Home / بريڪنگ نيوز / جنگي منظرن سان ڀرپور هالي ووڊ فلم وار ڪرافٽ جو نئون ٽريلر جاري
above article banner

جنگي منظرن سان ڀرپور هالي ووڊ فلم وار ڪرافٽ جو نئون ٽريلر جاري

جنگي منظرن سان ڀرپور هالي ووڊ جي فلم وار ڪرافٽ جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي،جنهن ۾ هڪ پرامن بادشاهت کي پنهنجي بقا جي جنگ وڙهڻي پئي ٿي. فلم وار ڪرافٽ جنگي منظرن سان ڀرپور آهي،جنهن ۾ پرامن ازيروٿ جي بادشاهت کي حملي آورن سان جنگ جوٽيندي ڏيکاريو ويو آهي. فلم ۾ اهي هيروز جيڪي پنهنجي ديس جا محافظ هوندا آهن، کين پنهنجا مورچا سنڀالڻا پوندا آهن. فلم ۾ ٻن تهذيبن جي فوج کي مهاڏو اٽڪائيندي ڏيکاريو ويو آهي،جنهن ۾ هر ماڻهو کي ويڙهه ۾ حصو وٺي ماترڀوميءَ جي تحفظ جو ثبوت ڏيڻو پوندو آهي. فلم وار ڪرافٽ لارڊ آف دي رنگز جي ڪهاڻيءَ سان ٺهڪندڙ آهي، جيڪا 10 جون 2016 تي سڄي دنيا جي سينيما گهرن ۾ رليز ٿيندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو