿيڻ جو نالو نه پئي ورتائين پر خوشقسمتي سان اهي گاريون ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه پئي آيون. چوڌري محمد علي جرئت ڪري ڪجهه چيو ان جي جواب ۾ کيس ڇنڊ پٽي ويئي. ان کان پوءِ اسڪندر مرزا ڪجهه ڳالهايو، ان کي به سخت جملا ٻڌڻا پيا. اسان هُن جي خدمت ۾ اها گذارش ڪرڻ چاهيون پيا ته توهان محمد علي کي هڪ موقعو ٻيو ڏيو، ان جي جواب ۾ هُن ڪاوڙ ۽ ڪروڌ مان چيو ته: “وڃو وڃو پري هليا وڃو.” سندس زبان مان بار بار “نه، نه” جا لفظ به نڪتا. هو بس اسان کي ڀڄائڻ پيو چاهي.”

“اسان هڪٻئي پٺيان سندس ڪمري مان نڪتاسين، اڳيان اڳيان اسڪندر مرزا، ان جي پٺيان محمد علي ۽ سڀ کان پٺيان آئون هيس. آئون اڃا ڪمري کان ٻاهر پير رکڻ وارو ئي هيس ته سندس نرس جيڪا سندس خدمت لاءِ مقرر هئي ان منهنجو ڪوٽ پڪڙي پاڻ ڏانهن ڇڪيو، مون پوئتي مڙي ڏٺو ته آئون هڪ بلڪل مختلف ماڻهو سان دوبدو هيس. هي اهو ئي اسان جو پوڙهو ۽ بيمار گورنر جنرل هو جيڪو ٿوري دير اڳ ۾ ڪاوڙ ۾ پاڳل ٿي رهيو هو هاڻي سندس منهن خوشي مان ٻهڪي رهيو هو، هو وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي رهيو هو. مون دل ۾ چيو: “توهان به وڏا حضرت آهيو!” هُن خاص خوشي جي چمڪ اکين ۾ آڻيندي مون کي اشارو ڪيو ته: “ويهي رهه.”

“ان کان پوءِ هن وهاڻي جي هيٺان 2 ڪاغذ ڪڍيا. انهن مان هڪ تي هن ريت لکيل هو: “آئون غلام محمد فلاڻن فلاڻن سببن جي ڪري فلاڻا فلاڻا اختيار جنرل ايوب خان کي سونپيان ٿو ۽ کيس حڪم ڪريان ٿو ته هو ٽن مهينن اندر آئين تيار ڪري.” مون ان ڪاغذ تي نظر وڌي ۽ دل ۾ چيو ته: “توهان کي خدا ئي سمجهي، گذريل اٺن ورهين کان ته توهان کي هوش نه آيو ۽ هاڻي چاهيو ٿا ته آئون ٽن مهينن ۾ آئين ٺاهي پيش ڪري ڇڏيان.”

“ٻئي ڪاغذ تي اهو لکيل هو ته: “مون اها آڇ قبول ڪري ورتي آهي.” کن پل لاءِ آئون انهن تاريخي دستاويزن کي پنهنجي هٿ ۾ مضبوطي سان جهلي رکيو. جيئن ئي مون انهن ڪاغذن تي نظر وڌي تيئن ئي منهنجي اندران آواز آيو ته: “نه، هرگز نه” مون هن کي چيو “توهان تڪڙ کان ڪم وٺي رهيا آهيو، اهڙي عمل سان ملڪ کي سخت نقصان پهچندو، آئون فوج جي تعمير ۾ رڌل آهيان.”

حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ايوب خان پنهنجي ڪتاب ۾ جابجا طور ان ڳالهه جو اظهار ڪيو آهي ته کيس گورنر جنرل جي ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي آئي پر جيڪي ڳالهيون سندس مقصد جون هونديون هيون اهي ڳالهيون هو سولائي سان سمجهي وٺندو هو. محمد علي بوگرا جي هُن گورنر جنرل سان ملاقات به ڪرائي پر ان ملاقات دوران ڇا ٿيو؟ ان حوالي سان سندس قلم خاموش آهي. ظاهر آهي خاموش رهڻ به گهرجي ڇو ته اِها هڪ اهڙي ڪڙي حقيقت آهي جيڪا سندس بيان کان ٻاهر آهي.

پير علي محمد راشدي جي ڪالمن جي ڪتاب “رودادِ چمن” جي صفحي نمبر 127 تي اهو واقعو مرحليوار بيان ڪيو ويو آهي؛

“ الف: 1954ع ۾ غلام محمد مرحوم ۽ بوگرا مرحوم جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو هو ۽ بوگرا مرحوم آمريڪا جي دوري تي هليو ويو هو ته غلام محمد ايوب خان کي آمريڪا تائين سندس پويان لڳائي ڇڏيو هو.”

“(ب) بوگرا مرحوم جي آمريڪا کان واپسي واري سفر ۾ ايوب خان ساڻس چنبڙيل رهيو ۽ ڪراچي لهندي ئي کيس ايئرپورٽ کان سڌو غلام محمد وٽ وٺي ويو.”

“(ج) جنهن وقت غلام محمد مرحوم پستول ڏيکاري بوگرا کان آئين ساز اسيمبلي ٽوڙائي رهيو هو ته ان وقت به (چوڌري محمد علي کان سواءِ) ايوب خان ان “محفل” ۾ موجود رهيو.”

“(د) غلام محمد آئين ساز اسيمبلي کي ٽوڙائڻ سان گڏ بوگرا مرحوم کان مرڪزي ڪابينا ۾ ايوب خان کي بچاءَ جو وزير مقرر ڪرايو. (گڏوگڏ هُن فوج جي ڪمانڊر ان چيف وارو عهدو به نه ڇڏيو هو).”

پاڪستان جي سياسي تاريخ جو جيڪڏهن غور سان مطالعو ڪيو وڃي ته هڪ ڳالهه بلڪل واضح نظر اچي ٿي ته اڪثر جمهوري حڪمران آمرن يا ڪامورا شاهي جي حمايت سان حڪومت ۾ آيا پر اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ جلد ئي کين ان ڳالهه جو اندازو ٿي پئي ويو ته هو آمرن جون فرمائشون پوريون نٿا ڪري سگهن. ان بنياد تي جڏهن هو آمرن جي هدايتن کي نظرانداز ڪندا هئا ته پوءِ کين بدعنوان، موقعي پرست ۽ ملڪ دشمن سڏيو ويندو هو ۽ سندن سياسي دور انهن جي برطرفي تي ختم ٿي ويندو هو. محمد علي بوگرا سان به شايد اهو ئي ٿيو ۽ ملڪ غلام محمد جا اختيار گهٽائڻ جي ڪوشش ۾ هو پنهنجي اختيارن تان به هٿ ڌوئي ويٺو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو