Home / اسپيشل افيئر / 8 آڪٽوبرسانحو: بالاڪوٽ موتمار زلزلو، جنهن ۾ 73 هزار ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا!
above article banner

8 آڪٽوبرسانحو: بالاڪوٽ موتمار زلزلو، جنهن ۾ 73 هزار ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا!

Naseer Memon8-آڪٽوبر 2005ع تي ملڪ جي اترين علائقن ۾ آيل زلزلي جون دل ڏاريندڙ يادون اڄ به ياد ڪري ماڻهو لرزي وڃي ٿو، 10 ورهيه اڳ پيش آيل اهو المناڪ واقعو اڄ به ياد ڪري اهي لکين دليون دهلجي ٿيون وڃن جن جا پيارا ان واقعي جو شڪار ٿيا هئا.

اهو زلزلو 7.6 ريڪٽر اسڪيل جو هو، جيڪو هماليه خطي جي اترين پاڪستاني علائقن ۽ ڪشمير ۾ آيو هو. زلزلي کان پوءِ به متاثر علائقن ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار زلزلي جا جهٽڪا آيا هئا، ان زلزلي جو مرڪز مظفر آباد کان 19 ڪلوميٽر اتر-اتر اوڀر ۾ هو. مذڪوره زلزلي ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقن ۾ مظفر آباد، نيلم ماٿري، باغ، پونڇ، شانگلا، ايبٽ آباد، مانسهره، بٽگرام، بالاڪوٽ، اَلائي، بشام ۽ ڪوهستان شامل هئا. ان زلزلي ۾ سرڪاري پڌرائي موجب 73،350 ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا، جڏهن ته هڪ لک 38 هزار ماڻهو زخمي ٿيا ۽ 3.5 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، جڏهن ته 2.8 ملين ماڻهو بي گهر پڻ ٿيا هئا.

انگن اکرن موجب زلزلي سبب ڊٺل عمارتن جي ڪري 19 هزار ٻار دٻجي مري ويا. ان زلزلي 5 لک کان وڌيڪ ڪٽنبن کي سخت متاثر ڪيو. زلزلي سبب مجموعي طرح 30 هزار ڪلوميٽر علائقو متاثر ٿيو، جنهن ۾ ٿيل نقصان جو ڪاٿو ڪرڻ به مشڪل آهي. ان تباهي سبب لڳ ڀڳ 3 لک گهر تباهه ٿي ويا، ان کان سواءِ 782 اسپتالون، 8926 اسڪول ۽ ڪاليج پڻ تباهه ٿي ويا هئا. نه وسارڻ کپي ته زلزلي سبب آيل تباهي جي ڪري تباهه ٿيل 90 سيڪڙو گهر ٻهراڙي وارن علائقن ۾ واقع هئا، ٿيل نقصان هڪ ڪاٿي موجب 5.2 بلين ڊالرز جي برابر هو، جنهن ۾ ترت امداد، ماڻهن جا موت، زخمين جو علاج، ايمرجنسي ميڊيڪل جون سهولتون، نئين سر تعمير ۽ گذر سفر جا وسيلا بحال ڪرڻ جا خرچ شامل آهن.

Sep-30-2015    22

اهو نه وسارڻ کپي ته هن زلزلي اهو ثابت ڪيو ته ايڏي وڏي تباهي پٺيان انساني فيڪٽر جو هٿ هو. اهڙا مثال ڪيترن ئي واقعن مان پڻ ملن ٿا ته انسان ئي قدرتي آفتن کي تباهين ۾ تبديل ڪيو آهي.

مذڪوره زلزلي کان پوءِ ٿيل ڪيترين ئي اسٽڊيز جنهن ۾ عمارتن ۽ ٻين سرڪاري عمارتن جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته عمارتون غير معياري ٺهيل هيون ۽ انهن جو قدرتي آفتن، زلزلي کي منهن ڏيڻ جهڙو اسٽرڪچر ئي ٺهيل نه هو، جڏهن ته ڪيتريون ئي عمارتون ماحولياتي لحاظ کان زلزلي واري زون ۾ ٺهيل هيون. هن علائقي ۾ زلزلا ماضي ۾ به ايندا رهيا آهن، ان ڪري علائقو زلزلن جي تاريخ رکي ٿو. ان ڪري اتي ٿيل اڏاوتن کي ڳري اسٽرڪچر بدران ديسي هلڪي ڪاٺ، يا مٽيريل سان تعمير ڪيو وڃي ها ته امڪان هو ته گهٽ نقصان ٿئي ها.

حقيقت ۾ نام نهاد جديد تعميراتي اسٽرڪچر ناڪام ٿي چڪو آهي، جڏهن ته روايتي تعميراتي اسٽرڪچر يا اڏاوت ان جي ڀيٽ ۾ گهٽ نقصانڪار ثابت ٿيو آهي، ماڊرن آر سي سي اسٽرڪچر ثابت ٿي ويو آهي ته روايتي هلڪي ڦلڪي اسٽرڪچر جي ڀيٽ ۾ موتمار آهي. ٻهراڙين ۾ عام طور تي ڪاٺ جي لڪڙن، گاري گپ ۽ ڪچين سرن سان اڏاوتون ڪيون وينديون آهن جيڪي گهٽ خرچ واريون ۽ گهٽ نقصانڪار پڻ آهن، خاص طور اهڙيون اڏاوتون قدرتي تباهڪارين ۾ ڪافي فائديمند ثابت ٿين ٿيون.

زلزلي کان پوءِ نئين سر بحالي جي ڪم ۾ اَرٿ ڪوئڪ ري ڪنسٽرڪشن اينڊ ريهبليٽيشن اٿارٽي (ايرا) مذڪوره علائقن ۾ رِسڪ گهٽائڻ وارين ٽيڪنڪس تي ڪم ڪيو، مقامي ڪاريگر ۽ مزدور تيار ڪيا ويا جن روايتي گهر اڏيا. زلزلي کان پوءِ تعميراتي ڪم جي ٽيڪنڪ مڪمل ريسرچ جي گهرجائو آهي. بهرحال زلزلي کان پوءِ حاصل ڪيل سبق ۽ فني تربيت يقيني طور مستقبل ۾ اهڙي قسم جي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪارائتا ٿي سگهن ٿا.

پرڏيهي ليکڪن جتيندرا ڪي بوٿرا ۽ Kablay Mo Hi,yilmaz جي لکيل ڪتاب “Genral observation of Building behaviour during the 8 th october 2005 pakistan Earthquake” ۾ واضح طور تي عمارتن جي خراب اڏاوت کي تباهي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي.

هونئن به پاڪستان جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ تعميرات سان لاڳاپيل صنعت ڪنهن به قانون جي پوئواري نٿي ڪري. جڏهن ته شهرن ۾ تعمير ٿيندڙ عمارتون بنهه غير معياري تعمير ڪيون وڃن ٿيون، جيڪي يا ته انفرادي طرح ٺاهيون وڃن ٿيون يا وري ٺيڪيدار تعمير ڪن ٿا. عام طور تي ڪرپشن، نظراندازي، پئسا بچائڻ جي ڪوشش ۽ وڌيڪ پئسا ڪمائڻ جي هٻڇ سبب به غير معياري مٽيريل سان عمارتون تعمير ڪيون وڃن ٿيون. جڏهن ته شهرن ۾ عمارتن جي واڌ جو سبب زمينن جون مهانگيون قيمتون پڻ آهن. وڏيون وڏيون عمارتون بنا ڪنهن زميني چڪاس، مضبوط بنياد ۽ ان تي پوندڙ وزن جو معائنو ڪرائڻ کان سواءِ ئي ٺاهيون وڃن ٿيون.

بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيون عام طور بلڊرز سان مليل هونديون آهن ۽ اهي ساڻن ساز باز ڪري هر انچ تي پئسا وٺنديون آهن. ملڪ جي شهري علائقن جي تعميراتي ڪم ۾ اها روش عام آهي. تجربو اهو ٿو ٻڌائي ته ڪڏهن به تعميراتي ڪوڊ، انجنيئرن ۽ رازن جي مهارت کي مدنظر رکڻ بدران ڪرپشن کي اصول بڻايو ويو آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ جديد طرز تعمير هڪ ناڪام تجربو ثابت ٿي چڪي آهي.

ياد رهي ته ملڪ جي راڄڌاني اسلام آباد به ان ناقص طرز تعمير کان محفوظ ناهي، 2005ع ۾ زلزلي سبب اسلام آباد جو مارگلا ٽاور پَٽ پئجي ويو هو، حالانڪه زلزلو سائيٽ کان 100 ڪلوميٽر پري آيو هو. اهڙي طرح شهر جو هڪ ٻيو مهانگو ٽاور ڊريم هائوسنگ پڻ ناقص تعميرات جو نمونو ثابت ٿيو. بلڊر هر شيءِ کي پنهنجي فائدي ۾ استعمال ڪري سوڙهي گهٽيءَ مان نڪري وڃي ٿو پوءِ پوئتي ان جي سار سنڀال ڪرڻ وارا ذميوار قرار ڏنا وڃن ٿا. اهڙيون حقيقتون تڏهن منظر عام تي آيون جڏهن وفاقي راڄڌاني ۾ زلزلو آيو، جنهن گهڻن جي پت وائکي ڪري ڇڏي، جنهن مان اهو پڻ ثابت ٿي ويو ته وفاقي گادي وارو شهر تعميراتي لحاظ کان ڪيترو غير محفوظ آهي.

ڪراچي، حيدرآباد، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۽ ملتان ۾ اهڙا موتمار ٽاور ته آسمان کي ڇُهن ٿا. اهي ناقص تعمير ٿيل عمارتون ڪنهن به زلزلي اچڻ سبب وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، جڏهن ته ڪراچي ۽ ڪوئيٽا فالٽ لائن زون ۾ آهن، جتي زلزلو اچڻ جي صورت ۾ تمام گهڻو انساني نقصان ٿي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪراچي سونامي جهڙن سامونڊي طوفانن جي پڻ پٽي ۾ آهي.

اهڙن وڏن حادثن ۾ فقط ان صورت ۾ ئي وڌ مان وڌ نقصانن کان بچي سگهجي ٿو، جڏهن تعميراتي قانونن تي مڪمل ريت عمل ڪيو وڃي، قانون ٺاهڻ ۽ متعارف ڪرائڻ سان رِسڪ نٿا گهٽائي سگهجن بلڪه اختيارين کي نه رڳو اهي چڱي ريت لاڳو ڪرڻ گهرجن بلڪه انهن جي مانيٽرنگ به ٿيڻ گهرجي.

پاڪستان جو زمين جي استعمال & رٿابندي ۾ پرائيويٽ هائوسنگ جي حوالي سان ڪو سٺو رڪارڊ ناهي. قانون تي عمل ڪندڙ ڪرپٽ اختياريون نه رڳو نااهل آهن بلڪه اهي پنهنجا ٻيا مفاد حاصل ڪري ان مامري کي اڃا به بگاڙي رهيون آهن. ساڳي وقت اهو سڀ ڪجهه اختيارين ۽ بلڊر مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏڻ سان معاملا سڌا نه ٿيندا، جيڪڏهن ماضي درست نه ڪيو ويندو ته مستقبل کي خوشحالي جي ڍانچي ۾ آڻڻ مشڪل هوندو.

(مختصر ڪيل)

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو