Home / اسپيشل افيئر / پير ايوب جان سرهندي – 5 مهينن ۾ 192 اڻهن جو مذهب تبديل ڪرائي چڪو! ماڻهن کي مسلمان ڪري چڪو
above article banner

پير ايوب جان سرهندي – 5 مهينن ۾ 192 اڻهن جو مذهب تبديل ڪرائي چڪو! ماڻهن کي مسلمان ڪري چڪو

Sameerميان مٺي کان پوءِ ڪراچيءَ کان سامارو ڏانهن رُخ ڪيوسين. سڄي سنڌ ۾ هندن کي اسلام قبول ڪرائڻ ۽ انهيءَ کان پوءِ انهن کي تحفظ ڏيڻ جي حوالي سان ٻه شخص تمام گهڻا مشهور آهن. هڪ ميان مٺو گهوٽڪي وارو ۽ ٻيو پير ايوب جان سرهندي عمرڪوٽ وارو – سرهندي سان ملڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي دوستن کي چيم پر ڪنهن به حامي نه ڀري، نيٺ ڪنهن دوست جي مهربانيءَ سان هن جو نمبر مليو. ڳالهه ٻولهه ٿي، وقت ڏيڻ جي حامي ڀريائين ۽ طئي ٿيل وقت جي مطابق سرهندي وٽ پهچي وياسين. ٽنڊوالهيار ڪراس ڪيوسين ته رستي ۾ هزارين راما پير جا پانڌيئڙا تتل اُس ۾ ٻارن ٻچن سميت پنڌ ويندي نظر آيا. پانڌيئڙن مان اڪثريت هيٺئين طبقي جي هندن جي هُئي. ڪيترائي رستي تي ويٺل پڻ نظر آيا. بيشمار هنڌن تي انهن لاءِ پاڻي ۽ ماني جو پڻ بندوبست ٿيل هو. ڪي خاندان رستي ويجهو وڻن جي ڇانوَ ۾ آرام ڪندي نظر آيا. سوَن جي تعداد ۾ واهن جي ڪپن تي پڻ نظر آيا. ڪيترن جي هٿن ۾ پاڻي جون بوتلون پڻ هيون، ڪن جي هٿن ۾ اڇا جهنڊا ۽ راما پير جا نعرا هڻندا تڪڙا تڪڙا هٿ لوڏيندا ويندي نظر آيا. ڪنهن ڪنهن جاءِ تي هو ڌمالون هڻندي پڻ نظر آيا.

اسان به ٿڌا پاڻي ۽ جوس پيئندي ايئرڪنڊيشن گاڏيءَ ۾ هنن جي عقيدت تي حيران ٿيندي پڇندي پڇندي گلزارِ خليلي پُهتاسين. سرهندي جي مُريدن کلي کيڪاريندي ٿڌي ڪمري ۾ ويهاريو. فون تي ايوب جان سرهندي ٻُڌايو هو ته سندس جوان موڀي پُٽ کي 41 ڏينهن اڳ نامعلوم ماڻهن ڳوٺ ۾ شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺ پهچڻ کان اڳ مختلف جاين تي خوبصورت جوان پير جواد جان سرهندي جا پينا فليڪس پڻ نظر آيا. سرهندي سان پهرين تعزيت ڪئيسين.

پڇيم ته جواد کي ڪنهن ۽ ڇو قتل ڪيو؟ چيائين ته پوليس جاچ ڪري پئي، اڃا تائين ڪا پڪي ثابتي ناهي ملي. “پر شايد هن جي شهادت جي پويان هندن جو هٿ آهي.” هن جي شڪ وڌيڪ حيران ڪيو. پڇيومانس ته اهو ڪيئن؟ هن ٻڌايو ته ڪجهه مهينا اڳ هن (ايوب جان سرهندي) تي الزام لڳو ته هن هڪ ڇهن سالن جي نينگر پوَن ڪمار کي اغوا ڪري زوري اسلام قبول ڪرايو آهي. پوَن ڪمار عمرڪوٽ جي 32 پنچائتن جي صدر ۽ راما پير جي گادي نشين رتن ڪمار جي پُٽ جو اڪيلو پٽ آهي. هُن هڪ نوجوان ڏانهن اشارو ڪندي ٻُڌايو ته هي ئي اهو پوَن ڪمار آهي جنهن کي ٽنڊوالهيار ۽ عمرڪوٽ جا هندو ڇهن سالن جو ٻار ٿا چون. ڪمري ۾ ويٺل نوجوان تي نظر پئي ته يقين ئي نه آيو ته هي ڪڏهن هندو پڻ هيو. ڀريل ڪاري ڏاڙهي ۽ اڇي پٽڪي سان هو اسان کي ڏسي مسڪرائي رهيو هو. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ هن جو نالو صمدان علي رکيو ويو هو.

“دين ۾ ڪا زبردستي ناهي” ايوب جان سرهندي جواب ڏنو. “آءٌ زبردستي مسلمان ڪري ڇا ڪندس؟ پوءِ هنن کي ڪٿي رکندس؟” هن سوال ڪيا. هن چيو ته ڪيئي خاندان هُن وٽ اچن ٿا. هن جي ڏيکاريل رجسٽر مطابق 2015ع ۾ جنوري کان سيپٽمبر تائين 192 مرد، عورتون ۽ ٻار مسلمان ٿي چُڪا آهن، جن جو تعلق مختلف شهرن جهڙوڪ عمرڪوٽ، بدين، ٽنڊوالهيار، سانگهڙ، ميرپورخاص، ٽنڊو محمد خان، ڄامشورو ۽ ڪراچي وغيره سان آهي. وڏي تعداد ۾ نوجوان ڇوڪرين جي هئي جن جون تصويرون پڻ رجسٽر تي لڳل هيون.

Sep-30-2015    28

“هندن ۾ طبقاتي نظام آهي ۽ انهيءَ اڻبرابري سبب هو مسلمان ٿين ٿا” هن جواز ٻُڌايو. هن ٻُڌايو ته “خاص طور هندو عورت سان وڏو ظلم ٿئي ٿو.” پڇيومانس ته ڪيئن؟ چيائين ته “نه فقط وڏي ذات وارا هندو بلڪه مسلمان زميندار به هن ظلم ۾ برابر جا شريڪ آهن، مسلمان زميندار نوجوان هندو ڇوڪرين کي عياشي طور استعمال ڪن ٿا. هن ٻڌايو.” چيائين ته “سوين زميندار مختلف ضلعن يعني عمرڪوٽ، ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار ۽ بدين ۾ اهڙيون غليظ حرڪتون ڪن ٿا، جن کي ڪو به ٻنجو ڏيڻ لاءِ تيار ناهي.”

ايوب جان سرهندي چيو ته هو پاڪستان جي نظرئي جو محافظ آهي، “اسان جي فوج مُلڪي سرحدن جي حفاظت ڪري ٿي ۽ اسان ملڪ جي اندر اسلامي نظرئي جي حفاظت جا ذميوار آهيون. هن رعبدار آواز ۾ چيو ته هو طالبان ۽ سندن نظريي جو انتهائي مخالف آهي. جيڪڏهن آمريڪا چاهي ٿو ته طالبان ذهنيت کي ختم ڪرڻو آهي ته هن کي اسان سان رابطو ڪرڻو پوندو.”

سرهندي مطابق عمرڪوٽ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جتي هندن جو وڏو انگ رهي ٿو اتي مختلف وقتن تي هندو-مسلم فساد ڪرائڻ جون ڪوششون پڻ ٿينديون رهيون آهن. هن جي ڳالهين ٻُڌڻ دوران ذهن ۾ خيال آهي ته اسان جيڪي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ويهي سيڪيولر سنڌ ۽ مُلا ذهنيت جي مخالفت ڪندا آهيون سي سڀ ڀُليل آهيون. اسان جو ڪم خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جيان لٿو پيو آهي. سنڌ جي ٻهراڙين خاص طور هيٺين سنڌ ۾ ايندڙ وقت ۾ وڏي رتوڇاڻ ٿي سگهي ٿي.

“هندو ته ازل کان مسلمانن جو دُشمن آهي” هڪ مريد جنهن جو تعلق ڪراچي جي گلشن اقبال واري علائقي سان هو، ڪچهري ۾ دخل اندازي ڪندي ڪاوڙ مان چيو.

سرهندي ٻڌايو ته هُن جي خاندان جو تعلق حضرت عمر فاروق جي سلسلي سان آهي. هن جي مطابق سنڌ ۾ هنن جي ستين پيڙهي جڏهن ته هن ڳوٺ ۾ پنجين پيڙهي آهي. هو سنڌ جي مختلف علائقن ۾ 150 مدرسا پڻ هلائي ٿو، جڏهن ته ڪيترائي ٻيا هن جا مُريد پاڻ پڻ هلائين ٿا. هڪ وڏو مدرسو هن جي ڳوٺ ۾ پڻ آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 200 ٻار/کُٿابي ديني تعليم حاصل ڪن ٿا. هڪ وڏي لائبريري پڻ اٿس جنهن ۾ انگريزي ڪتاب پڻ رکيل هُئا. “اسان چاهيون ٿا ته اسان جا ٻار انگريزي سکن ۽ ڪمپيوٽر جي تعليم پڻ حاصل ڪن” هن چيو.

ڇا توهان مذهب تبديل ڪرائڻ جو ٺيڪو کنيو آهي سائين؟ سخت سوال ڪيومانس. “ڇا توهان ٻين کان اهو سوال پڇو ٿا جيڪي عيسائي ۽ احمدي ڪن ٿا” هن ابتو مونکان سوال ڪري ورتو. “توهان ايئن ڇو ٿا ڪيو؟” وري پڇيومانس. “اسان زوري ڪُجهه نٿا ڪيون، جيڪو به دين ۾ داخل ٿيڻ چاهي ٿو ان کي اسان منع نه ڪنداسين” هن جواب ڏنو. هن چيو ته مڪمل معلومات کان پوءِ اسلام قبول ڪرايو وڃي ٿو ۽ پوءِ پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو وڃي ٿو.

ڪمري کان ٻاهر نڪتاسين ته هڪ وڏي ديوار تي 6 سيپٽمبر جي شهيد فوجين سميت جنرل راحيل شريف جو پڻ وڏو پينا فليڪس لڳل هيو. ڳوٺ جا ٻار ۽ نوجوانن جي جلسي مان لڳو ته اُهي هيٺئين طبقي جا مسلمان هئا. ڪي خوبصورت صاف سٿرا ۽ سٺي پوشاڪ پهريل ٻار پڻ نظر آيا جيڪي سرهندي جي خاندان مان هُئا.

پوَن ڪمار/صمدان علي

صمدان علي سان ڪُجهه دير ڪچهري ٿي. هن جي عقيدت جو اهو عالم هو ته هو جڏهن جڏهن گلزار خليلي ڳوٺ ۾ داخل ٿيندو آهي ته چپل ناهي پائيندو. “مُرشد جي پيرن تي منهنجي چپل اچي اهو مونکي منظور ناهي” هن احترام جو سبب ٻڌايو.

هن ٻڌايو ته سرهندي سان ملڻ کان تقريبن چار سال اڳ هو اسلامي تعليم/کٿابن کان متاثر ٿي پاڻمرادو اسلام قبول ڪري چُڪو هو. “گهر ۾ لڪي نماز پڻ پڙهندو هئس” هن چيو ته ايوب جان سرهندي سان ملڻ کان اڳ هن ٽنڊوالهيار شهر ۾ دعوت اسلامي وارن وٽ اسلام قبول ڪيو هو. “پر هنن مون کي سرٽيفڪيٽ ڏنو نه ئي وري حفاظت ڏيڻ لاءِ تيار هئا.” هن ٻڌايو ته ڪُجهه وقت کان پوءِ هن جي ملاقات سرهندي سان ٽنڊوالهيار ۾ هڪ مذهبي ميڙاڪي ۾ ٿي جتي هن جي شخصيت مان متاثر ٿي هن کي اسلام قبول ڪرڻ ۽ حفاظت ڏيڻ واري معاملي تي ذڪر ڪيو. “سائين ڳوٺ اچڻ لاءِ چيو. ڳوٺ آيس سڀ حقيقت سائين اڳيان رکيم، سائين هر قسم جي مدد جو يقين ڏياريو.” هن تفصيل سان ڳالهه ٻڌائي. هن چيو ته ٻئي چڪر گلزار خليلي ۾ اچڻ کان اڳ هن هڪ خط گهر ڇڏيو هو، جنهن ۾ لکيو هئائين ته هو اسلام قبول ڪرڻ وڃي پيو. “منهنجا مائٽ ۽ ٻيا هندو سائين تي ڪوڙو الزام ٿا هڻن. مون خوشي سان اسلام قبول ڪيو آهي، منهنجي اسلام قبول ڪرڻ مان هندو پنچائت خوش ناهي ۽ هنن ئي پير جواد جان کي شهيد ڪرايو آهي.” هن الزام هنيو.

صمدان علي سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ڪيس پڻ کٽي چڪو آهي. عدالت جي حڪم هيٺ هن کي پوليس جو تحفظ پڻ مليل آهي. هو هن وقت ٽنڊوالهيار شهر ۾ هڪ مدرسي ۾ رهي ٿو. ڪاليج اچڻ وڃڻ وقت پڻ پوليس هن کي حفاظت ڏي ٿي.

“مون پنهنجي والدين کي ڇڏيو ناهي، پڙهائي ختم ڪرڻ کان پوءِ نوڪري ڪندس ۽ پنهنجي ڪمائي پڻ مائٽن کي ڏيندس” هن ٻڌايو. صمدان مطابق هن جي جان کي پڻ خطرو آهي.

اڃا ڳوٺ ۾ هئاسين ته هڪ 16-15 سالن جو ڇوڪرو سرهندي وٽ آيو. چيائين ته هو اسلام قبول ڪرڻ چاهي ٿو. چيائين ته هن جو نالو تيرٿ آهي ۽ سندس تعلق ڪنري سان آهي. اسلام مان متاثر ٿيڻ جو هن وٽ ڪو واضح جواز ته نه هو صرف ايترو چيائين ته اسلام قبول ڪرڻ چاهي ٿو.

واپسي ۾ لڳل وڏن وڏن پينا فليڪسن تي غور ڪيم ته سنڌ اسيمبلي جي موجوده ميمبر ۽ شاعر سردار شاهه جا پڻ فوٽو لڳل هئا. لاڙ جي هن پاسي هندن جو وڏو تعداد رهي ٿو، جيڪي نه صرف اصلوڪا ڌرتي ڌڻي آهن پر انتهائي ڪسمپرسي واري زندگي پڻ گذاري رهيا آهن. مذهبي جنونيت ۽ رياستي سرپرستي هيٺ هلندڙ هنن مدرسن مان سنڌ جي ڪلچر کي وڏو خطرو لاڳو ٿي چڪو آهي. انهيءَ سڄي ماحول کي خراب ڪرڻ ۾ اُهي ڌريون پڻ ملوث آهن جيڪي هن بيماري جي علاج ڪرڻ بجاءِ هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ هڪ وڏي وٿي پيدا ڪري رهيا آهن. هن علائقي ۾ گذريل ڪُجهه سالن کان مذهب تبديل ڪرڻ وارو معاملو ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي، جنهن ۾ رياستي ڪردار انتهائي مشڪوڪ آهي.

سنڌي سول سوسائٽي ۽ هندو سياستدان صرف پنهنجي مفادن آڌار معاملي کي وڌيڪ خراب ڪري رهيا آهن. ايتري سنجيده معاملي ۾ رياست مُلن سان بيٺل نظر اچي ٿي جيڪا اڃا به وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه آهي.

مذهب تبديل ڪرڻ واري مامري تي جيستائين ڪا قانون سازي نه ٿيندي تيستائين اهو معاملو حل نه ٿيندو. باقي سنگت سکڻيون رڙيون ڪري رڳو “پراجيڪٽ” ئي وٺي سگهي ٿي ٻيو ڪجهه به نٿي ڪري سگهي. معاملو ڳنڀير آهي ۽ سنجيدگي جي ضرورت آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو