Home / بريڪنگ نيوز / اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو
above article banner

اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

Photo_8089اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو،چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا محمد جو چوڻ آهي ته امن امان برقرار رکڻ صوبائي حڪومتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري آهي. سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي بابت چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا محمد جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ دفاعي سيڪريٽري،ٻنهي صوبن جي چيف ۽ گهرو سيڪريٽريز، آءِ جـيز توڙي ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مڪاني چونڊن دوران سڪيورٽي معاملن کي قطعي شڪل ڏيڻ سان گڏ فوج جي مقرري بابت پڻ غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران ٻنهي صوبن جي آءِ جـِيز حساس ترين پولنگ اسٽيشنز بابت بريفنگ پڻ ڏني. اليڪشن ڪميشن جي ڊي جي ايڊمن اجلاس کي ٻڌايو ته آر اوز ۽ ڊي آر اوز طرفان فوج جي مقرري جون درخواستون مليون آهن. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز جي سڪيورٽي وڌائي ويندي. سردار رضا محمد چيو ته حساس ۽ انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنز تي پوليس سان گڏ رينجرز ۽ فوج کي به مقرر ڪيو ويندو. هن چيو ته آرٽيڪل 220 تحت اليڪشن ڪميشن سان سهڪار سمورن ادارن جو فرض آهي، امن امان جي ذميواري صوبائي حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا محمد هدايت ڪئي ته پولنگ اسٽاف ۽ ووٽرن جي سڪيورٽي کي به يقيني بڻايو وڃي..

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو