Home / بريڪنگ نيوز / جهڙو آپريشن ٿئي پيو اهڙي ئي بهتر حڪمراني هئڻ گهرجي: آرمي چيف
above article banner

جهڙو آپريشن ٿئي پيو اهڙي ئي بهتر حڪمراني هئڻ گهرجي: آرمي چيف

چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف ملڪ اندر دهشتگردن ۽ انتهاپسندن خلاف جاري آپريشن، شرپسندن خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ۾ ٿيل اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي دهشتگردي ۽ شدت پسندي کان پاڪ ڪرڻ لاءِ قوم جي حمايت واکاڻ جوڳو عمل آهي. هن اهڙو اظهار اڱاري ڏينهن جنرل هيڊڪوارٽر راولپنڊي ۾ منعقد ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. آرمي چيف آپريشن جا ڊگهي مدي تائين فائدا ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جي ئي حڪومتي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري  ڪيل پڌرائي مطابق ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد، فاٽا ۾ سڌارن، ملڪ جي اندروني سلامتي واري صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ سمورين جاري جوائنٽ انٽروگيشن رپورٽس ترجيحي بنياد تي مڪمل ڪرڻ تي زور ڀريو ويو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فاٽا جي آپريشن متاثر ڪٽنبن جي پنهنجن علائقن ڏانهن واپسي جو عمل تيز ڪرڻ تي زور ڀريو ويو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ آرمي چيف جي آمريڪا جي رٿيل دوري تي پڻ ويچار ڪيو ويو، جنهن ۾ هو موجوده بدلجندڙ صورتحال ۾ پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪندو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ هلندڙ آپريشنن کي تيز ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو، آرمي چيف جنرل راحيل شريف آپريشنن ۾ ڪاميابي تي خوشي جو اظهار به ڪيو. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني سيڪيورٽي جي معاملن تي به غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ آئي ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان مطابق، اجلاس ۾ خطاب ڪندي آرمي چيف جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي خلاف ويڙهه ۾ پوري قوم جي حمايت حاصل آهي. قوم جي تعاون سان دهشتگردي جي خاتمي طرف وڌي رهيا آهيون، سندس چوڻ هو ته بهتر نتيجن لاءِ قوم ۾ اتحاد ۽ سٺي حڪمراني جي ضرورت آهي. ملڪ ۾ امن امان جي لاءِ وڏي عرصي لاءِ پاليسيون ٺاهڻ گهرجن، آرمي چيف جو چوڻ هو ته ”جي آءِ ٽي“ رپورٽون تڪڙيون ۽ ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيون وڃن، جيڪڏهن انهن کي پورو نه ڪيو ويو ته ملڪ ۾ هلندڙ آپريشن متاثر ٿيندو. آرمي چيف اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن کي سعودي عرب جي دوري بابت اعتماد ۾ ورتو، آپريشن سبب بي گهر ٿيل قبائلين کي پنهنجن گهرن ڏانهن واپسي تي به ڳالهايو ويو. آرمي چيف چيو ته جٽادار ڪاميابي لاءِ حڪومتي قدم گڏوگڏ ضروري آهن. آپريشن جي مناسبت سان بهتر گورننس جي ضرورت آهي. دهشتگردي خلاف عوامي سهڪار ساراهه جوڳو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم فوج سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته فاٽا سڌارا جلد کان جلد لاڳو ٿيڻ گهرجن، قوم جي مدد سان دهشتگردي خلاف آپريشن جاري رهندو. نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جاري آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو