Home / اسپيشل افيئر / ڇا راجا ڏاهر شڪست نه کاڌي هئي؟!
above article banner

ڇا راجا ڏاهر شڪست نه کاڌي هئي؟!

ramzan chando

“راجا ڏاهر شڪست ڪانه کاڌي هئي. سنڌ کان هند وڃي هندستان جي هڪ ڀاڱي تي حڪومت ڪئي هئي، جيڪو “سينڊو راڄ” سڏبو هو، اها حڪومت ٻه سئو سال هلي هئي.” مٿيان لفظ ننڍي کنڊ جي برک محقق، تاريخدان، اديب ۽ لسانيات جي ماهر گنگا رام سمراٽ جا آهن. جيڪي هن هڪ انٽرويو دوران آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس ۾ “وينا شرنگي” کي چيا هئا. اهو ساڳيو انٽرويو ماهوار رسالي “سنڌ سجاڳ” ڪراچي جون 1993ع جي شماري ۾ پڻ ڇپيو هو. اچو ته مٿين خيالن جو جائزو وٺون ته اهي ڪيتري قدر درست آهن.

هاڻي پهريون سوال هي ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن “راجا ڏاهر” شڪست نه کاڌي هئي ته پوءِ هندستان ڀڳو ڇو؟!

بقول سمراٽ صاحب جي ته ڪجهه خزانو ۽ ماڻهو وٺي هند آيو هو. ڇو آيو هو هند؟! جيڪڏهن شڪست ڪانه کاڌائين ته پوءِ هندستان ڇو ويو؟ سنڌ جي ايڏي وڏي مضبوط حڪومت جيڪا هڪ پاسي ڪڇ کان به اڳيان هئي ته ٻئي پاسي ڪشمير جي هيٺين ضلعن تائين هئي، جتي راجا چچ بيد ۽ صنوبر جا وڻ نشان طور هنيا هئا. آخر “راجا ڏاهر” ايڏي وڏي حڪومت ڇڏي هندستان جي هڪڙي ننڍڙي ڀاڱي تي ڇو ويو حڪومت ڪرڻ؟!

ٻيو سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پوءِ محمد بن قاسم ڪيڏانهن ويو؟!! سمراٽ انٽرويو ۾ وڌيڪ اهو به چيو ته راجا ڏاهر کي ڪو به پٽ، ڌيءَ، ڀيڻ، ڀائر ڪو نه هئا. راجا ڏاهر جون ڌيئرون خليفي وٽ ڪو نه ويون هيون، اُهو سڀ ڪوڙ، دوکو ۽ غلط بياني آهي؟!! سمراٽ صاحب پوءِ اهو به مڃيو ته محمد بن قاسم کي ڍڳي يا ٻئي ڪنهن جانور جي کل ۾ وجهي موڪلڻ ۽ خليفي وليد بن عبدالمالڪ جو ڪاوڙ ۾ اچي ابن قاسم جي منهن تي لڪڻ هڻڻ وارو قصو تاريخ ۾ سڄو ڪوڙو آهي يا سليمان بن عبدالمالڪ جي حڪم سان محمد بن قاسم جو موت ڪو نه ٿيو هو. جيئن اهو به تاريخ ۾ اچي ٿو. تاريخ جي ڪتابن ۾ راجا ڏاهر جي ڀاءُ ڏهرسين جو به نالو اچي ٿو ۽ جيئسين پٽ جو نالو اچيس ٿو پر سمراٽ صاحب انهيءَ ڳالهه جو انڪاري آهي.

پوءِ عظيم شاعر شيخ اياز جي هي شاعري ڪيڏانهن ويندي جيڪا هُن راجا ڏاهر جي نياڻين بابت ڪئي آهي. شاعري جون ڪجهه سٽون هي آهن:-

تنهنجون نياڻيون، سهڻيون سياڻيون

ڪنهن هئن آنديون، مانديون بانديون

(جوالو سنڌ جون انقلابي عورتون ص 68 آزاد قاضي)

گنگارام سمراٽ محمد بن قاسم کان اڳ وارا عربن جا 14 حملا به ڪو نه ٿو مڃي. سمراٽ جو چوڻ آهي ته عربن سنڌ تي ڪاهون ڪيون ئي نه هيون ۽ محمد بن قاسم سنڌ ۾ آيو ئي نه هو. 93هه/711ع مطابق محمد بن قاسم سنڌ تي حملو ڪيو. اُن ڳالهه کي اڄ سوا تيرهن سئو سال ٿي ويا آهن. ڪنهن به تاريخ ۾ راجا ڏاهر جو هند وڃڻ جو ذڪر لکيل ناهي، جيڪڏهن لکيل هجي ها ته ضرور ٻيا به ڪي محقق، تاريخدان اُن ڳالهه جو ذڪر ضرور لکن ها پر ننڍي کنڊ جي ڪنهن به محقق اهڙي ڪا به ڳالهه ڪا نه لکي آهي. پوءِ گنگا رام سمراٽ اهو حوالو ڪٿان آندو؟

Sep-30-2015    51

گنگا رام سمراٽ جي تاريخ بابت سچائي اها آهي جو هو دراوڙ نالي ڪنهن قوم – نسل کي مڃي ئي نٿو، نه ئي آريا، دراوڙ ويڙهون ٿو مڃي. چئي ٿو ته اهو سڀ ڪوڙ ۽ من گهڙت افسانا آهن. دراوڙ نالي ڪا قوم دنيا ۾ آهي ئي ڪونه!! (وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو گنگا رام سمراٽ جو لکيل ڪتاب سنڌو سئو وير)

هاڻ پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن ته سمراٽ صاحب تاريخ بابت ڪيترو ايماندار آهي. ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جون تاريخون آريا، دراوڙ جنگين سان ڀريون پيون آهن پر سمراٽ صاحب چئي ٿو ته اهو سڀ ڪوڙ ۽ من گهڙت افسانا آهن. واهه سمراٽ صاحب واهه توهان جي تاريخ بابت ايمانداري ۽ سچائي؟؟! جيڪڏهن دراوڙ نالي ڪا قوم، نسل آهي ئي ڪو نه ته پوءِ هي ڪولهي، ڀيل، ڪوچڙا، شڪاري، ماڇي، مهاڻا، بروهي وغيره کي ڪهڙي پاسي ڪبو؟ پوءِ سريلنڪا –تامل ناڊو ڪيڏانهن ويندا؟ پوءِ هندو مت ۾ نفرت جو شڪار ٿيل راوڻ جو ڇا ٿيندو؟ ڇو ته راوڻ به دراوڙ نسل جو هو. جيڪڏهن دراوڙ فرضي قوم آهي ته پوءِ هندن کي پنهنجي مقدس ڪتاب “رامائڻ” تان به هٿ کڻڻو پوندو. پوءِ هندن کي ڏياري به ملهائڻ نه گهرجي. ڇو ته اها رڳو “شري رامچندر” جي بنواس مان واپس اچڻ جي خوشي ناهي پر ڏکڻ هندستان جي مضبوط حڪومت ختم ڪرڻ ۽ طاقتور راجا راوڻ جيڪو دراصل دراوڙن جو هيرو هو. اُن کي مارڻ ۽ ڏکڻ هندستان تي آرين جو قبضو ڪرڻ جي به خوشي آهي.

Sep-30-2015    52

گنگا رام سمراٽ رڳو دراوڙن بابت غلط بياني کان ڪم ڪو نه ورتو آهي پر صوفي بزرگ جن سدائين پيار، محبت، انسان دوستي، هر ڪنهن ۾ پرين پسڻ جو درس ڏنو آهي، سمراٽ صاحب انهن لاءِ غلط لکيو آهي. سال 1986ع ۾ احمد آباد بڙودا مان “هاسا رام شرما” جو هڪ ڪتاب “سچل هڪ نئين نظر” شايع ٿيو اُن ڪتاب جو مهاڳ گنگا رام سمراٽ لکيو هو. سمراٽ صاحب لکي ٿو ته:

“اسلامي وحشي حملن هندن کي شڪستو نه پر ڏاڍو وياڪل ڪيو. ان وياڪلتا جي وقت ۾ اسلام مذهب ڪجهه بدليل ويس ۾ هندن جي سامهون آيو جو هو “صوفي مت” ڳالهه ساڳي هئي فقط تلوار جي ڌار مُڏي هئي.”

مٿي توهان پڙهيو سمراٽ صاحب جي دراوڙن ۽ صوفين بابت تاريخي ايمانداري….؟! باقي راجا ڏاهر بابت ڪيترو ايمانداري سان ڪم ورتو هوندائين. اهو توهان پاڻ اندازو لڳائي سگهو ٿا….؟ سمراٽ صاحب ڪيترو سنڌ جي تاريخ تي ڪم پيو ڪري؟ اهو توهان گنگا رام سمراٽ جا لفظ پڙهي اندازو لڳائي سگهو ٿا؟ جيڪي “وينا شرنگي” کي انٽرويو ۾ چيا هئا.

“وينا”: دادا توهان سنڌ جي تاريخ ته پڙهي هوندي؟

شري سمراٽ: مون سڄي زندگي ۾ سنڌ جي تاريخ تي مطالعي ڪرڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي آهي نڪو اهو منهنجي زندگي جو مقصد هو (ماهوار سنڌ سجاڳ ڪراچي جون 1993ع)

مٿي توهان گنگا رام جا لفظ پڙهيا؟ سمراٽ صاحب نه ڪڏهن سنڌ جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ نه ئي اهو سندس زندگي جو مقصد رهيو!؟ پوءِ اُهو ڪيئن چئجي ته گنگا رام سمراٽ هند ۾ ويهي سنڌ جي تاريخ تي وڏو ڪم پيو ڪري. اسان جا ڪجهه ڀائر ۽ باشعور طبقي جا ماڻهو اجايو خوشفهمي جو شڪار آهن ته گنگا رام سنڌ تي وڏو ڪم ڪيو آهي.

گنگا رام کي پنهنجو نظريو رکڻ ۽ اُن جي پرچار ڪرڻ جو پورو پورو حق آهي ۽ اسان کي به پنهنجي راءِ رکڻ جو پورو حق آهي. هن مضمون جي پڄاڻي هنن لفظن تي ڪنداسين ته:

بيشڪ “راجا ڏاهر” اسان جو قومي هيرو آهي. پر اسان کي اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته راجا ڏاهر شڪست کاڌي هئي…

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو