Home / ڪور افيئر / پ پ جو متبادل ڇا ٿي سگهي ٿو؟
above article banner

پ پ جو متبادل ڇا ٿي سگهي ٿو؟

انٽرنيٽ دنيا کي دٻلي ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ اڳيئي ننڍڙو ملڪ هو جنهن ۾ فاصلا ايڏا وڏا نه هئا پر اچ وڃ جي وسيلن جي کوٽ جي ڪري ماڻهن جو ميل ميلاپ دير دير سان ٿيندو هو. هاڻي موبائل فون جون گهنٽيون جهرن جهنگن ۾ چڙن جيان پيون وڄن. هڪ وڏي خلق سوشل ميڊيا حوالي آهي ته هاڻي وڏيرن جا فوٽو ڇاپيندڙ روايتي اخبارن تان رش گهٽجندي پئي وڃي. سياست، ادب، فن، خاص ڪري راڳ جي لحاظ کان ماڻهن جي ٽيسٽ جيڪڏهن سڌرندي نه پئي وڃي تڏهن به بدلجندي ضرور وڃي پئي. ڇڪي تاڻي ان ماجرا کي ”تنقيدي شعور“ جي کاتي ۾ ئي وجهبو. پر سوال آهي ته سنڌ ڪجهه نئون ڇا create ڪري پئي؟ سنڌ ۾ سوچ جي تبديليءَ جي رفتار ۽ ڪوالٽي ڇا آهي ۽ ان جو ڪنهن سياسي، ثقافتي، سماجي ۽ اقتصادي تبديليءَ جي شڪل وٺڻ جو ڪو امڪان آهي يا نه؟

ظاهر آهي ته سنڌ جي مسئلن جي چاٻي سياست وٽ آهي ۽ سياست هن وقت واهيات وڏيرن وٽ. پر تيزيءَ سان بدلجندڙ صورتحال ۾ اهي به هاڻي ڪياڙي کنهي رهيا آهن جو پيپلز پارٽيءَ جي ملازم پارٽيءَ کي هيڏين خدمتن جي باوجود جهان جي آقائن في الحال ڄڻ ته سسپينڊ ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ان صورت ۾ وڏيرا ڪنهن سگنل جي انتظار ۾ نئين سفر لاءِ سنبريا بيٺا آهن. لائين ملندي ته لائين لڳي ويندي.

جيئن ٿيندو آيو آهي، پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ ملڪ جي سڀ کان اعلي عهديدار ڏانهن ڏسي رهي آهي جنهن جي ايندڙ سال هن ئي مهيني ۾ ريٽائرڊ ٿيڻ سان هن لاءِ وري ڪو چانس پيدا ٿي سگهي ٿو. وڏيرا ٻڏتر ۾ آهن ۽ صورتحال تي تجزئي نگارن کان به وڌيڪ گهري نظر رکيو ويٺا آهن. ڏٺو ويو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن خواهش باوجود به هو تڙ تڪڙ ۾ ٻين پارٽين ۾ ان ڪري به شامل نه ٿي سگهندا آهن جو سندن مخالف، تر جو ٻيو کڙپيل وڏيرو اڳ ئي ان پارٽيءَ ۾ ڦڻ ڪڍيو ويٺو هوندو آهي.

بلوچستان ۾ علمي تشريحن کان پاسو ڪندي اسٽينڊرڊ سماجي درجي بندي اها ڪئي وئي آهي ته پرڳڻي اندر ملازم ۽ پگهاردار لڏي کي ”مڊل ڪلاس“ سمجهيو ۽ سڏيو ويندو آهي جو انهن کي ڇڏي ٻيا يا ته سردار ۽ مير معتبر آهن يا وري ٻڪريون چاري رهيا آهن. هن مڊل ڪلاس ۾ ماستر کان ويندي محڪمي جي ڊائريڪٽر تائين سڀ شامل آهن. هي اهو گروپ آهي جيڪو اتي سياسي سوچ کي گس ڏيندو آهي يا ٻين لفظن ۾ سياسي ”سوچ سازي“ ڪندو آهي.

September 15 , 2015 (18)

ان ريت سنڌ ۾ خاص طور ٻهراڙيءَ واري سنڌ ۾ مڊل ڪلاس جي composition ڇا آهي؟ اسان جي سنڌي اخبار جي تشريح مطابق سنڌ جو مڊل ڪلاس وڏيري کان شروع ٿي ڪرپٽ ڪاموري تي ختم ٿئي ٿو ۽ ان ڪلاس ۾ اهو سکيو سهنجو ننڍو زميندار ڪونه ٿو اچي جيڪو لوڪل وڏيري جي نيٽ ورڪ جو حصو آهي ۽ جنهن جي مدد سان وڏيرو، وڏيرو ٿئي ٿو. هن ننڍي زميندار وٽ سڀڪجهه هوندو پر شگر ملن جي انڊنٽ، ننڍين نوڪرين جي آسرن ۽ ٻين لوڪل مجبورين جي ڪري هو دبنگ وڏيري جي مرضيِءَ واري سياست جي ابتڙ نه وڃي سگهندو آهي.جيڪڏهن ڏسجي ته هي هڪڙي قابل رحم قسم جي شيءَ ۽ مظلوم مخلوق آهي. هي سماجي درجي بندي جي لحاظ کان سڀ کان اهم آهي جو هي ٻهراڙيءَ جي سنڌ جي سڀ کان پريڪٽيڪل ماڻهن جو گروپ آهي، عام طرح پڙهيل ڳڙهيل به آهي، رابطي جي وسيلن کي استعمال ڪندڙ ۽ متحرڪ هجڻ سان گڏوگڏ وٽس لوڪل وڏيرڪين سپر طاقتن جو تقابلي جائزو به موجود آهي ۽ انهن جي خامين کان به واقف آهي.

جيڪڏهن هي مظلوم مخلوق هٿ ڪڍي وڃي ته دبنگ وڏيري جي لوڪل سياست جي ديڳڙي اونڌي ٿي سگهي ٿي ۽ ان ديڳڙيءَ جي اونڌي ٿيڻ سان ان وڏيري جي پارٽيءَ جو دسترخوان به خالي ٿي سگهي ٿي. پر هي سکيو سهنجو، ڏاهو پر مجبور انسان پاور پاليٽڪس جي ڌنڌوڙي پارٽين کان ٻاهر سوچڻ جو رسڪ وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هن جي سموري جدوجهد دبنگ وڏيري کي ”سائين سائين“ ڪري پنهنجي ماڻهن جا ڪم وٺڻ، ٻين ڪامپيٽيٽر ننڍن زميندارن کي پاسي ڪري سائينءَ کي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي اثر رسوخ کي وڌائڻ تائين محدود آهي. هن جو آخري نصب العين اهو هوندو آهي ته قدرت جي ڪرڻيءَ سان سائين جيڪڏهن جاءِ خالي ڪئي ته ٿي سگهي ٿو ته اهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي جو هو پاڻ سائين بڻجي وڃي. هن قسم جي سکين، سهنجن، ڏاهن پر مجبور انسانن کي توهان ڏسندا ته ڪڏهن ڪڏهن اليڪشن مهل اهي سرپرائيز ڏيندي مرڳو سائينءَ واري سيٽ تي فارم ڀرايو قسمت آزمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا آهن. اها حرڪت انهن کان تڏهن سرزد ٿيندي آهي جڏهن هنن جو ambition جهل نه ڏيندو آهي. ان جو مطلب ته هن مخلوق ۾ ڪجهه نئون ڪرڻ جو potential ۽ خواهش موجود آهي جنهن کي رستو ڏيکارڻ سان ڪڏهن ڪڏهن اڻ ٿيڻيون به ٿي سگهن ٿيون.

جيڪڏهن ڏسجي ته اسان جو هي ٻهراڙيءَ جو مڊل ڪلاس جن جي پٺيان هلندو رهيو آهي، تن سندس تربيت ئي اها ڪئي آهي ته نظرياتي ڪمٽمينٽ ڪا شيءِ ڪانه ٿيندي آهي. شيخ اياز چواڻي وڏيرو ”هِل“ آهي ۽ اها سرڻ واري نفسيات هن ٻهراڙيءَ جي مڊل ڪلاس ۾ به منتقل ڪندو رهي ٿو. مٿان وري نظرياتي سياست ڪندڙن جا افعال اهڙا رهيا آهن جو هو اهڙي سياست کان جيڪڏهن پاسيرو رهڻ کي ترجيح ڏئي ٿو ته ڪو غلط ڪونه ٿو ڪري پر هيءُ ئي اهو گروپ آهي جيڪو اسان جي اميد بڻجي سگهي ٿو ڇو ته هن کان هيٺيان سماجي گروپ بي وس، لاچار ۽ بي همت آهن ۽ هن کان مٿيان وارو گروپ مڪمل ريت حرام خور آهي. راند جي موجوده اصولن موجب اسان جو هي محبوب گروپ پيپلز پارٽيءَ، فنڪشنل ليگ، مندائتي نواز ليگ يا آزاد ويڪائو وڏيرن جي گروهن ۾ ورهايل آهي ۽ سياست جي ان خاص ڪلب کان ٻاهر في الحال هن جي دلچسپيءَ جي ڪا شيءِ ڪونهي جو ڪلب کان ٻاهر ڪنهن وٽ به پاور تائين پڄائڻ واري ڏاڪڻ موجود ڪانهي.

هن گروپ کي متبادل پاور ۾ ڪشش ڏيارڻ جي ضرورت آهي. متبادل پاور جيڪو عوام ۾ پاپولر ۽ عزت لائق بڻجي حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن کي سمجهائڻ جي ضرورت آهي ته ڪڏهن ڪڏهن Influence ايڏو طاقتور بڻجي ويندو آهي جو Power کي به شڪست ڏيئي سگهندو آهي. متان وساريو ته هي اهو گروپ آهي جيڪو ڪالاباغ ڊيم جي جدوجهد ۾ اڳيان اڳيان هو. جيئن اڳ به لکي آيو آهيان ته هي هڪ نهايت متحرڪ گروپ آهي، عام طرح پڙهيل ڳڙهيل به آهي، هن گروپ جو ميمبر سال ٻئي سال دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ مان چڪر به هڻي اچي ٿو ۽ سنڌ جي صحافين، ليکڪن، گائيڪن ۽ سول سوسائٽي وارن سان اٿڻ ويهڻ پسند ڪري ٿو. هن گروپ جي ميمبر کي سنڌ جو ڪيس سمجهائڻ لاءِ ڪنهن کي ڪا وڏي مٿا ڪُٽ ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي.

مختصر اهو ته جيئن ته اسان جي اميدن جو مرڪز هي گروپ سنڌ جي سڄڻپائي چاهڻ جي باوجود اسان جي ڪرپٽ انقلابي ۽ نظرياتي لڏي کي ويجهو نٿو وڃڻ چاهي ۽ جنهن پارٽيءَ ۾ هو هن وقت شامل آهي تنهن مان سنڌ لاءِ ڪنهن چـڱائيءَ جي اميد ڪانه ٿي رکي سگهجي، تنهن ڪري سنڌ تي اسٽيٽس ڪو ڇانيل آهي.

جيڪڏهن ڏسجي ته هن باخبر ۽ متحرڪ گروپ ۾ به هن وقت بي چيني ڇانيل آهي جو پيپلزپارٽي پنهنجي روحاني ايڊز جي ڪري لاعلاج ٿي پساهه پورا ڪري رهي آهي. هي اسان جي سوچڻ جو سوال آهي ته ان بدلجندڙ صورتحال ۾ هن گروپ جو مستقبل ڇا هوندو؟ هن گروپ جي ميمبرن کي به شايد اهو احساس هجي، ته مرهيات پيپلز پارٽيءَ جو لاڏاڻو لوڪل دبنگ وڏيري جي نيٽ ورڪ کي ڇڏي ڪا ”اپڻي گهوٽڻ“ جو به بهترين وقت ٿي سگهي ٿو.

ان ڪري ڇا هي بهترين وقت ڪونهي ڪنهن سوچيندڙ توپ(Think Tank) ٺاهڻ جو جيڪا پوسٽ پيپلز پارٽي سياست جي امڪاني منظرنامي ۾ ٻهراڙيءَ جي هن مڊل ڪلاس جي ڪائونسلنگ ڪرڻ لاءِ ڊائلاگ جي شروعات ڪري. هن کي ڪيريئر ڪائونسلنگ جي ضرورت آهي ته پيپلز پارٽيءَ جو ڪو بهتر متبادل ڇا ٿي سگهي ٿو. ان کان اڳي جو اها ڪيريئر ڪائونسلنگ به تر جو دبنگ وڏيرو ڪري (جو هن ته گهڻو اڳي ان تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو هوندو) اهي، جن کي سنڌي اخبارون ”سڄاڻ“ ماڻهو سڏين ٿيون، سي بسم الله ڪري ڪو ڪارائتو ٿنڪ ٽينڪ ٺاهين. هي ٿنڪ ٽينڪ مرهيات پيپلز پارٽيءَ جي اعمالن ۽ افعالن جو بنا ملاوٽ جي دستاويز ٺاهي جيڪو ماڻهن کي ايجوڪيٽ ڪرڻ ۾ ڪم ڏئي ۽ “وقت ضرورت ڪم اچي.” پر ان ڪم ۾ ڪميونيڪيشن جي هنر کي استعمال ڪري ننڍيون ۽ مختصر پراڊڪٽس به تيار ڪجن. مثال طور مرهيات جون ڏهه ڪمزوريون، مرهيات جا ڏهه چـڱا ڪم، مرهيات جا ڏهه نه معاف ڪرڻ جهڙا ڏوهه، مرهيات جون سنڌ جي سياست ۾ پيدا ڪيل ۽ پکيڙيل ڏهه وچڙندڙ بيماريون، مرهيات جون ڏهه وڏيون ويساهه گهاتيون، مرهيات پاران غلام سنڌي ماڻهن کان وصول ڪيل قرض. آخري عنوان جي لحاظ کان مرهيات صفا آءِ ايم ايف جي اولاد مان معلوم ٿئي ٿي.

۽ تجويز ڪيل ٿنڪ ٽينڪ مهرباني ڪري پنهنجي توپ فائر ڪرڻ لاءِ روايتي طريقا استعمال نه ڪري. جيڪڏهن ادبي جلسا ڪري اهڙو ڪم ڪيو ويو ته پوءِ ماڻهو مرهيات جي خلاف ان کي پروپيگينڊا سمجهندا. هونئن به مُئي کان پوءِ سنڌ ۾ مرهيات جي باري ۾ سچ ڳالهائڻ جو ڪو رواج ڪونهي، مرڳو بنا ليکو ڪرڻ جي مرهيات جا سڀ ڏوهه معاف ڪيا ويندا آهن. سو ليکو ڪرڻ جو رواج وجهجي پر ادبي جلسن وسيلي نه. ان لاءِ ٻين تخليقي طريقن سان گڏوگڏ متبادل ميڊيا کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪا اسپيڊ سان ڪم ڪري ٿي، ماڻهن کي پنهنجو ذهن لڙائي آئيڊياز کي پرکي پوءِ اختيار ڪرڻ جي عادت وجهي ٿي ۽ جنهن جون گهنٽيون، جيئن شروع ۾ لکيو ويو آهي، جهرن جهنگن ۾ وڄي رهيون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو