Home / اسپيشل افيئر / چوڌري محمد علي: بااثر ڪامورو يا معصوم وزيراعظم..؟
above article banner

چوڌري محمد علي: بااثر ڪامورو يا معصوم وزيراعظم..؟

Akhtar Balochچوڌري محمد علي ورهاڱي کان اڳ برطانوي راڄ جي دور ۾ اڪائونٽنٽ جي عهدي تي فائز هو پر ورهاڱي کان پوءِ هن ڏاڍي تيزيءَ سان ترقي جون منزلون طئي ڪيون. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان پوءِ متحد پاڪستان جو چيف سيڪريٽري بڻيو ۽ 1956ع جي آئين جو خالق به هو. سندس ڳاڻيٽو لياقت علي خان جي تمام ويجهن ساٿين ۾ ٿئي ٿو. قائداعظم سان لياقت علي خان جي آخري ملاقات ۾ به هو ساڻس گڏ هو. لياقت علي خان جي قتل کان پوءِ ٺهندڙ ۽ بدلجندڙ حڪومتن جي عروج ۽ زوال ۾ به شريڪ رهيو.

هن جي قائداعظم سان آخري ملاقات جو ذڪر فاطمه جناح پنهنجي ڪتاب “ماءِ برادر” ۾ به ڪيو آهي. ان ڪتاب ۾ فاطمه جناح چواڻي چوڌري محمد علي ۽ لياقت علي خان اهو ڏسڻ آيا هئا ته قائداعظم وڌيڪ ڪيترا ڏينهن زندهه رهندو. مرڻ جي ويجهو پهتل قائداعظم سان ان ملاقات ۽ ان جي وفات جو ذڪر چوڌري محمد علي پنهنجي ڪتاب “ظهورِ پاڪستان” ۾ ڪيو آهي. ڪتاب جي صفحي نمبر 448 تي هو لکي ٿو ته: “قائداعظم جي لاڏاڻي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڪوئيٽا ۾ ساڻس ملاقات جو موقعو مليو، آءٌ اتي سندس خدمت ۾ ڪشمير تڪرار جي تازي صورتحال پيش ڪرڻ ۽ مستقبل جي پاليسي لاءِ کانئس هدايتون وٺڻ لاءِ ويو هئس. هو بيماري جي بستري تي هو، هن جي توانائي هوريان هوريان ختم ٿي رهي هئي پر هو فڪري طرح اڳ وانگر ئي هو، ان جو عزم بلند هو، ان جي اکين ۾ اها ئي پراڻي چمڪ هئي ۽ پنهنجي قوم جي مقدر ۾ کيس اڳ وانگر يقين هو، جيڪو هميشه سندس منفرد گُڻ رهيو.”

چوڌري محمد علي وزيراعظم لياقت علي خان سان گڏجي قائداعظم کان اهم هدايتون وٺڻ ڪراچي کان ڪوئيٽا پهتو هو. جناح صاحب پنهنجو آخري وقت زيارت ريزيڊنسي ۾ گذاريو هو. عجب ڳالهه اها آهي ته چوڌري محمد علي پاڪستان جو سيڪريٽري جنرل هو، زيارت ۽ ڪوئيٽا جي وچ ۾ فرق ئي محسوس نه ڪندو هو. هُن ان ملاقات بابت جناح جي ڪنهن به جملي جو حوالو ڏيڻ مناسب ناهي سمجهيو، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته جناح جا پاڪستان جي مستقبل جي حوالي سان ڪهڙا خيال هئا. هن اهڙي شخص جنهن جي توانائي هوريان هوريان ختم ٿي رهي هئي جي اکين جي چمڪ مان سندس خيالن جو اندازو ڪري ورتو. اهو سلسلو فقط اتي ئي ختم نه ٿو ٿئي بلڪه جناح صاحب جي لاڏاڻي جي حوالي سان هو لکي ٿو ته: “11 سيپٽمبر 1948ع تي قائداعظم کي ڪراچي آندو ويو ۽ ان شام ئي هن 72 سالن جي عمر ۾ زندگي کي الوداع ڪيو.”

چوڌري محمد علي جيڪو پاڪستان جو سيڪريٽري جنرل هو ان ڳالهه کان به واقف نه هو ته محمد علي جناح کي جڏهن جهاز ۾ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي پهچايو ويو ته ايئرپورٽ تي ڪو به سرڪاري عملدار (چوڌري محمد علي سميت) موجود نه هو. جناح صاحب کي وٺڻ لاءِ کريل ايمبولينس موڪلي وئي جيڪا رستي ۾ قائداعظم کان اڳ ئي دم ٽوڙي وئي. اهڙي ريت ٻيا به ڪيترائي سوال آهن جيڪي سندس “معصوميت” کي وڌيڪ پختو بڻائن ٿا.

September 15 , 2015 (53)

پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب “رودادِ چمن” ۾ چوڌري محمد علي جي ان ڏور رس نگاهه جو ذڪر ڪيو آهي ته هن کي جناح جي لاڏاڻي کان پوءِ اندازو ٿي ويو هو ته جناح صاحب جو منظورِ نظر جوگندر ناٿ منڊل ڪيترو “ملڪ دشمن” هو. چوڌري محمد علي “ظهورِ پاڪستان” جي صفحي نمبر 439 تي ان حوالي سان لکي ٿو ته: “مرڪزي ڪابينا کي فقط ڌڪ تڏهن لڳو جڏهن وزيرِ محنت جوگندر ناٿ منڊل ڀڄي هندستان هليو ويو. بنگال جي هندو اڇوتن جي اڳواڻ جي حيثيت سان هن پاڪستان جي جدوجهد ۾ قائداعظم جو وفاداري سان ساٿ ڏنو هو، قائداعظم جي لاڏاڻي کان پوءِ هن جو رويو تبديل ٿيندو ويو. پاڪستان جي آئين ساز اسيمبليءَ ۾ اعليٰ ذات جي هندن کيس پاڻ ڏانهن ڇڪڻ شروع ڪيو ۽ کيس راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو سندن قيادت سنڀالي.”

“ان سان گڏوگڏ هندستاني هاءِ ڪميشن ۽ منڊل جي وچ ۾ به معاملا سڌا ٿيڻ لڳا. لياقت علي خان ان صورتحال کان باخبر هو ۽ آءٌ پڻ احتياط کان ڪم وٺي رهيو هئس ته وڌيڪ رازداري وارا دستاويز هن کي هٿ نه اچن. معلوم ٿئي ٿو ته منڊل کي به خبر پئجي وئي هئي ته سندس نگراني ڪئي پئي وڃي، ان ڪري هو ڊڄي ويو ۽ ڀڄي هندستان هليو ويو.”

جوگندر ناٿ منڊل جي حب الوطني پنهنجي جاءِ تي، هُن کي ته قائداعظم جي 11 سيپٽمبر واري تقرير تي به شڪ شبها هئا. هن کي اهو گمان هو ته جناح صاحب جوش، جذبات ۽ جذباتي تقرير ۾ جهڙي طرح مسلمانن ۽ هندن کي برابر سڏيو هو اهو مناسب نه هو. ان ڪري تقرير ختم ٿيندي ئي نوڪر شاهي متحرڪ ٿي وئي ۽ تقرير جو سڄو متن اخبارن ۾ شايع ٿيڻ کان روڪرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ٿي ويون. انهن ماڻهن جي بدنصيبي اها هئي ته ان سموري معاملي جي خبر روزاني ڊان جي ايڊيٽر الطاف حسين کي پئجي چڪي هئي. هو اهو ڄاڻڻ پيو چاهي ته آخر هي سڀ ڪجهه ڪنهن جي حڪم تي ٿي رهيو آهي. ڇا هي سڀ ڪجهه جناح جي پنهنجي حڪم تي ڪيو پيو وڃي يا ڪنهن ٻئي جي هدايتن تي ٿي رهيو آهي. مشهور صحافي ضمير نيازي پنهنجي ڪتاب “صحافت بند ڪڙولن ۾” جي صفحي نمبر 152 ۽ 153 تي هن مختصر واقعي کي تفصيل سان بيان ڪيو آهي. ان جو مختصر خلاصو ڪجهه هن ريت آهي ته: “الطاف حسين اهو ڄاڻڻ پيو چاهي ته ڪهڙو شخص اها عبارت حذف ڪرائڻ چاهي ٿو. مونکي مجيد ملڪ کي ڳولڻ جي ذميواري ڏني وئي، مون هن کي الطاف حسين جو پيغام پهچايو. ملڪ صاحب چوڌري محمد علي کي فون ڪيو جيڪو ان وقت ڪيبينيٽ ڊويزن جو سيڪريٽري هو، ساڻس ڳالهه ٻولهه پوري ڪرڻ کان پوءِ ملڪ مونکي فون تي چيو ته اها ڪا ايڊوائس ناهي پر فقط هڪ راءِ آهي. قائد جي تقرير کي سينسر ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ۽ چيو ته اهڙو فيصلو ڀلا ڪير ڪري سگهي ٿو؟.”

“جڏهن آءٌآفيس واپس آيس ۽ اهو سڀ ڪجهه الطاف حسين کي ٻڌايو ته يقين ڪريو ته هو منهنجي ميز تي هٿ هڻي زور سان کلڻ لڳو.” ضمير نيازي محمد علي چوڌري جي حوالي سان وڌيڪ لکي ٿو ته: “1949 کان 1958ع تائين نام نهاد جمهوري دور ۾ به سياستدان ملڪ جو نظام هلائڻ ۾ آزاد نه هئا. جيڪو شخص ان وقت ڪامورا شاهي جي مشينري جو انچارج هو اهو چوڌري محمد علي هو.”

چوڌري محمد علي جون صلاحيتون پنهنجي جاءِ تي پر ان ڳالهه کان انڪار ممڪن نه آهي ته هو پاڪستان ۾ حڪومتون تبديل ڪرڻ ۾ شريڪ هجي يا نه پر انهن واقعن جو اکين ڏٺو شاهد ضرور هو. ڊاڪٽر صفدر محمود پنهنجي ڪتاب “مسلم ليگ جو دورِ حڪومت” جي صفحي نمبر 244 تي لکي ٿو ته: “چوڌري محمد علي ليکڪ کي هڪ ذاتي ملاقات ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته:“ جڏهن بوگرا کي غلام محمد جي اڳيان آندو ويو ته غلام محمد وهاڻي جي هيٺان ريوالور ڪڍي ورتو ۽ جيستائين بوگرا سندس تجويز سان اتفاق نه ڪيو تيستائين گورنر جنرل کيس قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندو رهيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته “جڏهن اها ڪارروائي ٿي رهي هئي ته ايوب خان ريوالور هٿ ۾ جهلي پويان بيٺو هو.”

چوڌري محمد علي هڪ بااثر ڪامورو هو. لياقت علي خان کان وٺي غلام محمد تائين ان جو ڳاڻيٽو فيصلي ساز ٽولي جي اهم ميمبرن ۾ ٿيندو هو. هو چاهيندو هو ته پنهنجي وزارتِ عظميٰ جي دور ۾ ملڪ کي آئين جو تحفو ڏي ته جيئن تاريخ ۾ سندس نالو هميشه ياد رکيو وڃي. ان جي آئين ۾ صدر جو عهدو سڀ کان اعليٰ هو ليڪن ان آئين ۾ هڪ قومي اسيمبلي جي گنجائش به هئي. 2 مارچ 1956ع تي گورنر جنرل ان آئين جي منظوري ڏني ۽ 23 مارچ تي صدرِ مملڪت جي عهدي جو قسم به کڻي ورتو. اسڪندر مرزا جي صدر ٿيندي ئي محمد علي کي اهو احساس ٿي ويو ته سندس ڏينهن ٿورا رهجي ويا آهن. آخرڪار سيپٽمبر 1956ع ۾ چوڌري محمد علي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

ايوب خان پنهنجي ڪتاب “فرينڊس ناٽ ماسٽرز” جي صفحي نمبر 91 ۽ 92 تي لکي ٿو ته: “چوڌري محمد علي جيئن تيئن ڪري آئين تيار ڪري ورتو جيڪو 23 مارچ 1956ع تي لاڳو ڪيو ويو، اهو نهايت مايوس ڪندڙ دستاويز هو. وزيراعظم جيڪو ان ڳالهه جو خواهشمند هو ته کيس تاريخ ۾ آئين جي ليکڪ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي، پنهنجي ڪوشش کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ هر قسم جي نظريي کي ان آئين ۾ سموئي ڇڏيو هو. آئين ڇا هيو بس چون چون جو مربو هو.”

اهو آئين جهڙو به هو ايوب خان کي بنيادي اعتراض هڪ ڳالهه تي هو ته ان آئين ۾ واضح طور تي اختيارن جي ورهاست ڪئي وئي هئي. ان حوالي سان هو لکي ٿو ته: “هن آئين اقتدار کي صدر، وزيراعظم، ان جي ڪابينا ۽ صوبن ۾ ورهائي ان جي مرڪزيت کي تباهه ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪنهن کي صاحبِ اختيار رهڻ ئي نه ڏنو هو. قدرت جي ستم ظريفي ڏسو جنهن شخص آئين ٺاهيو اهو ئي ان جو شڪار بڻيو.”

“ان زماني ۾ هڪ ڀيري مون کيس وڏي بيوسي جي حالت ۾ سندس آفيس ۾ ڏٺو، جيئن ته بچاءَ واري وزارت جو قلمدان به هن وٽ هو، ان ڪري مونکي هڪ دفاعي سلسلي ۾ ساڻس ملڻ لاءِ وڃڻو پيو، هن مونکي چيو ته منهنجي پارٽي مونکي ڇڏي ڏنو آهي، بس هاڻي معاملو ختم آهي.”

“مون کيس همت ڏياريندي ڪجهه لفظ چيا پر هو مطمئن نه ٿيو. “نه نه اهو معاملو انتهائي ڳنڀير شڪل اختيار ڪري ويو آهي. تون هي ڪم ڇو نه ٿو سنڀالي وٺين ۽ مون کي ان کان ڇوٽڪارو ڇو نه ٿو ڏيارين؟” مون چيو ڏسو انهن ڳالهين جو ذڪر مون سان نه پر پنهنجي صدر سان ڪيو ۽ ان مونجهاري مان نڪرڻ جو ڪو مناسب طريقو سوچيو.”

سياستدان ۽ بيورو ڪريٽ ۾ هڪ واضح فرق جيڪو پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ بلڪل واضح آهي، اهو آهي عوامي ۽ غير عوامي. سياستدان عوامي آهي ۽ بيورو ڪريٽ غير عوامي. ايم ايس وينڪٽي رامائڻ جي ڪتاب “پاڪستان ۾ آمريڪا ڪا ڪردار” ۾ ايوب خان ۽ چوڌري محمد علي جي ان ملاقات جي باري ۾ هڪ معنيٰ خيز جملو آهي ته: “جيڪڏهن ايوب خان جو بيان صحيح آهي ته پوءِ جمهوريت سان لاڳاپن بابت چوڌري محمد علي جو پول به کلي ٿو وڃي.”

چوڌري محمد علي پنهنجي ڪتاب “ظهورِ پاڪستان” ۾ صفحي نمبر 453 تي انتهائي نماڻائي سان آئين جي باري ۾ لکي ٿو ته: “آئين سازي جو ڪم لش پش هلندو رهيو، آڪٽوبر 1954ع ۾ آئين ساز اسيمبلي ٽوڙي وئي. اڳئين سال هڪ نئين آئين ساز اسيمبلي چونڊي وئي، جنهن همت سان ان ڪم جو ٻيڙو سر تي کنيو ۽ ڇهن مهينن جي اندر اهو ڪم مڪمل ڪري ورتو. اسلامي جمهوريه پاڪستان جو اهو آئين “قراردادِ مقاصد” تي ٻڌل هو جيڪو لياقت علي خان منظور ڪرايو هو. ان آئين جو نفاذ 23 مارچ 1956ع تي عمل ۾ آندو ويو. ان آئين جو سنگ بنياد جنهن کي وزيراعظم طور مونکي ملڪ اندر پيش ڪرڻ تي عزت حاصل ٿي، هر شعبي، انتظامي، اقتصادي ۽ سياسي ۾ اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي وچ ۾ برابري جي بنياد تي حصيداري هئي.”

هن جا خيال پنهنجي جاءِ تي اهميت رکن ٿا. محمد علي چوڌري جو ڪمال اهو هو ته هن ڪمال دليري سان حڪومتون ڊاهڻ ۽ ٺاهڻ ۾ نوڪر شاهي جو ساٿ ڏنو. هو حڪمرانن جي قدمن جو هر صورت ۾ ساٿ ڏيندو هو. هو عوامي سياستدان نه هو ۽ نه ئي کيس ان ڳالهه جو تجربو هو ته عوام جي احتجاج کي ڪهڙي ريت منهن ڏنو وڃي. اهڙي ئي هڪ عوامي احتجاج کان گهٻرائي هن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. ان واقعي جي ڪهاڻي نعيم احمد پنهنجي ڪتاب “پاڪستان جا پهريان ست وزيراعظم” جي صفحي نمبر 100 ۽ 101 تي هن ريت بيان ڪئي آهي:

“وزيراعظم جنهن ڪرسي ڇڏي ڏني. چوڌري محمد علي جنهن صبح جو وزيراعظم جي عهدي تان استيعفيٰ ڏئي ڇڏي ان کان هڪ رات اڳ هڪ جلوس وزيراعظم هائوس آيو، اهو جلوس ڪراچي جي آءِ جي پوليس گريس خلاف هو، ماڻهو گريس جي خلاف نعرا هڻي رهيا هئا. رات جو وقت هو، جلوس بي قابو ٿي رهيو هو، سيڪيورٽي آفيسر مونکي چيو ته جلوس جي باري ۾ وزيراعظم کي اطلاع ڪيو وڃي. وزيراعظم ان وقت تائين پنهنجي ڪمري جو دروازو بند ڪري چڪو هو. بجاءِ ان جي جو سيڪيورٽي آفيسر وزيراعظم کي اطلاع ڏيڻ پاڻ وڃي ها، هن اها ذميواري مون تي وجهي ڇڏي ته آئون چوڌري صاحب کي جلوس بابت اطلاع ڏيان.”

وزارتِ عظميٰ تان فارغ ٿيڻ کان پوءِ چوڌري محمد علي “نظامِ اسلام پارٽي” جو بنياد وڌو. هن ايوب خان ۽ فاطمه جناح جي وچ ۾ صدارتي چونڊن دوران فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو ۽ ان دوران جلسن جلوسن ۾ به شرڪت ڪندو هو. هڪ ڀيري ڪرنل مجيد ملڪ جيڪو مرڪزي اردو بورڊ لاهور جو ڊائريڪٽر هو، تنهن چوڌري محمد علي کان اهو سوال ڪيو ته هُن وزارتِ عظميٰ نهايت آساني سان ڇڏي ڏني، هاڻي جلوسن ۾ شرڪت ڇو ٿو ڪري؟.

“پاڪستان جا پهريان ست وزيراعظم” جي صفحي نمبر 102 تي لکيل آهي ته چوڌري محمد علي ان سوال جو جواب ڪجهه هن ريت ڏنو ته: “مونکي خوف آهي ته جيڪڏهن قيامت جي ڏينهن الله تعاليٰ مونکان پڇيو ته محمد علي توکي پاڪستان ۾ مون ڪهڙو مقام ڏنو هو ليڪن تو منهنجي پاڪستاني مخلوق لاءِ ڇا ڪيو؟”

چوڌري محمد علي چيو ته؛ “اهو سوچي مونکي خوف ٿو ٿئي، ان ڪري ئي آءُ جلسن جلوسن جي قيادت الله تعاليٰ جي اڳيان قيامت جي ڏينهن جواب ڏيڻ لاءِ ڪري رهيو آهيان ته جيئن اهو چئي سگهان ته اي الله! مون پنهنجي طرفان نهايت گهڻي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان ۾ جمهوريت بحال ٿي وڃي، باقي اڳتي ڇا ٿيندو مونکي خبر ناهي، غيب جو علم تون ئي بهتر ڄاڻين ٿو.”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو