Home / اسپيشل افيئر / 2015ع کان پوءِ ترقيءَ جي عالمي ايجنڊا
above article banner

2015ع کان پوءِ ترقيءَ جي عالمي ايجنڊا

Nasir Panhwarسيپٽمبر جي آخر ۾ نيويارڪ ۾ ٿيندڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ عالمي قيادت پاران پائيدار ترقيءَ جي هدف (SDGs) جي منظوري ڏني پئي وڃي، انهن هدفن ذريعي ايندڙ 15 سالن لاءِ معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي ترقيءَ لاءِ هڪ ڍانچو ڏنو پيو وڃي. 2015ع کان پوءِ جي ترقيءَ بابت عالمي ايجنڊا ۾ پائيدار ترقيءَ جي اصولن کي شامل ڪرڻ کان پوءِ عالمي ترقي جو منظر تبديل ٿي سگهي ٿو. هن ايجنڊا جا ٻه اهم ۽ بنيادي مقصد هوندا، هڪ ته غربت کي گهٽائڻ ۽ ٻيو ملينيم ڊيولپمينٽ گولس (ايم ڊي جيز) جي اڻ مڪمل ايجنڊا کي مڪمل ڪرڻ. هيءَ نئين ايجنڊا نه رڳو غربت کي گهٽائڻ لاءِ اهم ثابت ٿيندي پر عالمي ترقيءَ جي ڍانچي ۾ پائيدار ترقي جي ٽن عنصرن، معاشي، سماجي ۽ ماحولياتي عنصرن کي شامل ڪندي.جيتوڻيڪ ايم ڊي جيز دنيا جي غريب ماڻهن جي ضرورتن جي پورائي لاءِ اهم خاڪو ڏنو پر ان جي باوجود ڪيترا بنيادي مسئلا ختم نه ٿي سگهيا. ترقيءَ جي نئين ايجنڊا گهربل نتيجا تڏهن ئي ڏئي سگهي ٿي جڏهن ملڪن جي هڪ ٻئي تي وڌندڙ دارو مدار کي اهميت ڏني وڃي، جنهن سان هڪ پاسي ترقيءَ جا ڪيترائي شاندار موقعا مليا آهن ته ٻئي پاسي دنيا جي آباديءَ جو وڏو حصو عالمگيريت جي لهر مان پيدا ٿيل فائدن کان محروم آهي. ن سان گڏوگڏ هن وقت دنيا خوراڪ، توانائي، صحت، ماحولياتي ۽ مالي بحرانن مان گذري رهي آهي، جنهن سان ڪيترائي ملڪ متاثر ٿيا آهن.

ماحولياتي پائيداري جي اصولن کي ترقي جي ترجيحن جهڙوڪ غربت گهٽائڻ، صحت، توانائي، پائيدار روزگار، خوراڪ ۽ پاڻي جي وسيلن سان مربوط ڪرڻ سان ترقيءَ جي عمل ۾ بنيادي تبديليون آڻي سگهجن ٿيون. انساني ۽ ماحولياتي ترقي، خاص ڪري غربت ۽ ماحول جي وچ ۾ تعلق کي هاڻي چڱي طرح سان نه رڳو سمجهيو پيو وڃي پر ان کي اهميت به ڏني پئي وڃي. غربت ۽ ماحول جي تعلق کي گهڻن رخن کان ڏسڻ جي ضرورت آهي، خاص ڪري غريب ماڻهن جي جياپي ۽ خوشحالي لاءِ گهربل وسيلن کي ڪڏهن به وسارڻ نه گهرجي.

September 15 , 2015 (40)

اهو بهرحال اڃا تائين هڪ اهم چئلينج آهي ته ماحولياتي پائيداري ذريعي غريب ماڻهن جي زندگين کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪهڙا عملي قدم کنيا وڃن ته جيئن غريب ماڻهن جي بنيادي ضرورتن خوراڪ، پاڻي، توانائي، تعليم، صحت، صفائي، رهڻ لاءِ گهر ۽ تحفظ جو پورائو ماحوليات جي لحاظ کان پائيدار طريقي سان ٿي سگهي. غربت جو خاتمو، ماحولياتي پائيداري لاءِ بنيادي شرط ناهي پر اهو ضروري آهي ٻنهي جي لاءِ هڪ ئي وقت گڏيل ڪوششون ڪيون وڃن. اڪثر ڪري اهو ڏٺو ويو آهي ته اهي پاليسيون توڙي منصوبا جيڪي غريبن جي تڪڙين ضرورتن جي پورائي لاءِ شروع ڪيا ويندا آهن، اهي ماحوليات تي پوندڙ منفي اثرن کي گهٽائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. اهڙي روش سان ترقي غير پائيدار ثابت ٿئي ٿي.

جيتوڻيڪ غربت ماڻهن کي مجبور ڪري ٿي ته اهي اهڙا قدم کڻن جنهن سان قدرتي وسيلن ۽ ماحول تي دٻاءُ وڌي پر اهو چوڻ ته غربت ئي ماحول کي تباهه ڪري ٿي سو صحيح نه ٿيندو. اهڙا ڪيترائي مثال ملن ٿا جنهن سان غريب ماڻهن ماحولياتي پائيداري هڪ ڏاهپ توڙي ٽيڪنالاجي سان ممڪن بڻايو آهي.

ماحولياتي تباهي سان غريب وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ معاشي اڻبرابريون وڌن ٿيون. مثال طور غريب ماڻهن جو گرين هائوس گئسن جي نيڪال ۾ تمام گهٽ حصو آهي پر موسمي تبديلين جي نتيجي ۾ غريب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿئي ٿو. آباديءَ ۾ واڌ سان گڏ ماڻهن جي شهرن ڏانهن لڏپلاڻ به غربت ۾ واڌ، ماحولياتي تباهي ۽ غير صحتمند رهڻي ڪهڻي جي رجحان ۾ اضافي جو سبب بڻيا آهن.

2050ع تائين دنيا جي هڪ ڀاڱي ٽي حصو آبادي شهرن ۾ رهندي. تنهن جي ڪري اهو ضروري آهي ته 2015ع کان پوءِ جي ترقي واري ايجنڊا اهو يقيني بڻائي ته پائيدار ۽ صحتمند شهرن ۾ ڪچين آبادين جي حالت کي بهتر ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. ان سان گڏ جن ٻين عنصرن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي تن ۾ پائيدار ٽرانسپورٽ ۽ صحتمند شهرن لاءِ صاف هوا ۽ سبز علائقن جي لاءِ زمين بچائڻ شامل آهي.

ساڳي طرح پائيدار زراعت ۽ خوراڪ جو تحفظ 2015ع کان پوءِ جي ترقيءَ لاءِ اهم چئلينج طور سامهون آيا آهن. خوراڪ جو بحران ان ڪري به شدت اختيار ڪندو ته هڪ پاسي دنيا جي آباديءَ ۾ واڌ ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي في ڪس خوراڪ جي ضرورتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.

خوراڪ جي پئداوار اڪثر ڪري ماحول کي تباهه ڪري حاصل ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان جر جو پاڻي ختم ٿي وڃي ٿو، مٽيءَ جي زرخيزي متاثر ٿئي ٿي، گرين هائوس گئسن جو اخراج وڌي ٿو، ڪيميائي ڀاڻ ۽ زرعي دوائن جو استعمال گدلاڻ ۾ اضافو ڪري ٿو، جهنگلي جيوت جا ماڳ ۽ مختلف جيوت متاثر ٿين ٿا.

هن وقت دنيا ۾ ايتري خوراڪ پيدا ٿئي پئي جنهن سان ڌرتيءَ تي موجود ست ارب ماڻهن جي خوراڪ جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهجي ٿو پر ڪيتري خوراڪ ضايع ٿي وڃي ٿي ۽ ورهاست اڻبرابر آهي.

اهي چئلينج اهڙا آهن جن ڏانهن تڪڙي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ۽ اهڙي پائيدار زراعت کي هٿي ڏيارڻ گهرجي جنهن سان ماحول ۽ فطري وسيلا متاثر نه ٿين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو