Home / سنڌ افيئر / چارلس نيپئر جي دور واري سنڌ بمقابله هاڻوڪي سنڌ!
above article banner

چارلس نيپئر جي دور واري سنڌ بمقابله هاڻوڪي سنڌ!

Sana Abbas Dashtiچارلس نيپئر جڏهن سنڌ فتح ڪئي هئي سندس انتظامي معاملن جي پرک ڏاڍي بهتر هئي. هڪ انگريز ڌاريا ماڻهو سندن مذهب، ريتون، رواج مطلب ته هر طرح سان اسان کان مختلف هئا پر هڪ معاملي ۾ انگريز سرڪار ڏاڍو بهتر سوچيندي رهي ته هنن علائقن ۾ تعليم ۽ انصاف کي ڀرپور طريقي سان متعارف ڪرايو وڃي. جڏهن سنڌ فتح ٿي هئي اهو ڪو نئون واقعو ڪو نه هيو سنڌ ته اڳ ۾ به ڦرجندي ۽ لٽجندي رهي هئي صدين کان پنهنجا مسلمان ڀائر سٻاجهڙن سنڌين کي ڪمند جي فصل جيان لڻندا رهيا. ٺٽي شهر جي هزارين مدرسن اندر جيترو رت مسلمان حاڪمن وهايو ۽ جيترو ذلت جو نمونو نادر شاهي حملن سنڌ اندر پهچايو رڳو اهڙن ظلمن کي پڙهي ڪري ئي دل دهلجي وڃي ٿي. فرق فقط اهو هيو ته قنڌار کان جيڪي به سنڌ مٿان حملا ٿيندا رهيا انهن جو مقصد سنڌ جي سرزمين کي ڦٻائڻ سان گڏوگڏ اتي جي ماڻهن کي غلام بڻائڻ ۽ اتي جي عورتن کي پنهنجون ٻانهيون بڻائڻ واري سوچ هئي. سنڌ جي فتح جو مياڻي واري ميدان تي لهي ويل سج سنڌ جي روايتي غدارن، جاگيردارن کي اوندهه ۾ ڇڏي سنڌو ۾ لهي ويو.

مياڻي واري جنگ دوران ڪيترن ئي جاگيردارن انگريزن سان وفاداري جو اعلان ڪيو ۽ نتيجي ۾ وڏا لقب ۽ جاگيرون وٺي وري سنڌي عوام کي پنهنجو غلام سمجهي ڦرڻ واري ڌنڌي ۾ لڳي ويا. انگريز سرڪار پنهنجي وفادار طبقي کي خوش رکڻ لاءِ کين وڏيون رعايتون ۽ سهولتون ڏنيون. سنڌ اندر هڪ ئي وقت ٻه طاقتون راڄ ڪري رهيون هيون هڪ پاسي انگريز سرڪار ته ٻئي پاسي سنڌ جا جاگيردار، وڏيرا، مير، پير. اڄ جڏهن انهن حالتن تي ٿوري نظر ڦيرايون ته پاڻ کي خبر پئجي ويندي ته سنڌي جاگيردارن سنڌ سان ڪهڙا ڪلور ڪيا ۽ انگريز سرڪار سنڌ قبضي سان گڏوگڏ ڪي چڱائي وارا ڪم به ڪيا يا جاگيردارن جيان سنڌ جو ماس پٽيندا رهيا. انگريز سرڪار پوري هندستان اندر هڪڙي طاقتور مذهبي سوچ، مذهبي عقيدي ۽ مذهبي رسم سَتي کي ختم ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا هئا. هندستان اندر وڏو غلبو رکندڙ هندو مذهب جي هڪ اهم عقيدي ۽ رسم کي پوري هندستان اندر پاڙان پٽي ڇڏڻ ايڏو سولو ڪم نه هيو پر انگريزن قانون ۽ انصاف جي تقاضائن تي هلندي انهيءَ ڀيانڪ روايت کي پنهنجي منطقي انجام تي پهچائي حوا جي ڌيئرن جو جيئڻ وارو حق محفوظ ڪري ڏيکاريو.

September 15 , 2015 (34)

سنڌ اندر ڪارو ڪاري جي خوفناڪ روايت جيڪا ڪنهن مذهب جو حصو به نه هئي، ڪنهن عقيدي جو به حصو نه هئي ۽ نه ئي وري سنڌ جي رسم ۽ رواج جو حصو رهي هئي پر جاگيرداري سماج جي اثرن سبب سنڌ جي نياڻي نماڻي هر آئي ڏينهن غيرت جي نانءَ هيٺ ڪارو ڪاري جي الزامن تحت بيدردي سان ڪُسجي رهي هئي. انگريز سرڪار شدت سان محسوس ڪيو ته سنڌ اندر عورت باوجود ستن قرآنن جي برابر هئڻ جي معمولي الزامن جي ور چڙهي پنهنجي حياتي جي حق کان محروم بڻائي ٿي ويئي، تنهن ڪري چارلس نيپئر حالتن جي گهرائي جو اندازو ڪندي سرڪاري حڪم نامو جاري ڪرايو جنهن ۾ سرڪار علائقي جي بااثر ماڻهن کي پابند ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ اندر ڪنهن به ڳوٺ اندر ڪا عورت ڪاري ڪري ماري وئي ته ان جو ذميوار انهيءَ ڳوٺ جو وڏيرو هوندو. نتيجي ۾ سنڌ اندر روز جو معمول بڻيل ڪارو ڪاري جا واقعا تيزي سان گهٽجندا رهيا ۽ سنڌ اندر نياڻين جي حقن جو تدارڪ ٿيو.

اڄ وري هڪ دفعو ٻيهر ڪارو ڪاري جا واقعا سنڌ ۾ ايترو ته عام ٿي چڪا آهن جو سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اها قيامت ڪٿان ڪڙڪي آهي. جڏهن ادارا به موجود آهن، قانون به موجود آهي ۽ اسان جي سنڌ اسيمبلي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ عورتن جي حقن جي باري ۾ بل به پاس ڪرايا آهن پوءِ به عورت سان انياءُ- عورت سان ڏاڍ ۽ عورت کي الزامن جي ڀيانڪ رواجن ۾ ڇو ماريو پيو وڃي.

لاڙڪاڻي کان ويندي ڄامشوري تائين ۽ ڪراچي کان وٺي ڪنڌڪوٽ تائين سنڌ جون نياڻيون بيدردي سان ڪُسجي رهيون آهن ۽ اهڙين نياڻين ۾ ترتيبوار شادي شده عورتن کان وٺي نوجوان ڇوڪرين تائين اهڙو عذاب ڀوڳي رهيون آهن. جيڪب آباد جي طاهره کوسو جي واقعي کي کڻي ڏسجي ته اسان جا لڱ ئي ڪانڊارجي ويندا، ڄڻ ته عورت انسان ئي نه هجي جنهن کي شڪاري صرف پنهنجو شڪار ئي سمجهندا هجن ۽ شادي جي رشتي ۾ ڳنڍجڻ کان پوءِ به اهڙن بيحس شڪارين جي حوَس پنهنجي موت مرڻ بجاءِ عورت کي ريگستاني هرڻي سمجهي ٿو جنهن کي ڊوڙائي ڊوڙائي آخرڪار وڏي بي رحمي سان ماريو وڃي ٿو. عورت سان ٿيندڙ ظلم جڏهن ڪارو ڪاري جو ڪارو نانگ بڻجي وڃي ٿو ته پوءِ ان رسم سان لاڳاپيل مسئلن تي به ٿورو سوچجي ته ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته سنڌ جي اهڙي ذهنيت عورت کي صرف ڦرلٽ ۾ هٿ آيل سامان جيان سمجهي ٿي. پوءِ سنڌ اندر ملڪيت جا تڪرار هجن يا وري زمينن جا ڦڏا فساد، سڄو ٽانڊو عورت مٿان اڇلايو ويندو آهي. پوءِ غيرت جا جذبا جاڳي پون ٿا ۽ نياڻي نماڻي سان صبح، منجهند، شام جانورن جيان سلوڪ ڪيو وڃي ٿو.

سڄي سنڌ ڪارو ڪاري واري معاملي تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. سنڌ حڪومت الائجي ڪڏهن چارلس نيپئر جيان سجاڳ ٿيندي ۽ ڪارو ڪاري جي واقعن خلاف ڪو سخت موقف اختيار ڪندي، انگريز سرڪار انصاف کي پسند ڪندي هئي تنهن ڪري انهن جي دور ۾ ڪرپشن جو نالو نشان موجود ڪو نه هيو ليڪن هينئر ته هر کاتي اندر بدعنواني عروج تي پهتل آهي ۽ ڪارو ڪاري جا واقعا اختيار ڌڻين جي ڪن تي جونءَ ئي ڪو نه ٿا چورين ۽ انصاف جي لاءِ متاثر ڪٽنب به دربدر آهن. نتيجي ۾ ڪارو ڪاري وارن واقعن جو رجحان گهٽجڻ بجاءِ وڌي رهيو آهي، تنهن ڪري سڄي سنڌ اندر سڀني ڀائرن ۽ ڀينرن کي هن معاملي تي پنهنجو آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ ظلم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪنهن فورم تي هڪ ٿيڻ گهرجي.

جيستائين سنڌ اندر ڪارو ڪاري جي رسم ختم نه ٿيندي تيستائين سنڌ جي عورت جو ساهه مٺ ۾ هوندو ۽ سندس ترقي سواليه نشان بڻيل هوندي. اسانجي قوم کي ڊاڪٽرياڻين، انجنيئرياڻين، ايس پي آفيسرياڻين، استادياڻين جي ضرورت آهي نه ڪي ڪارين جي.

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو