Home / سنڌ افيئر / ڇا ٿر کي هميشه لاءِ ڏڪار کان بچائي سگھجي ٿو؟
above article banner

ڇا ٿر کي هميشه لاءِ ڏڪار کان بچائي سگھجي ٿو؟

Shams Mughiroهن مينهوڳي مند ۾ گاهه گھٽ ٿيڻ ڪري ٿر سائو نـ ٿي سگھيو آهي. مهينو اڳ اهڙو ماحول هو جو هر ڪنهن گذريل سالن جا سور وساريا هئا ۽ ٻنيون کيڙڻ ، سُوڙڻ ، ٻنڌا ڏيڻ ۽ چَريون کوٽڻ ۾ رڌل هئا ۽ شام جو ٿڪاوٽ سوچن کان آجي ننڊ بـ ڏني پئي پر مهينو گذرڻ تائين ٻيو مينهن نـ پوڻ ۽ گاهه نـ ٿيڻ ڪري ٿريا پريشان آهن جو ٻنيون کيڙڻ لاءِ ناري مان مزدوري تان بـ موٽڻو پيو تـ ٻج،کيڙيون ۽ ٻني جي صفائي وارا خرچ بـ ڳچيءَ ۾ پيا، ايئن ٿو لڳي ڄڻ اهي ڏڪاري ڏاکڙا وري هڪ ڀيرو ٿر جي ماڻهن ۽ مال کي ورائي ويندا.

جيئن جَکن پٺيان مينهن ٿا اچن تيئن سڪار پٺيان ڏڪار بـ ايندا رهن ٿا ۽ سڪار جي ڀيٽ ۾ ڏڪار وڌيڪ رهن ٿا گذريل ٽي سال جي ڏڪار کان پوءِ هيلوڪي سال بـ مينهن نـ پوڻ جا امڪان چٽا آهن ۽ جڏهن بـ ڏڪار واري صورتحال جڙي ٿي ، ادارا فنڊ هٿ ڪن ٿا ۽ خرچ بـ ڪن ٿا. سرڪار عالمي ادارن ۽ وفاق کي اپيلون ڪري امداد جي مد ۾ اڻپورو اَن موڪلي پٽيلن جي پيٽ جي پورائي بـ ڪندي آهي تـ انهن جي ڏن ڀرُو ماڻهن کي بـ ڪجهه پلئه پوي ٿو تـ ڪا اين جي او پاڻي جو ٽينڪر ڪجهه ڳوٺن ۾ پڄائي ڦوٽو ڪڍي ويهي ٿي رهي ۽ ڪن ڳڻائڻ لاءِ ڪي ڪامريڊ گوڙ ڪري اخباري بيان بـ ڏين تـ سرڪار وري انهن جي ڪائونٽر ۾ پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجا ڀڃي ٻـ اڌ ڪيل ڪک بـ ڳڻائي ٿي. ڏڪار جيئن جو تيئن مرحليوار اچن پيا ۽ خرچ بـ هلندو رهي ٿو پر فيلڊ جا کاهوڙي ماڻهو جن خيرپور جي ناري کان کوکڙي پار، کوکڙي کان کينسر ۽ ڏاهلي کان ڏيپلي تائين جن گام گام گس ڪيا سي سمجھن ٿا تـ 70 سالن ۾ ڪيتريون سهولتون ٿرين کي مليون ۽ ڪيترا خرچ ٿرين جي کاتي لکيا ويا. جيڪڏهن ڪي قدر امدادي سرگرميون ٿين بـ ٿيون تـ ان لاءِ ضروري آهي تـ پهرين ڏڪار ڊڪليئر ٿيئي، ان جو وري سرڪاري عمل انتهائي گنجريل آهي. هي سڄو پروسز پورو ٿيندي ٻيو ڏڪار اچي چڪو هوندو آهي. 2013ع ۾ ٿر ڊولپمنٽ اٿارٽي جوڙي وئي جنهن ۾ ڪل 23 ميمبر شامل ڪيا ويا. ٿر جي چونڊيل نمائندن سان گڏ ٿر جي سماجي شخصيتن ڊاڪٽر سونو مل ۽ علي اڪبر راهمون کي شامل ڪيو ويو ۽ صحافتي سٿ مان سينئر صحافي سهيل سانگي ۽ کاٽائو جاني کي پڻ شامل ڪيو ويو. ايڊوڪيسي جي حوالي سان ٿر جي ڪمزور ڀاڱي اڇڙي ٿر مان هڪ بـ نمائندو شامل نـ ڪيو ويو، اتان جي نمائندگي حڪومتي ڌر جي شازيـ مري ڪندي. پر هيل تائين ٿر ڊولپمنٽ اٿارٽي بـ ڪو خاص ٻوٽو نـ ٻاري سگھي آهي.

ٿر جا 21 هين صدي جا ماڻهو اڃا صحت، تعليم توڙي ٻين بنيادي ضرورتن کان وانجھيل آهن. جيڪڏهن سرڪار هميشـ لاءِ ههڙي صورتحال کان بچڻ چاهي ٿي تـ ان لاءِ ضروري آهي تـ ٿر لاءِ ڪا جامع رٿابندي جڙڻ کپي، اهڙي رٿا بندي جنهن ۾ ٿر تي اثر انداز ٿيندڙ هر مسئلي جي حل جو سامان هجي.

September 15 , 2015 (36)

مال متاع، بيماريون ۽ خوراڪ

سنڌ جي اڪانومي ۾ لائيو اسٽاڪ جو اهم ڪردار آهي ۽ انهي مال جو وڏو انگ ٿر سان تعلق رکي ٿو، ٿر جي ماڻهن جو ٻني ٻاري کان وڌ مال متاع تي گذارو آهي. خصوصن اڇڙي ٿر لاءِ تـ عام پهاڪو آهي تـ اڇڙي ٿر جا ماڻهو ٿڻ تي آهن ڪڻ تي ناهن، مطلب پوک نٿي ٿئي مال تي گذارو ڪن ٿا. جڏهن ڏڪار واري صورتحال جڙي ٿي تـ سڀ کان پهرين ننڍي مال مان ” رڍ ” ۽ وڏي مال ۾ ” ڍڳي ” متاثر ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو اهي ٻئي جانور پَٽ جي گاھ تي گذران ڪن ٿا ۽ ڏڪار واري حالت ۾ انهن جي خوراڪ جلدي جواب ڏيو وڃي ۽ پوءِ ڀاڳيا مال بچائڻ لاءِ ، بوھ ، گواتري، اولڙ ڪانن جي ڪتر ، ڪنڊين جي سنک ۽ آخري هيلو ڪندي ٿوهر جي ڪاٺي جي ڪتر بـ چاريندا آهن پر مال کي جيسين گاه نـ ملي سوڌراڻ ئي نـ ٿئي ۽ بيماريون اچيو ڪم کي کڻن. گذريل ڏڪار ۾ هزارين جانور رڳو ڦڦڙي جي بيماري جي ڪري مري ويا انکان سواءِ موڙھ، تيڪ، ڪارو واه ۽ ساماڙو ڪم لاهيو ڇڏي، شهرن کان پري جھنگ ۾ رهندڙ ڀاڳيو تڪڙي علاج بجاءِ نانڍيڪا ڦسرا ڪري ٿو، مثلن مال کي سورڻ، ڏنڀ ڏيڻ، لوڻ اجمو لساڙي پيارڻ ۽ ٻيا انيڪ سارا ٽوٽڪا استعمال ڪري مال بچائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي. هن وقت جڏهن ٿر ۾ مينهن وٺا آهن تـ موجوده صورتحال ۾ ڪچو هريِ ۽ ويقر کائڻ ڪري مال کي هلڪي بيماري وڌيڪ ٿيندي ۽ هن مند ۾ بـ لائيو اسٽاڪ کاتي کي چرپر ۾ هجڻ کپي ڇو جو هن مند ۾ ناري جو مال بـ وڏي تعداد ۾ ايندو آهي ۽ ٻني ٻاري جون جهجهيون مصروفيتون مال جي ننڍين ننڍين بيمارين ڪارڻ ڀاڳئي کي شهر وڃڻ نـ ڏينديون آهن. هن سڄي هڻ وٺ ۾ حڪومت ۽ لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ غير موجود رهن ٿا ۽ ويڪسين لاءِ وٺ پڪڙ تڏهن ڪن ٿا جڏهن بيماري اچي چڪي هوندي آهي ۽ پوءِ غير ضروري ويڪسين ڪري انگ ٺاهيندا آهن. حڪومت کي گھرجي تـ وڻڪاري وڌائڻ ۽ وڻن جي واڍي روڪرائڻ بابت ڪا پاليسي جوڙي ۽ هر ديهه ۾ هڪ ڊاڪٽر مقرر ڪري ۽ بيمارين بابت اڳواٽ آگاهي ۽ وقت تي مال جي ويڪسين ڪرائي وڃي ۽ گڏو گڏ ڏڪاري حالتن ۾ امدادي ڪمن ۾ سڀ کان پهرين مال جي مناسب چاري جو بندوبست ڪيو وڃي. جيئن معصومن ۽ انهن جي مائرن کي مرچن سان ماني کائڻي نـ پوي ۽ کير جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگھجي.

ٿر ۽ پاڻي

ٿر جو اهم ۽ گھڻو اثر انداز ٿيندڙ مسئلو پاڻي جو مسئلو آهي،کوهن جو کارو ۽ وڏي مقدار ۾ سنکئي سان گدلو ٿيل پاڻي انسان توڙي جيت جڻن جي بيمارين، گھٽ عمري توڙي معاشي ڏيوالپڻي جو سبب بڻجي ٿو. ڪن حالتن ۾ تـ اهو زهر آلود پاڻي بـ وڏو سفر ڪري ڀريو وڃي ٿو ۽ ڪافي علائقن ۾ تـ مال ۽ ماڻهن جي موت جو ڪارڻ بـ بڻجي ٿو. ٿر جي ڪجهه شهرن ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ڳوٺن ۾ پاڻي جا پائيپ پهچايا ويا آهن پر 90 سيڪڙو آبادي مجبورن کوهن، ويرين، تس ۽ ڀاڏن جو انتهائي زهريلو پاڻي واپرائي ٿي. اهي سال خوشنصيب هوندا آهن جڏهن مينهن پوندا آهن تڏهن وري تراين، ٽوڀن ۾ جمع ٿيل برساتي پاڻي مال ۽ ماڻهو ساڳي جاءِ تان پيئندا آهن ۽ سيمينٽ ۽ ڦليار جي ليپي سان ٺاهيل ٽانڪلين (ٽانڪين) ۾ رواجي طريقي سان پاڻي اسٽاڪ ڪيو ويندو آهي، جيڪو صرف ناري مان آيل مهمانن، چانهه ڪاڙهڻ ۽ اپريل ۾ جڏهن مال شديد اڃ جي حالت ۾ کوهه جو کارو پاڻي پيئڻ ڪري (وهرجي) مرڻ لڳندو آهي تـ ان کي پيئاري بچائڻ لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن ٿر جي هر ڳوٺ تائين صاف پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائجي تـ ڏڪار دوران هيڏي وڏي انگ ۾ جاني ۽ مالي نقصان نـ ٿئي بلڪـ 60 سيڪڙو ڏڪار جا اثر گھٽجي وڃن.

صحت جون سهولتون

ٿر جي آبادي کي ڏسبو تـ تمام گھڻي وکريل آبادي آهي هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ جو فاصلو نـ صرف گھڻو پر رستا نـ هجڻ ڪري ڏکيو پڻ آهي ۽ سواري جي اڻهوند ۽ غربت ڪري ننڍين وڏين بيمارين تـ ٺهيو پر بلائن جي ڪکيل مريضن کي بـ اسپتال آڻڻ بجاءِ ڳوٺاڻا ٽوٽڪا استعمال ڪري ايستائين مريض کي روڪيو وڃي ٿو جيستائين مريض موت کي ويجھو نٿو ٿئي، عطائي ڊاڪٽرن، حڪيمن ۽ داين جي رحم ڪرم تي ڇڏيل ٿر جي ماڻهن کي پوري ٿر ۾ ڪٿي بـ صحت جي مناسب سهولت ميسر ناهي. حڪومت کي گھرجي تـ هر 300 گھرن تي هڪ بي ايڇ يو ۽ هر 50 گھرن تي هڪ ڊسپينسري قائم ڪري ۽ هر بي ايڇ يو ۾ ويم جي مڪمل سهولت ۽ نانگ کاڌل ماڻهو جي علاج جي سهولت هجڻ گھرجي.

تعليم

تعليم ٿر جو هڪ اهم مسئلو آهي، خاص طور ڇوڪرين جي تعليم جي شرح تمام گھٽ آهي، ڪوالٽي وارن استادن جي اڻاٺ اسڪولن جي کوٽ توڙي غربت ڪري ٿر جي تعليم تمام گھٽ آهي، ٻيو تـ هتي جي ٻولي مارواڙي ۽ ڍاٽڪي هجڻ ڪري اڪثر ٻارن کي سنڌي نصاب جھٽ پٽ سمجهه ۾ نـ اچڻ ڪري والدين پڙهائيِ ڇڏرايو مزدوري تي لڳايو ڇڏين، اسڪول پري هجڻ ڪري ٻارن جي لاءِ ڀٽ ۽ واري جو پنڌ بـ محال آهي خاص طور ڇوڪرين لاءِ تـ ڳوٺ يا ڍاڻي مان نڪرڻ ئي ناممڪن آهي. سرڪار کي گھرجي تـ هر 30 گھرن تي هڪ پرائمري اسڪول، 60 گھرن تي مڊل اسڪول ۽ 400 گھرن تي هڪ هاءِ اسڪول لازم آهي، جيڪڏهن اهي سڀ سور سهي ڪو ٻار انٽر پاس ٿو ڪري تـ اڳتي جي تعليم لاءِ 200 کان 500 ڪلوميٽر پري حيدرآباد رهڻ ٿر جي ٻار لاءِ ڪيترو مشڪل آهي اهو سڀ ڪو سمجھي ٿو، ان لاءِ ٿر جي اها گھرج آهي تـ عمرڪوٽ ۾ هڪ يونيورسٽي قائم ڪئي وڃي.

روڊ رستا ۽ بهتر رابطا ڪاري

جڏهن بـ ٿر جي ڳالهه اچي ٿي تـ ماڻهن جو ڌيان اڳوڻي ٿرپارڪر ۽ هاڻوڪي مٺي ڏانهن وڃي ٿو انهي پاسي جي ايترو نمايان ٿيڻ ۾ اتان جي سول سوسائٽي ۽ چونڊيل نمائندن جو وڏو هٿ آهي. انهيءَ پاسي جي ٿيل روڊ رستن جي بهتر ڪم جي پردي هيٺان سڄو ٿر دٻجي ويو آهي، ڇاڪاڻ جو سڻڀيون ڌريون انهي ئي پاسي گھمڻ بـ وڃن تـ انهن جي سوچ مطابق ٿر آهي ئي صرف مٺي، حڪمرانن بـ گھڻي ڪروڌ کان بچڻ لاءِ مٺي شهر کي ماڊل ٺاهي تاثر اهڙو ڏنو آهي تـ اسان ڪي وڏا ترقياتي ڪم ڪيا آهن پر ٿر ۾ جي ڪجهه اڻپورا روڊ آهن تـ بـ ارباب دور جا، ان کان پوءِ 10 سالن ۾ ڪي بـ نوان ڪم يا ڪيل ڪم جي مرمت ناهي ٿي سگھي.

اڇڙي ٿر يا خيرپور جي ناري تعلقي کان کوکڙي پار تائين ڪٿي بـ روڊ ناهي ۽ کوکڙي پار کان چيلهار ۽ ڏاهلي تائين صرف ڪن چند شهرن تائين روڊ آهن باقي سڀ خير، اڃا تائين ڪيترائي اهڙا علائقا ۽ هزارين ڳوٺ آهن جن تائين پري پري کان روڊ نٿو لنگھي، نتيجي ۾ ڳرا ڀاڙا ۽ صحت توڙي تعليم تائين رسائي مشڪل بڻيل آهي. تازين امدادي ڪاررواين کي ڏسندئو تـ اهو ٻڌي حيرت ٿيندي تـ ڪڻڪ جي هڪ ٻوري جي قيمت کان وڌيڪ ڳوٺن تائين پهچائڻ جو ڀاڙو۽ خرچ ٿئي پيو ان جو ڪارڻ صرف روڊ رستا نـ هجڻ آهي. ان کان سواءِ ڳورهارين عورتن ۽ نانگ کاڌل ماڻهن جي بـ جھٽ پٽ شهرن تائين رسائي نـ هجڻ ڪري اڪثر ڪري فوتگي ٿيو وڃي، سرڪار کي گھرجي تـ غربت گھٽائڻ ۽ ههڙن ڏڪاري ڏاکڙن کي منهن ڏيڻ لاءِ هر ڳوٺ تائين روڊ رستا ٺهرائي.

مستقل روزگار

ٿرجي ماڻهن جو روزگار ٿڻ ۾ هجي يا ڪڻ ۾ پر مستقل ناهي، فصل توڙي مال جي ڀلائي برسات سان لاڳاپيل آهي. ٻنين ۾ هر سال ٻج ڇٽڻ وقت اهو من ۾ ئي نـ هوندو آهي تـ ڪڻ مان ٻـ ڪڻ بـ ٿيندا، ٿر جو سڄو ڪاروهنوار توڪل تي رهيو آهي، نـ وڏاشهر نـ ڪاروباري سرگرميون، نـ ڪي ادارا ۽ نـ نوڪريون. برساتون سٺيون پون تـ ٻنيون ۽ مال نـ تـ ناري جا شهر مزدوريون، لابارا ۽ ڊگھا پنڌ…. هي اهڙو مسئلو آهي جنهن جو اثر هر بنيادي ضرورت تي پوي ٿو، هر ڇهين مهيني عارضي روزگار لاءِ ٿيندڙ لڏپلاڻ جو اثر ٻارن جي تعليم کان وٺي عورتن جي صحت تائين هرطرح سان ٿرين کي گهڻو متاثر ڪري ٿو.

مستقل روزگار نـ هجڻ ئي ڏڪار جي موجوده صورتحال جو سبب آهي ان ڪري ئي گرهوڙي چواڻي تـ؛ “ پاهت جنيئن جا پيڙهئين، سي ماني محتاجا.” حڪومتي ۽ غير حڪومتي ادارن کي گھرجي تـ امداد تي اجايا خرچ ڪرڻ بجاءِ ٿر جي لاءِ ڪي مستقل روزگار جا منصوبا جوڙين، هنري سکيائون ۽ گھريلو صنعت جو بنياد وجھن، ٿر جي ڪورڙ ، مڱ ۽ تِرن کي ٿر مان کڻي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڃي بسڪيٽ ٺاهيا وڃن ٿا. سولر انرجي ۽ ونڊ پاور جو استعمال ڪندي گھريلو ۽ ننڍي سطح تي مشينون هڻي اهڙا بسڪيٽ ٺاهڻ لاءِ ٿر جي ماڻهن کي بـ آماده ڪري سگھجي ٿو. جيڪڏهن منصوبا سازيءَ لاءِ ٿر جي متاثر ماڻهن سان گڏجي ويچاربو تـ اهڙا لک منصوبا نڪري ايندا جنهن مان ٿر جو هر ماڻهو مستفيض ٿي سگھندو پر روايتي طور جيڪڏهن غربت جي خاتمي لاءِ منصوباسازي غربت کان ڪوهين ڏور پري ايئرڪنڊيشنڊ ايوانن ۾ ٿيندي تـ فرق نـ پوندو پر ابتو نقصان ئي ٿيندا.

مٿي بيان ڪيل رخن تي عمل ڪري ٿر کي ڏڪار کان بچائي نـ سهي پر ڏڪار جا پوندڙ اثر گھڻي قدر گھٽائي سگھجن ٿا.

shamsmangrio@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو