Home / اسپيشل افيئر / ٿاڻو بولا خان: اڪيلائپ جو شڪار شھر يا مذھبي رواداري ۽ امن جو اُھڃاڻ مذھبي رواداري ۽ امن جو اُھڃاڻ
above article banner

ٿاڻو بولا خان: اڪيلائپ جو شڪار شھر يا مذھبي رواداري ۽ امن جو اُھڃاڻ مذھبي رواداري ۽ امن جو اُھڃاڻ

Naseer Ejazٿاڻو بُولا خان منھنجي لاءِ سدائين اسرارن سان ڀريل رھيو آھي ـ پھريون ڀيرو ٿاڻي بُولا خان ۽ ڪرچاٽ، کار، ٿاڻي احمد خان، ٿاڻي عارب خان توڙي ڀرپاسي جي ٻين محال ڪوھستان جي وسندين جو نالو مون 1970 ۾ ٻُڌو جڏھن ملڪ جون پھريون عام چونڊون ٿيون ـ اسان حيدرآباد ۾ رھندا ھئاسين ـ منھنجو وڏو ڀاءُ (مرحوم) تن ڏينھن ۾ ڪوٽڙيءَ جي ھاءِ اسڪول ۾ ٽيچر ھو ۽ سندس ڊيوٽي ڪرچاٽ جي پولنگ اسٽيشن تي لڳي ھئي ـ کيس ٻه ٽي ڏينھن ڪرچاٽ ۾ رھڻو پيو ھو ۽ موٽڻ تي کيرٿر جبل جي سونھن، سانت ۽ جھنگلي جيوت جا جيڪي احوال ڏنائين تن منھنجي من ۾ اھو علائقو گھمڻ جو چاھه پيدا ڪري وڌو ـ اھو چاھه 1975 ۾ اڃا وڌي ويو جڏھن آبپاشي کاتي ۾ ھڪ سال نوڪريءَ دوران دائُو ۽ دَروَت ڊيمن وارو فائيل پڙھڻ جو موقعو مليو ـ مان حيران ھئس ته سنڌ جي انھيءَ ھنڌ ٻن ڊيمن ٺاھڻ لاءِ قدرتي طور سھولت موجود ھئي ـ برساتي پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ اِتي صرف بند ٻڌڻا ھئا ـ ڊيم ٺاھڻ لاءِ اھي موزون جايون انگريزن ڳولي لڌيون ھيون پر افسوس جو پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ اھي رٿائون فائيلن ۾ بند ٿي ويون ھيون ـ

سال 1976 کان ڪراچيءَ ۾ نوڪري ڪندي سُپر ھاءِ وي تان ڪيل ھر سفر ۾ منھنجي اک اولھه ۾ ڌُنڌلن پاڇولن جيان پکڙيل جبلن ۾ اٽڪيل رھندي ھئي ـ سوچيندو ھئس ته انھن ئي جبلن جي اُتانھين تي ڪٿي ٿاڻو بوُلا خان آھي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪٿي دائو ۽ دروت ڊيمن وارا ھنڌ ھوندا ۽ اڳتي وڃبو ته ڪرچاٽ ايندو جتي ستر واري ڏھاڪي تائين چيتن جي ھجڻ جا پار به ملندا ھئا ـ اڳتي ھلي ٿاڻي ويندڙ رستي جي مُنڍ وٽ محراب ٺھيو ته ٿاڻي ويندڙ دڳ جي ڄاڻ ته پئجي وئي پر مان ٿاڻي ۾ رھندڙ ڪن دوستن جي زور ڀرڻ باوجود اھو محراب ڪڏھن ٽپي نه سگھيس ـ ٿاڻي ۾ منھنجا سمورا واقفڪار ھندو ھئا ۽ اھا به ڄاڻ ھئي ته اھا برادري ھتي وڏي تعداد ۾ آباد آھي ـ 1990 واري ڏھاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ ڪاڪي دولت مھتاڻيءَ سان ڪچھري ٿي ته سندس ڳالھين منھنجي ذھن تي اھڙو اثر وڌو جو مون خيالن ۾ ئي ٿاڻي بولا خان جو ھڪ خاڪو ٺاھي ڇڏيو جنھن ۾ پراڻيون تاريخي جايون، وڻن جا جھڳٽا ۽ انھن جي وچ ۾ محل جھڙي ھڪ عمارت جنھن ۾ بس پکيئڙن جو ديرو ھو ـ “اسان جي وڏڙن جي ٺھرايل حويلي ورھين کان خالي پئي آھي ـ تر جي با اثر ماڻھن مون کان اھا حويلي گھري پر اھو چئي انڪار ڪيم ته توھان شڪاري آھيو، ۽ مان پکيئڙن جا گھر اُجاڙي عمارت توھان کي نه ڏيندس،” دولت مھتاڻيءَ، جنھن جا وڏا جبرالٽر ۾ واپاري ھئا ۽ انھيءَ نسبت سان ھو پاڻ به ڪراچيءَ ۾ عبدالله ھارون روڊ تي راڪ ڪورٽ نالي سان وڏي بلڊنگ ۽ ٻين ڪاروبارن جو مالڪ ھو، 1993 ۾ مونکي ٻڌايو ھو ـ سندس چوڻ ھو ته ھن سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن کي آڇ ڪئي ھئي ته ان حويليءَ ۾ ڪو وڏو تعليمي ادارو قائم ڪن پر ھنن ڪا دلچسپي ڪانه ڏيکاري ـ

Sep-30-2015    32

ٻه ٽي ورھيه اڳ ھڪ واقفڪار ڊاڪٽر جي پوسٽنگ پھرين ٿاڻي احمد خان ۽ پوءِ ٿاڻي بولا خان ۾ ٿي ته ھر مھيني موڪل تي ڪراچيءَ اچڻ تي ساڻس ان علائقي بابت ڪچھري ڪندو ھئس ـ منھنجا سوال ڪھڙا ھوندا ھئا : سواري ڪھڙي ويندي آھي، ڪا بدامني ته ناھي، پنڌ پيچرا ڪيئن آھن، پھچڻ ۾ ڪيترو وقت لڳي ٿو، ماڻھو ۽ ماحول ڪيئن آھن وغيره ؟ حقيقت ھيءَ آھي ته ايترو عرصو گذرڻ کانپوءِ به ٿاڻي بولا خان نه وڃي سگھڻ جو ڪارڻ بدامنيءَ جو انديشو ۽ ٻيو مناسب سواري نه ھجڻ ھو ـ سواري ھئي به ته اڪيلو وڃڻ جي ھمت ڪانه ھئي ـ نيٺ 2 سيپٽمبر 2015 تي مون کي محال ڪوھستان جي ان علائقي ۾ وڃڻ جو موقعو ملي ويو جڏھن ھڪ ٻه ڏينھن اڳ دوست قمرالزمان راڄپر فون تي دعوت ڏيندي چيو ته ڪجھه دوستن شھري زندگيءَ کان پري ٿاڻي بولا خان ۾ سندس جنم ڏينھن ملھائڻ جو پروگرام رٿيو آھي ـ “بنا ڪنھن ڊپ جي ھليو اچجانءِ ۽ رات جو جنھن مھل به دل چوئي ته ڪراچيءَ لاءِ نڪري پئجانءِ ـ ان سموري علائقي ۾ زيرو ڪرائيم آھي،” ھن وڏي ڀروسي سان چيو ھو ۽ سچ ته ان ڳالھه مونکي ھمت ڏني ـ مون به ھڪدم پنھنجي دوست ھمسفر گاڏھي کي گڏجي ھلڻ لاءِ تيار ڪري ورتو ـ زيرو ڪرائيم واري دعوى حيران ڪندڙ ھئي ڇوته ھيل تائين تاثر ھو ته قبائلي ماحول ۽ سرداري نظام ۾ اھو علائقو No Go Area ھوندو، پر اھو به سوچيندو ھئس ته جيڪڏھن اھڙو ماحول آھي ته سنڌي ھندو ڪميونٽي صدين کان اتي ڪيئن آباد آھي ـ جڏھن سنڌ جي ٻين علائقن مان سنڌي ھندو زيادتين جي ڪري لڏپلاڻ ڪندا رھيا آھن ته ھتي ڪھڙي ڪارڻ پاڻ کي محفوظ سمجھن ٿا ـ انھن سوالن جا جواب مونکي ٿاڻي بولا خان پھچڻ تي ملي ويا ـ

اسان منجھند ڌاري ٿاڻي لاءِ نڪري پياسين ته جيئن ڏينھن جي روشنيءَ ۾ نه رُڳو اڻ ڏٺل علائقي ۾ پھچي وڃون پر اُتي ڪي تاريخي جايون ۽ خاص طور دولت مھتاڻيءَ واري حويلي به گھمي وٺون ـ ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندي 35 کن ڪلوميٽر اورتي اولھه پاسي محراب پار ڪري اسان وَروَڪڙ روڊ تي ھلڻ لڳاسين جيڪو اسان کي 18 ڪلوميٽر پري ٽڪر تي وٺي ٿي ويو ـ سمورو رستو پڪو روڊ ھو جيڪو صرف ھڪ ٻن ھنڌن تي ڪجھه ڀڳل ھو ـ ٿاڻي بولا خان شھر کان ھڪ ڏيڍ ڪلوميٽر کن ٻاھران ئي اسان کي شري گُرو منگل مندر ۽ آشرم جو بورڊ ڏسڻ ۾ آيو، جنھن کانپوءِ اڳتي وڌياسين ته مئجسٽريٽ ۽ ٻين آفيسرن جون آفيسون ۽ بنگلا نظر آيا جيڪي ھن شھر کي تعلقي ھيڊڪوارٽر جي حيثيت ملڻ کانپوءِ جا ٺھيل ھئا ـ پر سٺي ڳالھه اھا لڳي ته شھر جي حد ۾ گھڙڻ مھل صاف ۽ سُٺي ٺھيل رستي تان ھلڻو پيو جنھن جي مُھڙ وٽ ھڪ محراب “بابِ ملڪ سڪندر” ھر ايندڙ کي ڀليڪار چئي رھيو ھو. جڏھن ته روڊ جي ٻنھي پاسن کان ويڪري فوٽ پاٿ تي پٿر جون بينچون لڳل ھيون ته جيئن ڪوبه ماڻھو وندر خاطر اتي اچي ويھي سگھي ـ ڪنھن به شھر بابت چڱو يا خراب تاثر اُن ۾ داخل ٿيڻ وارن رستن يا لنگهه جي حالت مان جُڙندو آھي ـ سنڌ جي ٻين شھرن جي حالت بدتر آھي ۽ انھن ڪڏھن چڱو تاثر نه ڇڏيو، پر ھتي اچي دل خوش ٿي وئي ـ انھيءَ محراب وٽان ھڪ روڊ اُتر ۾ مُڙي ٿي ويو جيڪو 10 ڪلوميٽر پري ٿاڻي احمد خان وڃڻ لاءِ باءِ پاس ھو ـ اُتان کان 73 ڪلوميٽر پري ڪرچاٽ ھو ۽ کار جا علائقا ھئا جيڪي محال ڪوھستان جي ھزارين ايڪڙن ۾ پکڙيل نيشنل کيرٿر پارڪ جي حدن ۾ اچي وڃن ٿا ـ شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي حڪومت ۾ 1974 ۾ ان پارڪ کي عالمي مڃتا ڏني وئي ھئي ته جيئن جابلو ٻڪرن Ibex ۽ ٻي ناياب جھنگلي جيوت کي تحفظ ملي سگھي.

Sep-30-2015    33

اسان شھر جي وچ مان مکيه رستي جي ٻنھي پاسي وڏا جديد طرز جا ٺھيل بنگلا ڏسندي پنھنجي ميزبان رميش گُپتا جي گھر گُپتا ھائوس جو ڏس پڇندي وڃي رھيا ھئاسين ته ڪجھه زائفائن تي نظر پئي جن مان ھڪ کي چڱا خاصا سونا زيور پاتل ھئا ۽ اھي بي فڪريءَ سان وڃي رھيون ھيون ـ ھمسفر ھڪدم اھا ڳالھه نوٽ ڪندي چيو ھو : “ڪراچيءَ ۾ ڪا زائفان سونا زيور پائي گھر کان ٻاھر نڪرڻ جو سوچي به نٿي سگھي ـ لڳي ٿو ھتي واقعي زيرو ڪرائيم آھي ـ” اسان گُپتا ھائوس تي قمر راڄپر، ڊاڪٽر بدر چنا ۽ ٻين دوستن سان ملي ھڪ مقامي نوجوان کي ساڻ کڻي شھر ۽ خاص طور تاريخي جايون ڏسڻ نڪري پيا سين ـ پر ھن کان به اسان پھريون سوال اھو ئي ڪيو ته ھتي امن امان جي صورتحال ڪيئن آھي، چوريون، ڌاڙا، مارا ماري وغيره ٿين ٿا يا نه؟ “ماڻھن جا پنھنجي گھرن تي چوڪيدار رکيل آھن، پر سواءِ ڪنھن معمولي چوريءَ جي ٻي ڪا واردات ڪانه ٿئي ـ انھن چورين ۾ به ڪو چرسي موالي ملوث ھوندو آھي،” سندس جواب ھو ـ اسان کي جڏھن شھر جي وچ ۾ پوليس ٿاڻو نظر آيو ته وري سوال ڪرڻ لڳاسين ـ “اھڙا ڪي خاص ڪيس ته ڪونه ھوندا آھن، باقي ماڻھن جا ذاتي تڪرار ملڪ (اسد سڪندر) پاڻ حل ڪرائي ڇڏيندو آھي،” ھن ٻڌايو ـ

مونکي ھورا کورا ھئي ڪاڪي دولت مھتاڻيءَ جي پراڻي حويلي ڏسڻ جي، پر جنھن کان پُڇون ته ھرڪو وائڙو ٿي لاعلمي پيو ڏيکاري ـ ڪن ماڻھن ٻڌايو ته ھڪ حويلي داداڀائيءَ وارن جي ھئي باقي دولت مھتاڻيءَ جي خبر ناھي ـ نيٺ داداڀائيءَ واري حويليءَ تي پھتاسين ته اُتي موجود ھڪ شخص تصديق ڪئي ته اھا حويلي اصل دولت مھتاڻيءَ وارن جي ھئي جنھن تي ھڪ بااثر ماڻھوءَ قبضو ڪري ورتو ھو پر سرڳواسي دولت مھتاڻيءَ جي گھراڻي جي ڪنھن عورت ڪنھن يورپي سفارتخاني جو اثر استعمال ڪري قبضو ڇڏرايو ھو ـ قبضه گير قبضو ته ڇڏيو پر حويليءَ مان لائبريري ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻائي ويو ھو ـ بعد ۾ اھا حويلي ھڪ ٻئي ديوان خريد ڪري ورتي ـ مونکي اُتي ڪو جھنگ ڏسڻ ۾ ڪونه آيو جو رنگ روپ ڪرائي، باغ باغيچا بحال ڪري نئون سنئون ڪيو ويو ھو ـ

ھاڻي اسان ستر اسي ايڪڙن ۾ پکڙيل شري گُرو منگل جي آشرم ڏانھن روانا ٿياسين جتي ڪروڙين رُپين جي خرچ سان وسيع پارڪنگ ايريا جي فرشبندي ٿي رھي ھئي ـ اندر ڪشاده ھال، آڊيٽوريم، ياترين جي رھائش لاءِ ڪوارٽر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اڏاوتون ٿيل ھيون جڏھن ته انھن عمارتن جي وچ ۾ ويڪرن رستن تي شمسي توانائيءَ واريون اسٽريٽ لائيٽون لڳل ھيون ـ ان مندر ۽ آشرم جو انتظام ھڪ ڪميٽي سنڀالي ٿي ۽ ھر سال ھتي ميلي تي سڄي سنڌ مان ياتري اچي گڏ ٿين ٿا ـ پر جنھن شئي اسان کي ڇرڪايو، اھا ھئي قلندر شھباز جي ميلي جو وڏو پوسٽر جيڪو آشرم جي گيٽ وٽ ڀِت تي لڳل ھو ـ اسان جو خيال ھو ته شايد سيوھڻ واري ميلي جي پبلسٽيءَ لاءِ پوسٽر ھنيو ويو ھوندو، پر معلوم ٿيو ته قلندر جو ميلو ان آشرم ۾ لڳندو آھي ـ

آشرم گھمڻ توڙي شھر ۾ ٺھيل مندر ۽ مسجدون ڏسڻ دوران اسان پنھنجي گائيڊ کان کوڙ سوال پڇيا ـ “ھتي ھندو مسلم برادرين ۾ ڪوبه تڪرار ڪونھي ـ عيد جي موقعي تي مسلمان اسان ڏانھن شيون موڪليندا آھن ۽ ھندو پنھنجي ڏڻن تي کين شيون شڪليون موڪلين ـ ان حد تائين جو عيدالاُضحى تي مسلمان ٻڪر جو گوشت به ھندو برادريءَ ڏانھن موڪليندا آھن،” ھن ٻڌايو ـ اسان کي ٿاڻي بولا خان ۾ مذھبي رواداريءَ جو وڏو مثال اھو مليو ته ھتي ڪوبه مسلمان، پنھنجي ھندو ڀائرن جي جذبن جو خيال رکندي ڪڏھن به ڳئون قربان نه ڪندو آھي ـ

رات جو جڏھن قمر راڄپر جي جنم ڏينھن واري تقريب ۾ اديب، شاعر، صحافي، سياسي ڪارڪن ۽ ٻيون شخصيتون گڏ ٿيون تڏھن ڪجھه مقامي ماڻھن به سڀني برادرين جي ميٺ محبت سان رھڻ وارين حقيقتن جو ذڪر ڪيو ـ ان ڏينھن مون محسوس ڪيو ته ڪُنڊائتو ھجڻ جي ڪري سنڌ جي جنھن شھر کي مون “اڪيلائپ جو شڪار” شھر ٿي سمجھيو، اھو اصل ۾ مذھبي رواداري ۽ امن جو اُھڃاڻ ھو ـ جڏھن ھندستان جي بابري مسجد واري مسئلي تي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ مندرن تي حملا ڪري باھيون ڏنيون پئي ويون ۽ ان انتھاپسنديءَ کان جوھي شھر جو مندر به بچي ڪونه سگھيو ھو، تڏھن به ٿاڻو بولا خان شھر ئي ھو جتي سنڌ جي تاريخي مذھبي رواداريءَ جو مانُ مٿانھون رکيو ويو ـ

ٿاڻي بولا خان شھر جي اڪيلائپ بابت منھنجي ذھن ۾ جيڪي سوال ھئا، اھي تڏھن ختم ٿي ويا جڏھن سمجھيم ته ھتي ٻاھرين لوڌ جي نه ھجڻ ڪري ئي امن ۽ سڪون قائم آھي ـ ھيءُ علائقو آبھوا جي لحاظ کان بھترين آھي، جتي ڪنھن زماني ۾ انگريز ٽي بيءَ جي مريضن کي ٿڌي موسم ۾ رھڻ لاءِ موڪليندا ھئا ـ اھو علائقو سياحت جي ترقيءَ لاءِ به بھترين آھي، پر جيڪڏھن ٻاھرين لوڌ اچڻ شروع ٿي ته ڇا اھو امن سڪون قائم رھي سگھندو؟

امن ۽ سڪون جو تجربو اسان کي ان مھل به ٿيو جڏھن رات جو ساڍي يارھين وڳي اسان ڪار ۾ ڪراچيءَ لاءِ روانا ٿياسين ـ اسان کي رات جي سانت ۾ ڊپ بدران وڏو سڪون محسوس ٿيو ھو ـ

ليکڪ سينيئر صحافي ۽ دانشور آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

nasiraijazpk@yahoo.com

a

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو