Home / اسپيشل افيئر / ڀارت ــ ڇتن ڪُتن جو ڳڙهه
above article banner

ڀارت ــ ڇتن ڪُتن جو ڳڙهه

ali Dharejoانڊيا ۾ رولو ڪتن جو انگ اٽڪل 10 ملين ٻڌايو وڃي ٿو ۽ اهي هر سال لکين ماڻهن کي ڏاڙهين ٿا. دنيا ۾ انڊيا اڪيلو ملڪ آهي جتي “ڇتڪائپ” (rabies) جي شرح دنيا جي سڀني ملڪن کان وڌيڪ آهي. صحت جي عالمي اداري مطابق دنيا ۾ ڇتڪتائپ سبب 36 سيڪڙو موت انڊيا ۾ ٿين ٿا. يعني ته دنيا ۾ ٿيندڙ رئبيز جي بيماريءَ ۾ مرندڙن کان ٽيڻ تي وڌيڪ. انڊيا ۾ هر ٻن سيڪنڊن کانپوءِ ڪنهن نه ڪنهن فرد کي ڇتو ڪتو ڏاڙهي وجهي ٿو ۽ روزانو اٽڪل 24 فرد ڇتڪتائپ سبب پيڙاڪن موت مري وڃن ٿا جنهن ۾ اڌ انگ ٻارڙن جو هجي ٿو. ڇتن ڪتن جي آزار کان بچڻ لاءِ “مشن رئبيز” (mission rabies) نالي جانورن جي حقن جو ن ڪيتريون تنظيمون گڏجي هڪ اهڙو پروگرام شروع ڪرڻ واريون آهن جنهن هيٺ هڪ عام مهم هلائي 50،000 ڪتن کي ويڪسين ڪيو ويندو. اهڙو هڪڙو ٻيو اپاءُ ڪتن کي پڪڙڻ (capture)، خصي ڪرڻ، ويڪسين ڪرڻ (vaccinate) ۽ ڇڏي ڏيڻ (return) آهي. ياد رهي ته ڇتڪتائپ جي بيماري ٿيڻ جو هڪ عام سبب ڪيترن قسمن جا جانور آهن جن ۾ ڪتو گهڻو عام جانور آهي. ننڍي کنڊ سميت دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ رولو ڪتن جي وڌڻ جو مکيه سبب قدرتي ماحول مان ڳجهه (vulture) جو ختم ٿي وڃڻ آهي.

Sep-30-2015    55

ڳجهه جي ختم ٿيڻ جو هڪ وڏي ۾ وڏو سبب چوپائي مال کي لڳندڙ هڪ دوا نالي “ڊائڪلوفينڪ” (diclofenac) آهي. ڊائڪلوفينڪ دوا لڳل ڍور جڏهن مري وڃي ٿو ته ان جو ڍونڍ، کائڻ سبب ڳجهه جون بڪيون تباهه ٿيڻ سبب اهي مري وڃن ٿيون. جنهن سبب سڄي ننڍي کنڊ سميت دنيا جي ٻين به ڪن ملڪن ۾ هاڻ ڳجهه ناپيد ٿي وئي آهي. ڳجھه کي “ميڊيڪل اسڪيوينجر” (medical scavenger) يا طبي ٻاليشاهيءَ جي نالي سان به سڏيو وڃي ٿو جنهن جو مکيه ڪم قدرتي ماحول کي ڍونڍ کان پاڪ صاف رکڻ ۽ ڪيترن قسمن جي وچڙندڙ بيمارين کان بچائڻ آهي.

ساڳي وقت اها ڳالهه به ورجائڻ ضروري سمجهي وڃي ٿي ته دنيا ۾ ڇتڪتائپ جو پهريون دفعو ڪامياب علاج فرانس جي هڪ انسان دوست ڪيميادان، لوئس پاسچر (Louis Pasteur) 6 جولاءِ 1885 تي نون سالن جي هڪ ٻار، جوزف ميسٽر جو ڪيو، جنهن کي 4 جولاءِ تي هڪ ڇتي ڪتي ڏاڙهيو هو.

ايئن هن 1886ع تائين يورپ، رشيا ۽ آمريڪا جي اٽڪل 350 ڏاڙهيل فردن جو علاج ڪري کين رئبيز کان هميشه لاءِ تندرست ڪري ڇڏيو ته ساڳي وقت سڄيءَ دنيا جي انسانن لاءِ به هڪ ترياق متعارف ڪرايو. گذريل سال پاڪستان ۾ “ورلڊ رئبيز ڊي” ملهائڻ دوران ماهرن ٻڌايو ته رڳو ڪراچيءَ ۾ هر سال ڇتڪتائپ جا 30,000 ڪيس رپورٽ ڪيا وڃن ٿا جن مان رڳو 50 سيڪڙي کي علاج ملي ٿو. هن وقت دنيا ۾ رئبيز جي وائرس جي موثر وئڪسين عام جام موجود آهي ۽ اتي ڪنهن فرد جو رئبيز سبب مرڻ جو تصور به ڪري نه ٿو سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو