Home / بريڪنگ نيوز / ايڪشن پلان بابت گڏيل پارليامينٽ اجلاس جي تجويز، سرڪاري ماڻهو دهشتگردن جي حمايت پيا ڪن: سينيٽ ۾ بحث
above article banner

ايڪشن پلان بابت گڏيل پارليامينٽ اجلاس جي تجويز، سرڪاري ماڻهو دهشتگردن جي حمايت پيا ڪن: سينيٽ ۾ بحث

 سينيٽرن چيو آهي ته آئين ۾ بنيادي اصولن تي عمل ٿيڻ گهرجي، سينيٽ اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت هيٺ ٿيو، سينيٽ چيئرمين ڏياري تي هندن کي واڌايون ڏيندي چيو ته بيورو ڪريسي ايڪشن پلان تي عمل ۾ رنڊڪون پئي وجهي. سينيٽ ۾ قائد ايوان راجا ظفرالحق فيصل آباد ۾ عيسائي ڇوڪريءَ سان ناروا سلوڪ بابت شروعاتي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي. ڪالهه اربع ڏينهن راجا ظفرالحق ايوان کي ٻڌايو ته هن فيصل آباد ۾ عيسائي ڇوڪريءَ سان ناروا سلوڪ تي صوبائي وزير رانا مشهود سان رابطو ڪيو آهي. ان پاران ٻڌايل شروعاتي رپورٽ موجب اسڪول جي ٽئين درجي جي ٻن شاگردياڻين جي وچ ۾ جهيڙو ٿيو جنهن کانپوءِ هڪ ڇوڪري ٻي کي واش روم ۾ بند ڪري ڇڏيو. ڄاڻايل اسڪول جي هيڊ ماسترياڻي جو ان واقعي سان ڪو تعلق نه آهي. مون شروعاتي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي تعليم واري وزير کي اي ڊي او کي ڄاڻايل اسڪول موڪلي ان واقعي جي جاچ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. سينيٽ ۾ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندڙ ميمبرن چيو آهي ته آئين ۾ ڏنل پرنسپلز آف پاليسي جي بنيادي اصولن تي عمل ٿيڻ گهرجي، حڪومت کي ان حوالي سان قدمن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران پرنسپلز آف پاليسي جي بنيادي اصولن جي تعميل ۽ عملدرآمد بابت 13 – 2012ع جي سالياني رپورٽ جيڪا چار نومبر 2015ع تي ايوان ۾ پيش ڪئي وئي، ان کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي مشاهد حسين سيد چيو ته اسلامي دنيا سان لاڳاپا مضبوط بڻائڻ پاليسي جي بنيادي اصولن مان ٿي رهيا آهن، پاڪستان جي اسلامي دنيا سان لاڳاپا اسان جي رشتن جي هڪ ڊگهي تاريخ آهي. اقليتن جي برابري جا حق به اسان جي پاليسي جي بنيادي اصولن مان آهن. هن چيو ته ڀارت عرب اسلامي ملڪن جي حمايت سان انساني حقن جي ڪائونسل جو ميمبر ٿيڻ چاهي ٿو. سينيٽر ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم چيو ته جيڪا رپورٽ 15 – 2014ع جي آهي اها هاڻي ايوان پيش ڪئي پئي وڃي. بلوچستان مان به هاڻي ماڻهو فوج ۾ شامل ٿي رهيا آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، فرحت الله بابر چيو ته 15 – 2014ع جي رپورٽ به ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي. موجوده حالتن ۾ عالمي امن کي سڀ کان وڏو خطرو اسٽيٽ ايڪٽرز مان آهي. اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکي دهشتگرن جي حمايت کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اڃا به اهڙيون تنظيمون آهن جيڪي پابندي کانپوءِ ٻيهر متحرڪ آهن ۽ انهن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، رياستي مشينري ۾ اهڙا ماڻهو آهن جيڪي دهشتگردن جي هڪ طبقي جي حمايت ڪري رهيا آهن، جيڪو پرنسپلز آف پاليسي جي بنيادي اصولن ۽ آرٽيڪل 40 جي نفي آهي. پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز چيو ته ان حوالي سان ڊان جي رپورٽ پري ميچوئر آهي ۽ صحيح نه آهي. مختلف تجويزون آيون هيون، وزيراعظم ميمبرن جي هڪ ڪميٽي ٺاهي هئي جنهن رپورٽ ڏني ته ان عمارت کي وڪرو نه ڪيو وڃي ٻين آپشنز تي غور ڪيو وڃي، ان جي لاءِ في الحال ان کي وڪرو ڪرڻ جو ڪو فيصلو ناهي ٿيو. سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني حڪومت کي تجويز ڏني آهي ته هو پرڏيهي پاليسي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي تفصيلي بريفنگ ۽ بحث جي لاءِ سينيٽ يا پارليامينٽ جو ان ڪئميرا اجلاس گهرائي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پنهنجي عهدي جي حلف کي نظر ۾ رکندي آئون حڪومت کي تجويز ڏيڻ چاهيان ٿو ته سينيٽ يا پارليامينٽ جو ان ڪئميره سيشن گهرائي ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ۽ نيشنل ايڪشن پلان تي تفصيلي بريفنگ ۽ بحث ڪيو وڃي، پارليامينٽ ان جي لاءِ هوندي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو