Home / اسپيشل افيئر / ٿرجو ڪوئلو ۽ ماحولياتي تبديلي
above article banner

ٿرجو ڪوئلو ۽ ماحولياتي تبديلي

Shams Mughiroبنا ٿوڻي ۽ ٿنڀي جي اسان مٿان ڇپر ۽ ڇانءُ بڻيل “اوزون” جي مختلف گيسن جي محلول مان بڻيل “ليئر” جنهن مان سج جون الٽرا وائلٽ شعائون ڇاڻجي اسان جي دنيا کي روشن ڪن ٿيون اُن اوزون ليئر لاءِ مهينو اڳ هڪ ڏهاڙو هن ملڪ کي ڇڏي سڄي دنيا ۾ ملهائي ڀيٽا ڏني وئي ۽ پروگرام بـ رکيا ويا ۽ ڳالهايو بـ ويو پر اوزون ليئر سان هن دنيا جي ڳجھي دشمني ان ڏينهن بـ جاري رهي. اوزون ليئر لاءِ مختص ڪيل ڏينهن تي بـ اسان جي ترقي يافتـ انڊسٽري مان نڪرندڙ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ انهي نيري تهه کي کائڻ لاءِ آسمان ڏانهن وڌندو رهيو، جن هالن ۾ ماحولياتي تبديلي لاءِ گڏجاڻيون ڪيون ويون. انهن ئي هالن ۾ لڳل ايئرڪنڊيشنرز مان خارج ٿيندڙ سي ايف سي گيس انهي اوزون ليئر جي ڪيميائي بناوت ۾ بگاڙ پيدا ڪندي رهي. اسان جي وڌندڙ آباديءَ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ مصنوعات مهيا ڪندڙ فيڪٽرين جي چمنين مان ڪيتروئي آگينڪ مٽيريئل اڻسڙيل ڌاتو ۽ مختلف گيسون اسان جي ڌرتي جي گرمائش وڌائيندا رهيا جنهن جو اثر بـ اوزون تي ٿيندو رهندو، ان ڏينهن بـ ساڳي رفتار سان فوسل فيول جو گهڻو استعمال ٿيندو رهيو. روڊن تي گاڏيون ۽ آسمان تي جهاز دونهين جو ڏيک ڏيندڙ خطرناڪ مواد خارج ڪندا رهيا ۽ رهندا. عالم جي آبادي لاءِ اناج ڀليان نـ هجي، ڏاٺ جي سور جي سٺي گوري ڀلي نـ ٺهي پر بربادي لاءِ بارود ٺهڻ جو عمل جاري ۽ ساري رهيو ۽ رهندو.

ايئن ئي 2009ع واري سال سڄي کي ماحوليات جو سال ڪري ملهايو ويو هو ۽ سڄو سال ماحول جي بهتري لاءِ ويچاريندي ويو هليو هو ۽ سال جي آخر ۾ ڪوپن هيگن ۾ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي جنهن ۾ 193 ملڪن جا نمائندا لئڻن تي هٿ ڏيئي ويٺا هئا. ان لاءِ تـ ڌرتي تان خارج ٿيندڙ ڪلوروفل ڪاربانز يعني سي ايف سي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي ٿيندڙ اخراج کي گھٽائي سگھجي پر اها گڏجاڻي صنعتي ملڪن جي حق ۾ وئي ۽ سمال آئيلينڊ اسٽيٽس جي الائنس جي احتجاج سان پڄاڻي تي پهتي. انهن سڄي دنيا جي اڳيان احتجاج ڪيو تـ ڌرتي جي گرمي پد ۾ ٿيندڙ ٿورڙي اضافي سان سمونڊ ۾ ايندڙ ٿورڙي چاڙهه سان اسين پهنجا ٻيٽ (ملڪ) وڃائي ويهنداسين، انهيءَ سمال آئيلينڊ الائنس 2010ع ۾ وري تڏهن بـ احتجاج ڪيو جڏهن ميڪسيڪو ۾ عالمي ڪانفرنس ٿي جتي 107 ملڪن جا نمائندا ماحولياتي سڌاري لاءِ گڏيا هئا ۽ ميڪسيڪو ۾ ٿيندڙ ميٽنگ بـ خاطر خواهه فيصلي کان سواءِ وکري وئي.

Sep-30-2015    30

1974 ۾ ڪيليفورنيا يونيورسٽي اروين ڪئمپس جي شيرووڊ ۽ مولينا دنيا آڏو ماحولياتي بگاڙ وارو انڪشاف ڪيو هو ۽ چيو تـ هر سال لکين ٽن گيسون فضا ۾ ڇڏيون وڃن ٿيون جيڪي اوزون جي تهه ۾ بگاڙ پيدا ڪن ٿيون ۽ پوءِ 1993 ۾ ڪئناڊا جي ماحولياتي ماهرن گلوبل وارمنگ جي آمد جو باقائده اعلان ڪيو ۽ انٽر گورنمنٽل پينل آن ڪلائيميٽ چينج جا 25000 سائنسدان تفصيلي مطالعي ۽ مشاهدي کان پوءِ 1995 ۾ انهي نتيجي تي پهتا تـ ڌرتي جي گرمي پد ۾ اضافو فطري نٿو ٿي سگھي ۽ اهو سڀ ڪجهه انسانن جي ڪري ئي ٿيو آهي ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي هن عمل کان پوءِ حل لاءِ گڏجاڻيون شروع ٿيون پر هتي صنعتي ملڪ توڙي تيل جا سپلائر ملڪ نٿا چاهين تـ ٻارڻ جي استعمال ۾ ڪا گھٽتائي اچي ۽ دنيا انرجي جي استعمال ۾ ڪا گھٽتائي آڻي ۽ ماحول دوست يا متبادل انرجي جو استعمال ڪيو وڃي. ننڍن ٻيٽن تي آباد ملڪ ٻڏن توڙي سامونڊي ڪنارن سان آباد سنڌ جهڙا ملڪ جيڪي ڌرتي جي گرمي پد وڌڻ سان ۽ سمنڊ جي ٿوري واڌاري سان پنهنجون جاگرافيائي حدون وڃائي ويهندا ان جو اثر صنعتي ملڪن ۽ تيل جي سپلائرز تي ڪهڙو پوندو؟ ماحول تـ سڄي دنيا لاءِ هڪ جهڙو آهي جيئن برازيل جي ٻيلن جي آڪسيجن هجي يا چائنا جو ڪوئلي جو بيدردي سان استعمال هجي يا کڻي ڌرتي تي ٺهندڙ ۽ استعمال ٿيندڙ بارود هجي يا سي ايف سي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جو اخراج هجي، اثر دنيا جي انهن ملڪن تي بـ اوترائي پوندا جن وٽ انڊسٽري ئي ناهي پر ترقي پذير ۽ غريب ملڪن ۽ سمنڊ سان لڳندڙ ملڪن تي تـ اڃا وڌيڪ اثر پوندا. ڇو جو اوزون جي متاثر ٿيڻ سان ايندڙ الٽراوائلٽ شعاع ڌرتي تي ساھ کڻندڙ هڪ سيل وارن جيتامڙن کي ختم ڪريو ڇڏين ان سان پوري حياتياتي سائيڪل متاثر ٿئي ٿي. ٻيو تـ گرمي پد وڌڻ سان موسمن ۾ شدت ۽ بگاڙ اچڻ سان وڏين آفتن جو اچڻ لازم آهي ۽ غريب ملڪ جيڪي اهڙين آفتن کي منهن ڏيڻ جي پوزيشن ۾ ئي ناهن. ويجھي ماضي ۾ ناري وارين ٻوڏن ۽ ٿر وارن لاڳيتن ڏڪارن جا اسين سڀ اکين ڏٺا شاهد آهيون. دنيا هن وقت ترقي جي حوس ۾ اتي اچي پهتي آهي جو انرجي يا انڊسٽري جو استعمال روڪي بـ نٿي سگھي پر انجام جي ڄاڻ بـ اٿس. خطرناڪ اڳڪٿيون بـ ڪيون ٿيون وڃن تـ اوزون ليئر جي خرابي ۽ ماحولياتي بگاڙ جي ڪري ايندڙ 50 سالن تائين دنيا جو نقشو ئي مَٽجي ويندو، هيڏانهن سڌاري جي لاءِ جيڪي سميلن ٿيا تـ هڪڙا بنا نتيجي ئي ختم ٿيا تـ ٻين اجلاسن ۾ ڪيل فيصلن تي عمل اڃا ناهي ٿي سگھيو. گذريل صدي جي آخري ڏهاڪي ۾ سمال آئيلينڊ اسٽيٽس صنعتي ملڪن تي زور ڏنو تـ 2005ع تائين 1990ع جي مقابلي ۾ گيسن جي اخراج ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي ڪن پر 20 سيڪڙو واڌ ٿي. 1992 ۾ رويو ڪنوينشن ۽ بالي ايڪشن پلان تي بـ عمل نـ ٿيو. 1997ع ۾ ڪيوٽو جاپان ۾ گڏيل قومن جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪيوٽو پروٽوڪول نالي هڪ ضابطو مقرر ڪيو ويو جيڪو پڻ 2050ع تائين گيسن جي اخراج ۾خاطر خواهه گھٽتائي آڻڻ بابت هو ۽ پوءِ جولاءِ 2008ع ۾ جي ايٽ ملڪن جي اجلاس ۾ 2050ع تائين گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي آڻڻ لاءِ زور تـ ڀريو ويو پر چين ۽ انڊيا انهيءَ تي راضي نـ ٿيا ۽ 2001ع ۾ گڏيل قومن ايڊاپٽيشن فنڊ قائم ڪيو. اهي 34 بلين ڊالر غريب ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ سهائتا ۽ ماحولياتي بهتري لاءِ استعمال ٿيڻا هئا پر هيستائين انهن ڄاڻايل اعلانن ۽ فيصلن تي عمل ٿي ناهي سگھيو.

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ گدلي ۽ ماحول دشمن انرجي ڪوئلو آهي ۽ ان جو وڌ کان وڌ استعمال چين ڪندو رهيو آهي ۽ هاڻ ٿر جي ڪوئلي جي استعمال جا سانباها زورشور سان جاري آهن. چيو وڃي پيو تـ 50 سالن يا ان کان بـ وڌيڪ وقت تائين هن ڪوئلي مان ملڪ جي مڪمل بجلي ٺهي سگھندي پر ماحول ڪيترو خراب ٿيندو انهي پاسي ڪير سوچي ئي نٿو، ڪيترو ڪاربان، ڪيتري فيليڪان، اڻسڙيل ڪاربان، ڳرا ڌاتو خارج ٿيندا ۽ ٿر وارو علائقو ڏکڻ ۾ هجڻ ڪري سال جا 8 مهينا سڄي سنڌ تي ڏاکڻين هوائن ڪري ماحول جو ستياناس ٿيندو، ڀٽون ڊاهڻ سان ايندڙ واريءَ جا طوفان، 9100 چورس ڪلوميٽر ۾ وڻن جي واڍي، ٻنين ۽ گئوچرون کسجڻ سان مال ۽ ماڻهن جو متاثر ٿيڻ ۽ ٻيا انيڪ نقصان آهن جن تي ڪير ڳالهائي ئي نٿو (يا اجازت ناهي) دنيا ۾ گلوبل وارمنگ جو اعلان آڳاٽو ٿيو پر هتي 2 سال پهرين مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ ماحوليات واري شعبي ڪم شروع ڪيو آهي ۽ هتان ماحول متعلق شروعاتي معلومات کڻي انجنيئر پيدا ٿيندي بـ اڃا ٻـ سال لڳندا. ياد رهي تي ٿر ۾ڪوئلي تي ڪم ڪندڙ جيالاجسٽس کان سوئيپرز ۽ مالهي تائين سڀ ٻاهران آيل غير سنڌي آهن ۽ اسان وارا نوجوان جيالاجي جون ڊگريون پيتين ۾ پوري مال پيا چارين، ان مان بـ ملڪ جي مهندارن جي پت پڌري ٿئي پئي.

هن ڪوئلي کي زمين اندر ساڙي گيس ٺاهڻ سان بـ گرمي پد خطرناڪ حد تائين وڌندو ۽ ازل کان وڏا ڏڪار ڏسندڙ ٿر جي زيرزمين سنکئي وارو پاڻي بـ ٻاڦ ٿي ختم ٿيندو. ان جا نتيجا تـ سامهون ايندا پر ٿر وارن اڳيان تازو ماحولياتي خرابي جا اثر پڌرا ٿيندا رهيا آهن، ٽي سالن کان مسلسل ڏڪار ۽ هن سال ٻـ برساتون ٿيون پر نـ گاهه ٿيو نـ فصل موچارا ٿيا، اڳي جيڪي ڀٽون برسات کان پوءِ چوٿين ڏينهن ڪشمير جي ڏونگرن جو ڏيک ڏينديون هيون سي هن موسم ۾ بـ اڇيون کير جهڙيون نظر پيون اچن. مطلب چوٿين سال بـ سرڪار ڏڪار ڊڪليئر ڪري نـ ڪري پر ٿرين ڏڪار ڊڪليئر ڪري ڇڏيو آهي، ان کان سواءِ ڪراچي جو گرمي پد جنهن ماڻهو ماريا سي بـ سڄي دنيا ڏٺا ۽ بدين جا علائقا سمونڊ هونئن ئي ڀيلي پيو پر پوءِ بـ درياءَ ڪناري ڪڏندڙ نينگر جهڙو پاڪستان ڪوئلي ۾ هٿ ٿو وجھي ۽ ملڪي خساري کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ جي پيٽ ۾ پيل ڪوئلي تي تـ اک پوي ٿي، جڏهن تـ ڏاها ان سج جي روشني کي نٿا استعمال ڪن جنهن سان وچلي پار جو سڄو ڳوٺ سولر پليٽن ذريعي گذريل 10 سالن کان بلڪل مفت بجلي پيو هلائي. اهڙا ماحول دوست انرجي جا انيڪ ذريعا موجود آهن جن کي دنيا استعمال ڪري اوزون جي تهه کي محفوظ بڻائي سگھي ٿي.

هيستائين ٿيل نقصان جو ازالو ڀلي اسان کان زور آهي پراوزون جي موجوده حالت کي برقرار رکڻ لاءِ بـ ڌرتي واسين کي آبادي جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي وڻڪاري ڪرڻي پوندي يعني 13 ارب وڻ پوکجن، آبادي کي موجوده انگ يعني 6.5 ارب کان وڌڻ نـ گھرجي. ڪاربان ڊاءِآڪسائيڊ ۽ سي ايف سي گيسن جي اخراج ۾ 50 سيڪڙو ڪمي آڻڻي پوندي. سولر انرجي، ونڊپاور، ڌرتي مان نڪرندڙ حدت، دريائن واهن شاخن ۽ ڪڙيئن جي وهڪرن مان بجلي ٺهڻ گھرجي ۽ دريائن جي سمنڊن تائين پهچ ضروري آهي. ان لاءِ عالمي سطح تي قانون سازي ٿئي ۽ عمل درآمد بـ ٿئي، ان کان سواءِ ڪوئلي جهڙي ماحول دشمن انرجي جي استعمال تي عالمي سطح تي پابندي لڳڻ کپي پر اسان وٽ گنگا ابتي وهي ٿي هتي نيون صنعتون لڳن پيون ۽ انهن مان نيون مصنوعات بـ مارڪيٽ ۾ اچن پيون تـ ٻئي پاسي انيڪ جانورن ۽ وڻ ٻوٽن جا نسل دنيا جي تختي تان ختم ٿيندا پيا وڃن، نوان نوان هٿيار ۽ بي انتها بارود ۽ بم تـ ڌرتي کي ٽامون ڪرڻ لئي تيار ٿين ۽ استعمال ٿين پيا تـ ٻئي پاسي پيئڻ لائق مخصوص مقدار پاڻي هڪڙو برف جي صورت ۾ اتر قطب وٽ قابو آهي تـ ٻيو ٻاڦ ٿي آڪاس ڏانهن ايترو پري پيو وڃي جو وري واپس نـ ايندو ۽ رهڻ لائق ڌرتي سمنڊ جي لهرن جي لپيٽ ۾ ايندي پئي وڃي. ڌرتي ۾ موجود محدود انرجي اسان جي لامحدود ضرورتن ۽ ايجادن جي نظر ٿيندي پئي وڃي، فطرت کان پري هٽيل اسان جي سڌريل دنيا فطرت مخالف عملن ۾ ايترو اڳتي نڪري آئي آهي جو هاڻي اسان فطري عمر تائين نٿا جيئون ۽ غيرفطري موت جا منتظر بڻيل آهيون. ايئن ئي ڌرتي بـ پنهنجي فطري پڄاڻي کان اڳ ئي وسيلا ختم ٿيڻ ڪري ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿي پڄاڻي تي پهچندي.

shamsmangrio@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو