Home / بريڪنگ نيوز / حيدرآباد ۾ ڀڳت ڪنور رام ميڊيڪل ڪامپليڪس ٺاهڻ جو اعلان: هندن تي ظلم ڪندڙ مسلمانن خلاف ڪارروائي ڪنداسين: نواز شريف
above article banner

حيدرآباد ۾ ڀڳت ڪنور رام ميڊيڪل ڪامپليڪس ٺاهڻ جو اعلان: هندن تي ظلم ڪندڙ مسلمانن خلاف ڪارروائي ڪنداسين: نواز شريف

PM-CM-at-Karachiاعظم ميان نواز شريف حيدرآباد ۾ ڀڳت ڪنور رام ميڊيڪل ڪامپليڪس ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسلام سميت سمور ا مذهب مظلوم جو ساٿ ڏيڻ ۽ ظالم خلاف  ٿي بيهڻ جو درست ڏين ٿا، سرڪار مظلوم سان  گڏ ۽ ظالم جي خلاف آهي ،پاڪستان ۾ رهندڙ هر شخص کي هڪ جهڙا حق حاصل آهن ، مان ڪنهن هڪ جو ناهيان مان سڀن جو وزير اعظم آهيان ۽ يقين ڏياريان ٿو ته ظلم جي خلاف قدم کڻندس ۽مظلومن جو هميشه ساٿ ڏيندس،قوم ۾ اتحاد ۽ ٻڌي پيدا ڪرڻ منهنجو مشن آهي، اقليتي برادري پاڪستان جو حصو آهي انهن جي حقن جو تحفظ ڪنداسين ،اقليتي برادري ٻين مذهبن جي ماڻهن کي به پنهنجي مذهبي ڏينهن ۾ شريڪ ڪري ته جيئن بين المذهبي رواداري پيدا ٿئي ،جيڪڏهن اسان  هڪ ٻئي جا ڏک ونڊينداسين ۽ خوشين ۾ شرڪت ڪنداسين ته ان سان ڀائيچارو وڌندو،ملڪ ترقي جي رستي تي هلڻ شروع ڪندو ، اهڙن خيالن جو اظهارهن ڪالُهه مقامي هوٽل ۾ مسلم ليگ ن جي اقليتي ونگ طرفان ڏياري واري تقريب کي  خطاب ڪندي ڪيو ، ان موقعي تي سنڌ جو گورنر ڊاڪٽرعشرت العباد ، سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاھ ، بچاءُ وارو وفاقي وزير  خواجه آصف ، سينيٽر مشاهدالله خان ، سنڌ جو اقليتي معاملن وارو وزير گيان چند ايسراڻي ،  مسلم ليگ ن سنڌ جو صدر محمد اسماعيل راهو، سيڪريٽري جنرل نهال هاشمي ، سينيئر نائب صدر شاھ محمد شاھ ،کيئل داس ڪوهستاني ،ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي سميت ٻيا پڻ موجود هيا.وزير اعظم جي پروگرام ۾ پهچڻ تي هندو برادري جي ماڻهن  وڏي جوش ۽ والهاڻو استقبال ڪيو.وزير اعظم جي حق ۾ نعره پڻ هنيا ويا. ان موقعي تي  وزير اعظم ڏياري جي ڏينهن جون مبارڪون ڏنيون . هن چيو ته اڄ هندو برداري پنهنجو مذهبي ڏينهن ملهائي رهي آهي ، مون کي  اوهان کان هڪ شڪايت  آهي ته اوهان مون کي پنهنجن خوشين ۾ ڇو نٿا سڏيو، اڄ اوهان سڏ ڪيو مان اوهان جي خوشين ۾ شامل آهيان . مان چاهيان ٿو ته مون کي اوهان هولي ۾ به گھرايو ۽ مون کي به رنگ لڳايو ،اهي رنگ محبت جي علامت آهن ، دنيا جو ڪو به مذهب مظلوم ۽ ڪمزور تي ظلم ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي ، اسلام سيمت سمورا مذهب مظلوم جو ساٿ ڏيڻ ۽ ظالم خلاف ٿي بيهڻ جو درست ڏين ٿا ،وزير اعظم چيو ته اسان عهد ٿا ڪريون ته اقليتي برادري جو تحفظ ڪنداسين،ملڪ رهندڙ هر شخص کي هڪ جهڙا ۽ برابر حق ڏيارينداسين،   ان موقعي تي وزير اعظم گوردوارا ننڪانه صاحب جي مرمت ڪرائڻ ۽ حيدر آباد ۾ ڀڳت ڪنور  رام ميڊيڪل ڪمپليڪس اڏڻ جو اعلان ڪيو ، وزير اعظم چيو ته مان ۽ وزير اعليٰ سيد قائم علي شاھ گڏ ان ڪامپليڪس جو افتتاح ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته هندن تي ظلم ڪندڙ جيڪڏهن مسلمان به هوندو ته ان خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. پاڪستان ۾ اقليتي برادري جي حقن جو مڪمل تحفظ ڪيو ويندو، جيڪڏهن ڪو مسلمان هندوءَ سان ظلم ڪندو ته مظلوم هندو جو ساٿ ڏيندس،  ان کان اڳ وزيراعظم نواز شريف، هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهتو، جتي ايئرپورٽ تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سندس آجيان ڪئي. وزيراعظم نواز شريف، ان کانپوءِ پاڪ نيوي جي جنگي مشق سي اسپارڪ 2015ع جو معائنو ڪيو،جتي کيس تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. نواز شريف اونهي سمنڊ ۾ پاڪ نيوي جي جنگي مشقن ۽ ٻين فوجن سان رابطن توڙي گڏيل آپريشنل صلاحيتن جو مشاهدو به ڪيو. هن چيو ته ملڪ جي لاءِ اقليتن ۽ هندو برادري جون وڏيون خدمتون آهن جن پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ ئي اسپتالون ۽ فلاحي ادارا قائم ڪيا، راندين، عدليه، معيشت سميت هر شعبي ۾ انهن جو خدمتون آهن. هن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن جو گهر هندوستان ۾ هو جتي سکن ان جي سارسنڀال ڪئي ۽ گهر کي سنڀالي رکيو جنهن تي اسان کي خوشي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو